Home / ويندي ويندي / اٿي سنڌي، تعليم پراوڻ چ آپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي!
above article banner

اٿي سنڌي، تعليم پراوڻ چ آپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي!

اها ڳالهه چوڻ ته سنڌ جي تعليم جا حال پُورا آهن، ننڍڙي ڳالهه آهي. بلڪه اڌوري ڳالهه آهي. سڄو سچ هن ريت آهي: سنڌ جي تعليم ڪڏهوڪو پوري ٿي. هاڻ سندس لاش آهي جيڪو سنڌ جو تعليم کاتو ڪُلهي تي کڻي ڦري پيو. ان کي دفن ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڄاڻو حلقن جو خيال آ ته اهو لاش سرڪار ان ڪري دفن ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جو ان سان سندن روزي لاڳاپيل آهي. هر سال بجيٽ ۾ سوا سئو ارب رپيا تعليم جي مد ۾ رکيا وڃن ٿا. انهن مان وڏو حصو مٿي ويٺل صاحبان ؛ جن ۾ شامل آهن: ادو، ادي، پير،وزير، سيڪريٽري وغيره وغيره . پوءِ اچي ٿو وارو هيٺ ويٺلن جو جن ۾ شامل آهن : جناب سيڪشن آفيسرز، اي ڊي اوز، ايس ڊي اوز، ماستر، پٽيوالا، ٺيڪيدار مُنشي، وغيره وغيره. اها سڄي گينگ آهي جن جي گهرن جو چرخو تعليم کاتي کي ملندڙ سوا سئو ارب رپين تي هلي پيو (سواءِ ادي ۽ ادي جي، جن لاءِ تعليم کاتي کان سواءِ مُلڪ مولا جو ٻيو به پيو آ! )

سو اوهان جيڪڏهن اهو ڏسي ته سنڌ ۾ تعليم کاتو قائم ۽ دائم آ، آس ۽ اُميد رکيو ويٺا آهيو ته اسان جا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهي پوندا ته اِها اوهان جي ڀُل آهي. حقيقت هِن ريت آهي ته اهو کاتو قائم رکڻ سرڪاري وسيلهِ روزگار اسڪيم جو حصو آهي جنهن رستي لک سوا انسان (بشمول ماسترن جي) پنهنجي روزي ۾ لڳا پيا آهن. اوهان کي ٻارن کي واقعي به پڙهائڻو آهي ته ان لاءِحڪومت پرائيويٽ اسڪولن جو ڄار وڇايو آهي.( انگريزي ۾ ڄار کي ڇا چوندا آهن؟ Trap؟) سو ، وڃو ۽ پنهنجي ٻارن کي پنهنجي حيثيت آهر اسڪول ۾ داخل ڪرايو. نيرو، واڱڻائي، گلابي، ناسي ، جيڪو وڻيوَ يونيفارم پارايو ۽ پڙهايو. اسان وٽ هڪڙا اهڙا به ڄاڻو حلقا آهن جو خيال آ ته سرڪار، خاص طور تي پيپلي سرڪار جو وس پڄي ته پرائيويٽ تعليم جو به سرڪاري تعليم وارو حشر ڪرائي جو ڄٽ سنڌي پڙهي لکي پوڻ کان پوءِ پ پ جي وڏيري جي چئي آکئي مان نڪري ٿو وڃي. پر پرائيويٽ تعليم آڏو وڏيرو مجبور آ.

july-31-2014     58

تعليم کاتي جي ڏاچي ڏه هڻي ته يونيورسٽين جي کاتي جي توڏي وري تيرهن. سنڌ جي پبلڪ يونيورسٽين گذريل ٽيهن سالن ۾ جيترا جڏا شاگرد پيدا ڪيا آهن اوترا ته ٽالپرن جي صاحبي ۾ سنڌي سپاهي به ڪونه ڀرتي ٿيا هئا جن انگريزن هٿان 1842 ۾ سنڌ ڦُرائي. اسي جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جيڪي تعليمي سربراه مقرر ٿيڻ شروع ٿيا سي ردي، ٽڪي جا ماڻهو هيا. مارشلائي زمانو هيو. سج لٿي کان پوءِ سرڪٽ هائوس ۾ وڃي اصل سرڪار جا سلامي ٿيندا هيا. لوفر شاگردن جي سرپرستي ٿيندي هُئي ۽ پڙهائي جو ماحول بهتر ڪرڻ جي ڳالھ ڪندڙن کي کنگهندا به ڪونه هيا. استادن ۾ به ٽولي بازي جو رواج وڌائون. پڙهائيندڙ استاد معنيٰ ردي. يونيورسٽي جي وي سي ٿيڻ لاءِ سفارشون بلڪه ڏوڪڙ ڀربا. پوءِ وري اهي ڏوڪڙ يونيورسٽي جي بجيٽ مان ڪـڍبا. حميد ميمڻ عرف سنڌي، آر اي شاھ ، نذير مُغل ، اڪبر حيدر سومرو ۽ اهڙا کوڙ جوان جا پُٽ ٺونٺيون ۽ جانٺا هڻي وائس چانسلر ٿيا جيڪي يونيورسٽين جي سربراهي ته پري ڪنهن ٿاڻي جي چوڪي انچارج جي ذهني معيار برابر مس هئا. پر سندن سفارش مضبوط هُئي، ڪرسي تي ويٺا ۽ تعليمي ادارن جو خانو خراب ڪري ڇڏيائون. اها مشڪري اڃا هلي پئي. نوابشاه ۾ هڪ تعليمي اداري جو سربراه ان ڪري مقرر ٿيل آهي جو هو ڪنهن بااثر ادِي جو مئينيجر رهيو. همراھ پڙهيل ايم اي آهي. اهڙا کوڙ نالا آهن. ڪو غوث علي شاه جي سفارش سبب، ڪو لياقت جتوئي ته ڪو ڏوڪڙ ڀري يا نائين زيرو ۽ گورنر هائوس جا چڪر ڪاٽي وائيس چانسلر ٿيو. اڄڪلهه بلاول هائوس جو بول بالا آهي.

ان حالت ۾ سنڌي نوجوان مان اها اميد رکڻ ته يونيورسٽي يا پروفيشنل ڪاليج مان معياري تعليم وٺي اچي ڪراچي يا لاهور جي پرائيويٽ مارڪيٽ ۾ پنهنجي نوڪري ڳولي، ٽالپرن جي سپاهين کان اها اميد ڪرڻ برابر آهي ته اهي چارلس نيپيئر جي جديد هٿيارن سان ليس پروفيشنل فوج کان جنگ کٽي ڏيکاريندا. اهڙا نوجوان ۽ سپاهي ٻي دنيا جو ڌوڙ مقابلو ڪندا. ڪٿي زنگ لڳل ترارون ۽ ڀالا، ڪٿي جديد توپون؟ ڪٿي ڪراچي جي پڙهائي ڪٿي خيرپور يونيورسٽي؟

سو، ٿئي اهو ئي ٿو ته شاه لطيف يونيورسٽي مان ايم بي اي ڪيل شاگرد کي ڪا ملٽي نيشنل ڪمپني رسيپشنسٽ جي به نوڪري نه ٿي ڏئي جو ان لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ سٺي انگريزي اچڻ جو شرط آهي .

اسان جا با اثر ماڻهو سنڌ جي ترقي جي بجيٽ پنهنجي نجي ترقي تي خرچ ڪندي ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ جوڙيل محل ۾ رات جو ولائتي ٻولي ۾ ، ولائتي پاڻي تي ڪچهري ڪندي ولائتين سان سنڌي ماڻهن جي نا اهلي تي چٿرون ڪندا. کين گهٽ وڌ ڳالهائيندا. پاڻ کي مسيت جو ڪک ڪوٺيندا . باباسائين، نذير مغل جهڙن کي مادر علمي تحفي ۾ به ته اوهان پارن صاحب حيثيتن ڏني. سنڌ ۾ اڄ هزارين لکين نااهل سنڌي شاگردن جي فوج پيدا ٿي رهي آهي ته ان ۾ سنڌي شاگرد جو سڄو سارو ڏوه ناهي. اوهان جي نيت ئي ناهي ته سنڌي پڙهي لکي پوَن ۽ اوهان کان اوهان جي صاحبي کسي وٺن.

اڄ ساڳو سنڌي شاگرد سکر آءِ بي اي کان به ڊگري وٺي نڪري پيو ۽ سنڌ يونيورسٽي کان به. سکر جو شاگرد ڪراچي جي شاگرد سان مقابلو ڪري ٿو ۽ سنڌ يونيورسٽي وارو وڃي ڳوٺ ويهي ٿو. رڳو تعليمي اداري جي سربراه جي فرق سان “نااهل” سنڌي “اهل” ٿي وڃي ٿو؟ ڇو؟ برابر شاگرد سياست جو به ڏوه آهي پر نياڻين جا ڪاليج جتي نه ڪو جهنڊو آهي نه چاڪنگ، اتي اوهان کي تعليم سڌارڻ کان ڪنهن روڪيو هيو يا آهي؟

اسان ته ان نتيجي تي پهتا آهيون ته جيسيتائين سنڌ جي سياست سنڌ جي سڄڻن جي هٿ ۾ اچي ۽ اهي فيصلا ڪن ته سنڌ جي بجيٽ ڪٿي ڪيتري خرچ ڪيون، ڪير اسان جي ٻارن جو ڌڻي ٿئي تيسيتائين علم ۽ صحت جي ميدان ۾ ڪي نثار صديقي، ڪي ايڌي انقلاب آڻين. پيپلي، ليگلي ۽ مُشرفي ڏرين جو جو تعليم کاتي ۾ ڊوھ کين ڦٻيو. اسان جا هٿ اڀا. ڪيسيتائين ويٺا هنن سان مٿو هڻنداسين؟ اٿي سنڌي، آپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو