Home / سنڌ افيئر / ذوالفقار مرزا اِن ايڪشن !
above article banner

ذوالفقار مرزا اِن ايڪشن !

Allah Bachayoسنڌ جو اڳوڻو گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جنهن اوچتو 2011ع جي مها ٻوڏ واري سال پيپلز پارٽي جي قيادت کان سخت ناراض ٿي پنهنجي اهم وزارت، ايم پي اي جي سيٽ ۽ پ پ سنڌ جي نائب صدر وارن سمورن عهدن تان استعيفيٰ ڏيئي ان وقت سنڌ حڪومت ۾ شامل ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۽ ملڪ دشمن ڪوٺيندي سنڌ جي حقن لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين جدوجهد جاري رکڻ جي دعويٰ لٿو ۽ پوءِ اردو ۽ انگريزي ميڊيا کيس غير معمولي ڪوريج ڏيئي هيرو بڻائي ڇڏيو جو اهو ملڪ جي سڀني اهم ٽي وي چئنلن جي ٽاڪ شوز ۾ نظر اچڻ لڳو ۽ جيو نيوز ٽي وي جي پروگرام ۾ هن جو قرآن پاڪ مٿي تي رکي سچ ڳالهائڻ وارو منظر ڏاڍو مشهور ٿيو. جنهن ۾ هن ايم ڪيو ايم جي سنڌ کي ٽوڙي ٻه اڌ ڪري جناح پور ٺاهڻ، پاڪستان کي ٽوڙڻ، لساني ڌر جي هٿياربندونگ ۽ ٽارگيٽ ڪلر ونگ بابت ميڊيا کي انتهائي ڳجها دستاويز ثبوت طور ڏيکاريا. ان سان گڏ ڪراچي ۾ سوين قتلن ۾ مبينه ملوث ڪيترن ئي اجمل پهاڙي، ڪن ڪٽيل ۽ لنگڙا جي ڪيل سنگين ڏوهن جا ثبوت ميڊيا کي فراهم ڪيا. قومي ۽ عالمي ميڊيا تي وائکو ٿيڻ ڪري ايم ڪيو ايم جي قيادت کي اصل سر جي لڳي ويئي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جيڪو ان وقت سنڌ جو گهرو وزير هو جنهن جيو نيوز ٽي وي تي انڪشاف ڪيو ته صحافي ولي بابر کي ايم ڪيو ايم جي اعليٰ قيادت جي حڪم تي جن دهشتگردن قتل ڪيو، انهن جوابدارن کي مون گرفتار ڪرايو آهي. جن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ڪاوڙ وري اهڙي انداز ۾ نئين روپ جنهن ۾ هن خاص طور تي ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو جو انهن جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون هيون. ان وقت ميڊيا تي ڪن مبصرن ۽ تجزئي نگارن جا اهي پڻ تبصرا هئاته اها نورا ڪشتي آهي.

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو پڳ مٽ يار آهي. انهن ۾ اختلاف ٿي ڪو نه ٿا سگهن. ايم ڪيو ايم ان وقت جيئن ته پيپلز پارٽي لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويئي هئي ان لاءِ چيو ويو ته ايم ڪيو ايم کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ خود آصف علي زرداري، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي ايم ڪيو ايم جي دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ ميدان تي لاٿو آهي. انهن تجزئي نگارن جو اهو پڻ چوڻ هو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پيپلز پارٽي کي ايم ڪيو ايم سان مهاڏو اٽڪائڻ کانسواءِِ ان وقت مرزا واري وزارت سنڀاليندڙ، اڪثر گهڻا خواب ڏسندڙ گهرو زوير منظور وساڻ ۽ آصف علي زرداري جي ٻئي گهاٽي يار مڪاني ادارن جي وزير آغا سراج دراني تي به جڏهن ميڊيا ۽ الزامن جا تير وسائڻ شروع ڪيا. تڏهن انهن وزيرن پڻ جوابي ڪارروائي ڪندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تي مختلف الزام هڻڻ شروع ڪيا. ميڊيا ۾ الزامن جي هلندڙ جنگ ان وقت باقاعده جهيڙي جي صورت اختيار ڪئي، جڏهن ان وقت جي ٻن صوبائي وزيرن منظور وساڻ ۽ آغا سراج دراني جي حمايت ۾ پيپلزپارٽي بدين جي ڊاڪٽر سڪندر منڌري واري جهونن جيالن جي هڪ ڌڙي بدين ضلعي جي ان وقت جي ٻن ايم پي ايز محمد نواز چانڊيو ۽ محمد حسين ٽالپر عرف مير بابو جي اڳواڻي ۽ آشيرواد سان گولاڙچي شهر ۾ هڪ وڏي ريلي ڪڍي. ان ريلي جي مقرر هنڌ تي پهچي، جلسو ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي تاڙ ۾ بيٺل ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي حمايتي هٿيار بند ماڻهن ان ريلي تي فائرنگ جا ڪري ڏني. جهيڙي وڌي وڃڻ ڪري ريلي ۾ شامل ڪيترائي عام ماڻهو ميدان ڇڏي ڀڄي ويا.

july-15-2014    27

جڏهن ته پ پ جا ڪيترائي ڪارڪن ۽ ايم پي اي محمد نواز چانڊيو ميدان تي بيٺل هئا. ان وقت جي بدين جي ڊي پي او وڏي ڦڙتي جو مظاهرو ڪندي جهيڙي کي ٽاريو. رپورٽ موجب ان واقعي ۾ پوليس جيڪڏهن جلدي مداخلت ڪري جهيڙي کي نه ٽاري ها ته وڏي خونريزي ٿئي ها. ان واقعي جو سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه تڪڙو سخت نوٽيس وٺندي. ڊاڪٽر عزيز ميمڻ سميت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي خاص ۽ اهم ماڻهن خلاف ريلي تي حملو ڪري فائرنگ ڪرڻ جو ڪيس گولاڙچي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، ريلي جي اڳواڻ محمد نواز چانڊيو، گهرو وزير منظور وساڻ ريلي تي حملو ڪرائڻ جو سڌو الزام ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تي لڳايو. ان واقعي بعد سنڌ حڪومت ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۾ پيدا ٿيل سخت اختلاف ويتر تمام گهڻا وڌي ويا. جيئن ته پيپلز پارٽي طرفان بدين ضلعو 1993ع کان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي حوالي ٿيل آهي. ضلعي ۽تعلقي ڪائونسل کانسواءِ پيپلز پارٽي جي اقتدار دوران ايس پي ۽ ڊي سي سميت ضلعي جي سڄي انتظاميه ۽ اٽڪل سمورن سڻڀن کاتن جا سرڪاري اهلڪار ۽ ٿاڻن جا ايس ايڇ او، ڊاڪٽر ذوالفقار ۽ ان جي خاص ماڻهن جي مرضي کانسواءِ هرگز مقرر ٿي نٿا سگهن. پر سال 2011ع جي ان مٿئين جهيڙي واري واقعي بعد ٽي ايم اي بدين سميت مختلف سڻڀن کاتن تان ڪجهه مهينن لاءِ سنڌ حڪومت هڪ خاص حڪم ذريعي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ان جي نامزد ڪيل خاص ماڻهن ڊاڪٽر عزيز ميمڻ، ڪمال چانگ ۽ سهيل مرزا وغيره جا اختيار کسي ورتا.

پيپلز پارٽي جي اڳوڻي حڪومت ۾ سڀ کان سگهاري وفاقي وزير رحمان ملڪ کي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا مورڳو سڱن تي اچي کنيو. تڏهن ميڊيا کي پڪ ٿي وئي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي. اصل اختلاف آصف علي زرداري ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۾ پيدا ٿي ويا آهن جيڪي اختلاف بروقت نه نبرڻ ڪري ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي هر دل عزيز مربي دوست ان وقت ملڪ جي صدر آصف علي زرداري کان سخت ڪاوڙ جي اهو سڄو ممڻ مچايو.

ان ويڙهه دوران ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين خلاف مبينه دهشتگردي وارن الزامن جي دستاويزي ثبوتن جي صندوق ڀري لنڊن کڻي ويو جتي هن اسڪاٽ لينڊ يارڊ ۽ لنڊن ۾ ميٽروپوليٽن پوليس جي چيف سميت حڪومت برطانيه جي واسطيدار اهم اڳواڻن ۽ عالمي ميڊيا کي اهي ثبوت ڏيکاريا. ان هلندڙ ويڙهه ۾ حڪومت جي پريشاني کانسواءِ سڀ کان وڌيڪ پريشان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي گهر واري ڊاڪٽر فهميده مرزا ٿي جيڪا ان وقت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر هئي. ويڙهه هلندي اوچتو فهميده مرزا وڃي لنڊن پهتي جتي حڪومت جي ڪن اهلڪارن ۽ ڊاڪٽر فهميده مرزا جي وچ ۾ ڪو ڳجهو ٺاهه ٿيو. جنهن ٺاهه تي فوري طور تي عمل شروع ٿي ويو ۽ ڌرين ۾ هلندڙ الزامن ۽ جوابي الزامن واري بيان بازي بند ٿي وئي. پيپلز پارٽي ضلعي بدين جي جنرل سيڪريٽري ڪمال چانگ ۽ تعلقي بدين جي صدر ڊاڪٽر عزيز ميمڻ جيڪي ٻئي ڊاڪٽر ذوالفقار جا ويجها خاص ماڻهو هئا.

پيپلزپارٽي ۾ ويڙهه دوران انهن ٻنهي ۽ ٻين مرزا گروپ جي حمايت جن پارٽي جي عهديدارن کي پنهنجن عهدن تان هٽايو ويو هو انهن سڀني کي ٻيهر پنهنجن عهدن تي بحال ڪيو ويو ۽ بدين ضلعي جا سڀئي اختيار ٻيهر مرزا خاندان حوالي ڪيا ويا. اهو ئي سبب آهي ته 2011ع جي مهاٻوڏ جي متاثرن جي رليف وارو سمورو سرڪاري سامان مرزا خاندان جي ماڻهن ورهايو ۽ ٻيا بدين جا چونڊيل عوامي نمائندا ڪٿي به نظر نه آيا. ان سان گڏ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي خالي ڪيل پي ايس 57 جي ٽنڊو باگو واري ننڍي چونڊ لاءِ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پٽ حسنين مرزا کي پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ پڻ ڏني وئي. جيڪو روايتي سياسي حريف اميدوار سيد پپو شاهه کان اها سيٽ کٽي ايم پي اي ٿيو. ان لنڊن ٺاهه کانپوءِ معاهدي جي ڪنهن شرط يا ڪن اڻ ڄاتل پر اسرار سببن ڪري ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اهڙي ته سخت خاموشي اختيار ڪري سياسي منظر تان غائب ٿي ويو جنهن جو ڪو به مثال نٿو ملي

گذريل چونڊ ۾ پڻ بدين ضلعي ۾ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽن جي ورڇ واري معاملي تي سخت اختلافن واريون ڳالهيون ميڊيا ۾ رپوٽ ٿيون. ڊاڪٽر فهميده مرزا جو موقف هو ته بدين ضلعي جي ٻن قومي ۽ 5 صوبائي سيٽن جي اميدوارن جون پارٽي ٽڪيٽون سندس مرضي ۽ مشاورت سان ڏنيون وڃن پر پارٽي جي اعليٰ قيادت سندس اهو مطالبو نه مڃيو. ان وچ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو انتهائي اعتماد جوڳو ماڻهو ڪمال چانگ اندروني طور تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان وڏي ويساهه گهاتي ڪري وفاداريون بدلائي قومي اسيمبلي جي ماتلي ۽ ٽنڊي باگي واري تڪ تان پ پ جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي فريال ٽالپر ۽ اويس مظفر واري ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا مخالف ڌڙي ۾ شامل ٿيو ۽ انهن جي معرفت اسلام آباد مان وڃي صدر آصف علي زرداري کان سڌي طرح اين اي 224 ماتلي ۽ ٽنڊي باگي جي تڪ جي ٽڪيٽ وٺي آيو ۽ چونڊ کٽي وڃي اسلام آباد جا وڻ وسايائين جنهن عمل تي پڻ ڊاڪٽر ذوالفقا مرزا ڏاڍو ڪاوڙيو.

هوڏانهن فريال ٽالپر ۽ اويس مظفر وارا ذوالفقار مرزا مخالف پارٽي جو طاقتور ڌڙو مرزا جي مخالفت ۾ 2011ع جي ڇڪتاڻ کان وٺي سرگرم رهيو. جنهن دوران ڪجهه معاملن تي اندروني تڪرار پڻ ڪر کنيو. بدين ضلعي جي ڇهن شوگر ملن مان اڪيلي فوجي شوگر ملز بدين کانسواءِ هن وقت 5 شوگر ملون زرداري ۽ مرزا گروپ جي حوالي آهن جن مان ٻه مرزا ۽ پنگريو شگر مل بظاهر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا حوالي هيون. پر گڏيل ملن جي مالڪي جي اندروني هلندڙ تڪرار تيز ٿيڻ ڪري اهي ٻئي مرزا ڪڍڻ ۽ پنگريون جو شوگر ملون گذريل ٻن ٽن سالن کان سخت بحران جي ور چڙهي گذريل سال مورڳو بند ٿي ويون.

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پٽ ايم پي اي حسنين مرزا کي نه گڏيل سنڌ حڪومت ۾ ڪا وزارت ملي ۽ نه ئي هن حڪومت ۾ هن حڪومت ۾. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه حسنين مرزا کي ڪا وزارت ڏيڻ جي بجاءِ جڏهن پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو جنهن تي به ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي وڏي ڪاوڙ لڳي ۽ ان صلاحڪار جي آڇ کي ٿڏي ڇڏيو.

اپريل 2014 ۾ اوچتو سنڌ حڪومت هڪ نئين پر اسرار ڀنڀور ڊويزن ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ان کان چند ڏينهن اڳ اويس مظفر غير متوقع طور تي ڀنڀور ڊويزن ۾ بدين ضلعي کي شامل ڪرڻ لاءِ مرزا خاندان کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ مرزا هائوس تي پهچي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ڊاڪٽر فهميده مرزا سان ڊگهي ملاقات ڪئي.جنهن کانپوءِ مرزا خاندان ڀنڀور ڊويزن جي حمايت ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن ته بدين ضلعي جي عوام ڀنڀور ڊويزن کي رد ڪري ان خلاف بدين بچايو تحريڪ هلائي رهي آهي.

اهڙي وقت ۾ 30 جون تي اوچتو وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي گهر پهچي ان سان هڪ خاص ڊگهي ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ جولاءِ مهيني ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ان جي گهر واري ٻارن سميت زيارتن لاءِ ايران ڏانهن روانا ٿيا جتان اهي دبئي ويندا. امڪان آهي ته دبئي ۾ انهن جي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان اهم ملاقات ٿيندي. رپورٽن موجب ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ آصف علي زرداري جي وچ ۾ اختلاف گهٽجي يا ختم ٿي ويا آهن.

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ان جي پٽ حسنين مرزا کي اهم ذميواريون ملڻ واريون آهن، جنهن جو فيصلوٿي ويو آهي. امڪان آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي پ پ سنڌ جي صدارت ۽ حسنين مرزا کي سنڌ حڪومت ۾ اهم وزارت عيد الفطر کان پوءِ ملندي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا هڪ فعو ٻيهر ڊگهي خاموشي کي ٽوڙي سياسي منظر تي اچي ويندو. ان ڪارڻ سنڌ حڪومت ۾ وڏي تبديلي اچڻ جا چٽا امڪان آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو