Home / اسپيشل افيئر / جهاٽڙيا شڪاري ۽ سِها!
above article banner

جهاٽڙيا شڪاري ۽ سِها!

Khalid Kunbharشڪاري گهڻا تڻا جهاٽڙيا هوندا آهن . جهنگ ۾ لٿي کان پوءِ جيڪو جهٽ لڳو سو هڻبو . پٽ وري اهڙي پڪل اٿن, جو مئو مارايو بُل نـ ڇڏيندا.انهن شڪارين جي پاڻ واري ٿر ۾ هڪڙي جوءِ مهراڻو ۽ ٻيو پارڪرآهي. پارڪر ۾ هرڻ، روهه ۽ تلور وارا شڪاري لهندا آهن. پر مهراڻي واري ڪس ۾ وري رائيلن تي لهندڙ ٻاٽيٻڙ ، تتر، مور جا بيضا ۽ ٻچا، تتر جا ٻچا اها هنن جي جهنگ ۾ چوس آهي.

مهراڻي واري ڪس ۾ جهاٽڙين شڪارين جي عتاب ۾ گهڻو تڻو “سهو” ٿو اچي . سهي پٺيان رڻ ٻاري ڏنو اٿن. ڪس ۾ سهو آهي بـ گهڻو ، مارجي بـ گهڻو ٿو. شڪاري چون ٿا تـ شڪاري جو ماريو سهو ڪڏهن بـ جهنگ ۾ مري ڇيهـ ڪونـ ٿيندو. اهو انهي ڪري جو سهي جا ٻچا هڪڙا اڃا هلڻ جهڙا ٿيندا ئي مس آهن، وري مادي سهي ٻيا ٻچا ڏئي ڇڏيندي آهي. هڪڙا شڪاري چون ٿا تـ سهي جي مادي ويهه کان پنجويهـ ڏينهن جي وقفي سان ٻچا ڏي ٿي. ٻيا وري چون ٿا تـ چاليهـ کان پنجيتاليهـ ڏينهن ۾ ٻچا ڏي ٿي . بس ٻچن پٺيان ٻچا هوندا آهن. هڪڙي دفعي ۾ٻـ کان ٽي ٻچا ڏي ٿي. جڏهن مادي ٻچا ڏيندي آهي، اوڏي مهل هن جي جسم جا سمورا وار ڇڻي ويندا آهن . ٻچن کي کير پياريندڙ مادي سهي کي اوهـ ناهي هوندو. پر هن جي کل کي اندران کان کير سان ليپو يا راڳو آيل هوندو آهي. جن شڪارين اها کل لاٿي آهي اها اهي شاهدي ڏين ٿا. جي شڪارين تي جهل هجي ۽ ٿوري گهڻي روڪ ٿئي تـ مهراڻي واري ڪس ۾ سها ولر ڪري هلندا ڏسو . پر ڪس ۾ شڪاري تـ جيڪو چرندڙ سهو ڏسن ٿا تنهن کي دير ئي نٿا ڪن. هونئن چون ٿا تـ سهو مڪروه آهي. پر اوڳر وارڻ جي ڪري حلال آهي. مڪروه انهي ڪري جو لڳ ڪرڻ کان اڳ۾ مادي سهي کي ايندو آهي. سهو ٻين جهنگ جي جانورن وانگر موسمي لڳ نـ پر ٻارنهن ئي مهينا لڳ ڪندو آهي ۽ ٻچا ڏيندو آهي. سهي جا جهنگ ۾ ويري گدڙ ، جهنگلي ٻلو۽ جي پنهنجي منهن ويٺو هجي تـ لومڙ بـ وڃي ڳچي مان جهليندس .سهو اکين مان ڪجهـ جهڪو هجي ٿو . پر هن جا ڪن ڪمال جا آهن .جيترا وڏا آهن، ايترو ٻڌڻ جا سرلا آهن. جي کڙڪو ٻڌي ويو تـ هرو ڀرو جهل ڪونـ ڏيندو. ڀڄڻ جو اهڙو تيز آهي جو ڪي ڪي شڪاري چون ٿا تـ هرڻ بـ هرو ڀرو ڪونـ رسندو . اڳين پيرن سان ايئن لڳندو ڄڻ زمين ويڙهيندو پيو وڃي . توڙي جو هي ٽپڪيون ڏئي هلندو آهي . پر پوءِ بـ ڀڄڻ جو حد کان تکو آهي. شڪاري اهو بـ چون ٿا تـ سهو يڪ ساهي ڏه ڪلوميٽر تائين بـ ڊوڙي سگهي ٿو. هن جي سڄي سگهـ هن جي اڳين ٻن پيرن ۾ آهي. انهي ڪري شڪاري جي هر ممڪن ڪوشش هوندي آهي تـ ڌڪ اڳين پيرن ۾ لڳي. ڪاتر ، گليل ،گهوٻاٽي وارو تـ اهو ئي ڪوشش ڪندو . ڪاتر وارو جڏهن ڪاتر اڇليندو آهي تـ ڪمال ڪندو آهي جو ڪاتر زمين جو تر تر وٺيو پئي ويندي آهي. پر هاڻ وري بندوق تـ بس جتي لڳي اتان اڊيڙيندي ويندي. سهو جوڙي ۾ ناهي جهنگ ۾ رهندو اڪيلو پاٿاري ٺاهي وهندو آهي. پر جي شڪ ٿيس تـ پاٿاري مٽائيندو. اها بـ ڪا خاص ناهي هوندي بس ڪک پن هڪڙي پاسي ڪري ننڍڙي کڏ هڻندو آهي. ايتري جو انهي مان ڪن ڪڍيو پيو چوڌاري ڏسندو آهي.

july-15-2014    40

سياري ۾ هن جي عادت آهي جيڪا واٽ ڏئي ويندو اها ئي واٽ ڏئي واپس ايندو. سياري جو نڪرندو بـ دير سان منهن انڌاري پوڻ کانپوءِ . اونهاري ۾ وري جتان آيو اتان پيو ويندو ۽ نڪرندو بـ سوير, تقريبن پنج بجي تائين جيئن ڏينهن ٺرندو هي نڪرندو. پاٿاري تان نڪري پهرئين پنهنجا ٻئي چنبا منهن تي پيو گهمائيندو. پوءِ چرڻ لاءِ روانو ٿيندو آهي. سهو بس چرندو ئي رات جو آهي. هن جو کاڌ گاه آهي. پر بک مرندي ديوين جا پلڙا بـ کائيندو آهي. سهي جو رات جو چرڻ جي ڪري شڪاري بـ سهي جو شڪار رات جو ڪندا آهن. اهو بـ گهڻو اونداهين ۾ ساهين ۾ جهل ڪونـ ڏيندو. شڪاري پهرئين سهي جا پير اهاڙيندا آهن . هن جو پير سولو آهي. هن جي پير ۾ وار ٿين ٿا . سو شڪاري ڌڪ سان سهي جو پير سڃاڻي وٺندو . ٻيو تـ سهي جو پيشاب اڇو ٿيندو آهي. پر زمين کي هئيڊو ڪري ڇڏيندو آهي. ٻي ڳالهـ تـ سهي جون ڦولڙيون بـ اڇيون ٿين ٿيون. شڪاري اهاڙ ڏيڻ مهل اهي سموريون شيون نظر ۾ رکندا آهن. پيرن جي اهاڙ ڏئي سهي کي مارڻ لاءِ جيڪي طريقا استعمال ڪندا آهن . انهن ۾ ڪاتر،گهوٻاٽو،گليل جو ڳوڙهو، پر اهي طريقا آهن جهنگ جي ماڻهن جا جنهن ۾ ڪولهي گهڻو تڻو مهراڻي ۾ شڪار ڪري ٿو. ٻيو طريقو آهي بندوق وارو، انهي طريقي سان وري مهراڻي ۾ تقريبن سرياند وڏيرا شڪار ڪن ٿا . پر شاخ وارن چانڊين تـ مورڳو رڻ ٻاري ڏنو آهي

.جڏهن اهي شاخ وارا چانڊيا سهو ماري گهر ورندا آهن تـ اهو انهن لاءِ عيد جو ڏينهن هوندو آهي. پيراڻي خان لشڪاري چانڊئي وٽ تـ گهر ۾ سها پاليل بـ آهن. بس اهي رات سڄي هجن ئي جهنگ ۾ ٿا. انهي ۾ وري موٽر سائيڪل جي لائيٽ يا سرچ لائيٽ سهي کي مارائيندي دير ئي نٿي ڪري. بس ڀڄندڙ سهي تي بـ جي سرچ لائيٽ جي روشني پئي تـ اتان سهو وک بـ ڪونـ کڻندو. پوءِ بس اهي شڪاري ٺڪا کڻي بندوق ڪرائن تـ رکيو آهي پٽ تي. رات جو رڇ هڻي هوڙ بـ ڪندا آهن. انهي سان سهو اچي رڇ ۾ ڦاسندو آهي. ڪي ڪي وري “ڪوڻاٺي ” سان بـ سهي کي جهليندا آهن. انهي جي ڦندي ۾ ڦاسي پوندو تـ اتي انهي ڏوري ۾ گهنگهرو يامٽر ٻڌل هوندو آهي. جئين سهو ڪوڙڪي ۾ ڦاٿو گهنگهرو وڄندو شڪاري پهچي ويندو. رڇ ياڪوڙڪي ۾ ڦاسڻ مهل سهي جي ڪيهو ڪيهـ هوندي آهي. جهڙو ڪر معصوم ٻار پيو ڪيهون ڪري. تازي ڪتي سان بـ سهي کي شڪاري جهليندا آهن. تازي ڪتو رسو جهلي بيٺو هوندو جيستائين ڌڻي نـ رسي. ڪڏهن ڪڏهن جي ٻـ شڪاري هوندا تـ هڪڙو سهي جي سامهون بيهندو سهي جو ڌيان اوڏانهن هوندو . ٻيو پٺيا شڪاري پير تي پير ڏئي سهي کي جهلي وٺندو.

ڪڏهن ڪڏهن شڪاري ٻچن واري سهي کي بـ ماري وجهندا آهن . بي رحم ايڏا جو جيڏي مهل سير وجهي پيٽ ڪري اوجهري ڪڍندا آهن تـ ٻچا پيا تڙپندا آهن . ڪڏهن وري سوئا سهي بـ ماري وجهندا آهن. پٺيان جهنگ ۾ انتظار ۾ ويٺل ٻچن جي ڪيهو ڪيهـ هوندي آهي.

جهٽ نـ لڳڻ جي صورت ۾ پاءِ وارو ٻچڙو جهليندي بـ ناهن گسندا. نـ تـ نر مادي هوشيار شڪاري پري کان سڃاڻي وٺندا آهن. نر بدن ۾ هلڪو ۽ ڀڄڻ جو بنهه تکو هوندو آهي. مادي انهي جي ڀيٽ ۾ بدن ۾ ڳري ۽ ڀڄڻ جي اڀري هوندي آهي. هڪڙي سهي ۾ گوشت ڪلو کان ڏيڍ ڪلو ٿيندو آهي. پر هن جو گوشت اهڙو آهي جي ڪنهن هڙ ۾ ٻڌي لڙهندڙ پاڻي ۾ ٻڌبو تـ ايترو نرم آهي جو ڪجهـ دير ۾ رڳو هڏيون وڃي بچندو. برسات ۾ وري گپ ۾ سهي کي هلڻ ڏکيو ٿيندو آهي.

سهي لاءِ اها ڳالهـ بـ ٿر ۾ هلندڙ آهي تـ صرف وسڪاري ۾ پاڻي پيئندو آهي. گهر ۾ سها پاليندڙ چون ٿا ته جهنگلي ۽ پالتو سهي ۾ فرق آهي . جهنگلي سهو ڀلي ننڍڙو گهر کڻي اچي پاليو پر وجهـ مليس تـ ڀڄي ويندو. پر لشڪارو چانڊيو چوي ٿو تـ نر سهو ٻچن جو مادي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خيال ڪري ٿو. شڪاري سير کان پوءِ پهرئين ڪوشش اوجهري ڪڍڻ جي ڪندو نـ تـ گوشت ڌپ ڪري ويندو. سهي کي“ڪن رڳ” واري سور جي مريض کي تيل ۾ ڪاڙهي کارائيندا آهن.

هن جا ڪن وڍي ڇرڪ ڀريندڙ ٻار کي ٻڌندا آهن. اهو بـ چون ٿا تـ سير وجهڻ مهل جي دم جو مريض بيٺل هجي انهي کي سير وارو رت بـ پياريندا آهن. انهي سهن جي شڪار تي جهنگلي جيوت وارو کاتو ڪو ڌيان ڏي نـ تـ ڪس ۾ سهي جو نسل ئي تباه ٿي ويندو .

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو