Home / اسپيشل افيئر / جنيد جمشيد: پاپ ميوزڪ کان تبليغي جماعت تائين!
above article banner

جنيد جمشيد: پاپ ميوزڪ کان تبليغي جماعت تائين!

Nadeem F parachaهي سال 1993 جي ڳالهه آهي، وائيٽل سائنز جي ليڊ سنگر جنيد جمشيد ۽ بانيڪار روحل حيات سان گڏ بيئر پيئندي مون جنيد جمشيد ۾ ڪجهه عجب محسوس ڪيو، جڏهن هن دي بيٽلز ۽ پنڪ فلويڊ جي ميوزڪ کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو. شايد هي مري(Murree) جي مشهور بيئر جو اثر هو ليڪن پوءِ به مون کي ان وقت پڪ ٿي وئي ته اڳتي هلي جنيد جمشيد اهڙو روپ اختيار ڪري وٺندو جنهن جي باري ۾ ڪنهن ڪڏهن سوچيو به نه هوندو.

نوي جي ڏهاڪي ۾ ڪلچرل رپورٽر ۽ ميوزڪ نقاد جي حيثيت سان پنهنجي ڪيريئر دوران مون هميشه اهو موقف رکيو ته جنيد جمشيد بيشڪ پاڪستان جو سڀ کان بهترين سٺو آواز رکندڙ ۽ حساس گلوڪار آهي. ليڪن جنيد جشميد ڪجهه پريشان طبيعت رکندڙ هو ۽ ان حقيقت جي وائيٽل سائنز جي سرپرست شعيب منصور کي چڱي طرح خبر هئي. بدقسمتي سان ان حقيقت کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو يا لڪايو ويو. جنيد جمشيد وائيٽل سائنز ۾ 1987ع ۾ ان وقت شامل ٿيو جڏهن هو لاهور جي هڪ ڪاليج ۾ انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو. 1988ع ۾ وائيٽل سائنز جي سونهري دور جي شروعات کانپوءِ 1997ع ۾ گروپ جي خاتمي تائين اهو جنيد جمشيد جو آواز ئي هيو جنهن گروپ کي ڪاميابين ۽ شهرت جي اوچائي تي پهچائي ڇڏيو. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته وائيٽل سائنز جي گهڻن ميمبرن جا مختلف عورتن سان لاڳاپا رهيا ليڪن جنيد جمشيد 1989ع ۾ هڪ اهڙي عشق جي ور چڙهي ويو جنهن نيٺ کيس ڊپريشن ڏانهن ڌڪي ڇڏيو.

ان وقت ان ڳالهه کي گهڻو محسوس نه ڪيو ويو ليڪن 1994-95ع ۾ وائيٽل سائنز جي شهرت جي اوچائي وارن ڏينهن ۾ جنيد جمشيد اهڙي دماغي حالت جو شڪار هو، جنهن نيٺ کيس سخت گير اصلاحي تحريڪ تبليغي جماعت جو مشهور نمائندو بڻائي ڇڏيو.

1995ع ۾ وائيٽل سائنز جي البم ”هم تم“ جي رليز کان پوءِ جنيد جمشيد اخبارن ۽ رسالن کي شڪايتي خط موڪلڻ شروع ڪيا جن ۾ هن جو چوڻ هو ته هو اهڙن موسيقارن جي ميوزڪ عام ڪري رهيو آهي جيڪي نشي جا عادي ۽ شيطان جا پوڄاري آهن. شعيب منصور ۽روحل حيات جيتوڻيڪ ان حقيقت کي محسوس ڪيو ته جنيد جمشيد جي سماجي ۽ مذهبي خيالن ۾ انتهاپسندي ۽ قدامت وڌي رهي آهي ليڪن انهن پوءِ به اهو نه سوچيو ته سندن اڳيان موجود ميوزڪ انڊسٽري ۾ سندن هڪ ويجهو ساٿي جنيد اهڙي زوال طرف وڃي رهيو آهي، جتي سندس ايمان ۽ عقيدي بابت سوال ضرور اٿاريا ويندا.

پاپ سنگر کان تبليغي جماعت جو سفر اوچتو نه ٿيو بلڪه اهو تڪليف ڏيندڙ سفر سالن تي ٻڌل هو جنهن جا اثر هوريان هوريان اڳيان اچڻ شروع ٿيا. جنيد شهرت سان تمام گهڻو چاهه رکندو هو، نه رڳو ميوزڪ انڊسٽري ۾ پر فلم ۽ ٽي وي ۾ به. ان ڳالهه ئي کيس وڌيڪ محنت ڪرڻ تي مجبور ڪيو، انهي حد تائين جو جنيد ”هم تم“ (وائيٽل سائنز جو آخري البم) کانپوءِ به گروپ جو سفر جاري رکڻ تي بضد هو. اها ڳالهه به رڪارڊ تي آهي ته جنيد جمشيد چوندو هو ته ميوزڪ ئي سندس زندگي آهي ۽ ان ڪارڻ ئي هن وائيٽل سائنز گروپ ختم ٿيڻ کانپوءِ به انفرادي طور ٻه مشهور البم رليز ڪيا.

july-31-2014     47

ليڪن جنيد جمشيد فرسٽريشن جو وڌ مان وڌ (شعوري طور تي ) شڪار ٿيندو پئي ويو ڇو ته وائيٽل سائنز کي ٻيهر جوائن ڪرڻ جي جنيد جي درخواست تي روحل حيات ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي شعيب منصور، جنيد جي اسرار باوجود کيس پنهنجي فلم ۾ شامل ڪيو ۽ پوءِ ايئن فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو جنيد جو خواب خواب ئي رهيو.

روحل جو لبرل مائينڊ سيٽ ميوزڪ ۾ سندس ذوق ۽ رهڻي ڪهڻي، جنيد جي خيالن سان هميشه ٽڪراءُ ۾ رهيا، جيڪو پوش زندگي گذارڻ باوجود هڪ آرٽسٽ جي حيثيت ۾ گذارڻ چاهيندو هو. اهو تضاد ان وقت واضح طور تي سامهون آيو جڏهن روحل حيات 2002ع ۾ نازيه حسن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڪوٺايل هڪ ڪنسرٽ لاءِ وائيٽل سائنز کي ٻيهر متحد ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

جنيد جمشيد روحل حيات جي ان اعلان جو جواب ڪيئن ڏنو؟ اهو هڪ دلچسپ داستان آهي، ڪنسرٽ کان رڳو ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ جنيد جمشيد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو هو ته هو تبليغي جماعت ۾ ڪل وقتي طور شامل ٿي رهيو آهي ۽ اڳتي ڪنهن به ميوزڪ جي پراڊڪشن ۾ حصو نه وٺندو. حقيقت ۾ هو پنهنجو اهو وقت تبليغ ڪرڻ ۽ رائيونڊ ۾ تبليغي ميڙاڪن ۾ گذاري رهيو هو. ليڪن ڪنسرٽ ۾ هو اوچتو تبليغي جماعت جي ٻن ميمبرن ۽ پنهنجي اسٽائلش سونهاري سان منظر عام تي اچي ويو. جڏهن ميڊيا جي نمائندن هن کي سندس ميوزڪ کي غير اسلامي قرار ڏيڻ ۽ ميوزڪ کان هميشه لاءِ پاسيرو ٿيڻ وارن بيانن بابت پڇيو تڏهن هن وراڻيو ته جماعت جي سينئر ميمبرن موجب موسيقي ۾ ڪجهه به غلط نه آهي.

ڊينم جي جينز، ٽي شرٽ ۽ هڪ نفيس تراشيل ڏاڙهي سان جنيد جمشيد، روحل حيات، شهزاد ۽ وائيٽل سائنز جي گٽارٽس سلمان حيدر سان بهترين پرفارمنس ڏني ليڪن ڪنسرٽ جي پڄاڻي تي هو هڪ ڪرب ۾ مبتلا نظر آيو ۽ تيزي سان پاڻ ڏانهن آيل تبليغي جماعت جي ميمبرن ڏانهن هليو ويو ۽ ساڻن گڏجي نڪري ويو. هن کانپوءِ ان 2007ع ۾ رليز ٿيندڙ شعيب منصور جي فلم “خدا جي لاءِ” ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

جنيد جمشيد کليل طور شعيب منصور کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته هو جهادين ۽ تبليغين کي غلط نموني پيش ڪري نوجوان نسل کي گمراهه ڪري رهيو آهي، ليڪن جنيد جمشيد جو پنهنجو مونجهارو به چڱي طرح سان منظر عام تي آهي، سندس ليڪچر ۽ بيان تضادن سان ڀريل نظر اچن ٿا. جتي هو هڪ طرف ميوزڪ ۽ شوبز کي تنقيد جو نشانو بڻائي ٿو ته ٻئي طرف مهانگين ڊيزائينر ۽ نعت خوان جي حيثيت سان پنهنجي شهرت برقرار رکيو پيو اچي. هن پنهنجي نعتيه البم جي مشهوري لاءِ انهن ئي ”غير اخلاقي“ ذريعن ۽ چينلز جو استعمال ڪيو جن کي موسيقارن پنهنجي مشهوري لاءِ استعمال ڪيو. هاڻ هو ڊزائينر، نعت خوان ۽ مبلغ جي حيثيت سان ايتري ته مشهوري ماڻي چڪو آهي، جيتري هو ڪڏهن موسيقي ذريعي حاصل ڪرڻ جو خواهشمند هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو