Home / بلوچستان / بلوچستان: عورتن تي تيزاب هارڻ جي واقعن ۾ خطرناڪ واڌ!
above article banner

بلوچستان: عورتن تي تيزاب هارڻ جي واقعن ۾ خطرناڪ واڌ!

جيتوڻيڪ سياسي ۽ عسڪري قيادت طرفان اهي دعوائون ڪيون وينديون آهن ته بلوچستان جون حالتون تبديل ٿي رهيون آهن ۽ ماضي جي ڀيٽ ۾ امن امان جي صورتحال گهڻي بهتر ٿي آهي. ليڪن ٻئي طرف بلوچستان ۾ تشدد جا واقعا ساڳي ريت برقرار آهن. بلڪه گذريل ڪجهه هفتن دوران ڪوئيٽا ۽ مستونگ ۾ ٿيل واقعن مان خوف ۽ عدم تحفظ جي نئين احساس جنم ورتو آهي. 21 جولاءِ تي صوبائي راڄڌاني ڪوئيٽا جي علائقي سرياب ۾ علي ڪمالو ۾ چئن بلوچ عورتن تي ان وقت سرنج وسيلي تيزاب اڇلايو ويو جڏهن اهي عيد جي شاپنگ لاءِ وڃي رهيون هيون. اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن مٿن تيزاب اڇلايو ۽ ڀڄي ويا. تيزاب لڳڻ سبب عورتن جا هٿ پير ۽ چهرا سڙي ويا، جن کي طبي امداد لاءِ بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس منتقل ڪيو ويو.

واقعي کان ترت پوءِ صوبائي گهرو وزير سرفراز بگٽي واقعي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل انتظاميه کان رپورٽ گهرائي ورتي جڏهن ته ڪئپٽل پوليس آفيسر عبدالرزاق چيما ان واقعي جي تحقيقات لاءِ اي ايس پي سرياب جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي ۽ کيس ترت تحقيقات مڪمل ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

اڃا 24 ڪلاڪ ئي نه گذريا هئا ته ضلعي مستونگ ۾ عورتن تي تيزاب هارڻ جو هڪ ٻيو واقعو پيش آيو. مستونگ شهر ۾ 14 کان 15 سال جي عمر رکندڙ ٻه ڀينرون عيد خريداري لاءِ بازار آيل هيون خريداري کانپوءِ جڏهن گهر واپس وڃي رهيون هيون ته موٽر سائيڪل تي سوار ٻن اڻڄاتل ماڻهن مٿن تيزاب اڇلايو، ٻن ڀينرن مان تيزاب هڪ جي ڪنڌ تي ۽ ٻئي جي منهن تي لڳو، ٻنهي ڀينرن کي شروعاتي امداد لاءِ مستونگ شهر جي هڪ خانگي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو، اڃا تائين حملي جا سبب معلوم نه ٿي سگهيا آهن. بلوچستان ۾ 24 ڪلاڪن اندر تيزاب هارڻ جو هي ٻيو واقعو هو.

بلوچ قومپرستن ۽ مزاحمتڪارن طرفان اهڙي عمل تي نه رڳو ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي بلڪه اهڙن واقعن کي بلوچستان جي ترقي پسند روشن خيال چهري کي بگاڙڻ جي گهري سازش پڻ قرار ڏنو آهي. حڪمران جماعت نيشنل پارٽي جي ترجمان عورتن تي تيزاب اڇلائڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي بلوچ علائقن ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارڙين تي تيزاب هارڻ واري عمل کي کليل دهشتگردي قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته دهشتگرد عنصر خوف ۽ حراس جو ماحول پيدا ڪري سماج کي تباهه ڪري دهشتگردي ۽ انتهاپسندي وسيلي پنهنجي ايجنڊا مڙهڻ چاهين ٿا، جنهن جي اجازت ڪو به مهذب سماج نٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته اسان سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته انهن واقعن ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ضرورت پوڻ تي اهڙن دهشتگرد عنصرن خلاف ضرب عضب جهڙو آپريشن ڪرڻ کان به نه ڪيٻايو وڃي۔.

july-31-2014     39

بلوچستان نيشنل پارٽي طرفان اهڙن واقعن جي مذمت ڪئي وئي آهي جڏهن ته قومپرست حلقن جو خيال آهي ته بلوچستان جي آجپي جي حوالي سان جاري تحريڪ جي عالمي سطح تي پذيرائي سبب رياستي قوتن انتهاپسندي ۽ مذهبي جنونيت جو ٻج ڇٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هزاره برادري جي فرقيوار بنيادن تي ٽارگيٽ ڪلنگ کانپوءِ عورتن تي تيزاب اڇلائڻ جي واقعن ۾ واڌ ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي ته جيئن بلوچ آجپي جي تحريڪ کي عالمي سطح تي بدنام ڪيو وڃي. بلوچستان جي سنجيده حلقن کي پڻ اهڙن واقعن تي شديد ڳڻتي آهي. سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار سليم شاهد جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ هڪ قبائلي معاشرو آهي ۽ هتي دشمنيون پاڙڻ لاءِ به ڪڏهن عورتن تي تيزاب اڇلائڻ وارو طريقو اختيار ناهي ڪيو ويو. اسان اهو ٻڌندا رهندا هئاسين ته پنجاب ۾ اهڙي قسم جا واقعا ٿين ٿا جتي عورتن جا چهرا بگاڙڻ لاءِ مٿن تيزاب اڇلايو وڃي ٿو.

بلوچستان ۾ عورتن خلاف هي هڪ نئون حربو آهي، جنهن تي ماڻهن کي ڳڻتي آهي ته بلوچستان ۾ اهو طريقو ڪٿان آيو، بلوچستان جي ڪنهن بلوچ آبادي واري علائقي ۾ عورتن تي تيزاب اڇلائڻ جي واقعن جو سلسلو ٽي چار سال اڳ اڳوڻي حڪومتي دور ۾ شروع ٿيو هو. جڏهن قلات ۽ دالبدين ۾ هڪ انتهاپسند گروهه پمفليٽ سازي ڪندي عورتن جي چوديواري کان ٻاهر نڪرڻ تي پاڻ هرتو پابندي لاڳو ڪئي هئي.

2010ع ۾ قلات ۽ دالبندين ۾ عورتن تي تيزاب هارڻ جا واقعا پيش آيا هئا. دالبندين ۾ بلوچ غيرتمند نالي هڪ تنطيم ان واقعي جي ذميواري قبول ڪندي خبردار ڪيو هو ته ”عورتون نه رڳو پردي جي پابندي ڪن بلڪه اهي ڪنهن به مرد کانسواءِ بازار نه وڃن، ٻي صورت ۾ ساڻسن پيش ايندڙ ڪنهن به واقعي جون اهي پاڻ ذميوار هونديون.“. دالبندين ۾ ورهايل پمفليٽ ۾ اهو به چيو ويو هوته : غيرت مند بلوچ پنهنجي عورتن کي بازار وڃڻ نه ڏين. جيڪڏهن ڪو مريض هجي ته پاڻ سان گڏ مرد ضرور وٺي اچي ۽ جيڪي عورتون بازار ۽ گهٽين ۾ کليل چهرن سان نظر اچن ته سندن مٿان تيزاب اڇلايو وڃي، جنهن جي ذميواري متاثر عورت تي لاڳو ٿيندي.

پمفليٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بازار شيطان جي جاءِ آهي ۽ اڄڪلهه عورتون بازار ۾ شاپنگ لاءِ اهڙا ڪپڙا پائي وڃن ٿيون جن کان شيطان به شرمائي وڃي.

پمفليٽ جي آخر ۾ هڪ دڪان ۾ ڪاسمٽيڪ جو سامان ڏيکاريو ويو آهي جنهن تي ڪاٽو ڪراس جو نشان ڏنل آهي جڏهن ته ٻئي پاسي هڪ پراڻي عمارت جي تصوير ڏيکاري وئي آهي جيڪا سادگي جي زندگي کي ظاهر ڪري ٿي. بلوچستان ۾ لڳ ڀڳ سمورين قومپرست پارٽين، مزاحمتي ڌرين سميت عورتن تي تيزاب اڇلائڻ وارن واقعن جي مذمت ڪندي اهڙن واقعن کي بلوچ روايتن خلاف قرار ڏنو آهي. انهن جو چوڻ هو ته ڪجهه قوتون بلوچ سماج کي انتهاپسندي ڏانهن وٺي وڃڻ ٿيون چاهين، جنهن کي بلوچ قوم ناڪام بڻائي ڇڏيندي.

ڪوئيٽا ۽ مستونگ ۾ پيش آيل هاڻوڪن واقعن جي ته ڪنهن به گروهه يا تنظيم ذميواري قبول نه ڪئي آهي. ان هوندي به هيومن رائيٽس ڪميشن جي طاهر حسين ايڊووڪيٽ جو چوڻ هو ته وومين پروٽيڪشن ايڪٽ لاڳو نه ٿيڻ سبب اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن، جيستائين وومين ايڪٽ مڪمل ريت لاڳو نه ڪيو ويندو صورتحال ۾ بهتري اچڻ ممڪن نه آهي. ٻئي پاسي سنجيده سياسي حلقن جو خيال آهي ته عورتن تي تيزاب اڇلائڻ جا وڌندڙ واقعا ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته هي سماج سرمائيداري جي اثر هيٺ ڳري سڙي چڪو آهي ۽ بربريت روز نين شڪلين ۾ پنهنجو اظهار ڪري رهي آهي. اهڙين حالتن ۾ ملائيت ۽ بورزو البرل ازم، ٻئي عورتن جي نجات لاءِ لائحه عمل ڏيڻ کان قاصر آهن.

حقيقت اها آهي ته عورت سماجي طور تي تيستائين آزاد نه آهي، جيستائين اها معاشي طور طور تي آزاد ۽ خودمختياري نه هجي ۽ معاشي توڙي سماجي خودمختياري هاڻوڪي نظام جي اثر هيٺ رهي حاصل نه ٿي ڪري سگهجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو