Home / پروفائيل / راشد مورائي: هڪ وطن دوست باغي شاعر
above article banner

راشد مورائي: هڪ وطن دوست باغي شاعر

Nawab Ali Wasanاها اڻويهه سو اسي کان نوي جي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي، جڏهن آءِ ڳوٺ شهمير راهو مان ٽانگي يا سوزوڪي تي چڙهي هالا برانچ اسٽاپ تي پهچي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول سڪرنڊ ۽ ان بعد گورنمينٽ سائنس ڪاليج سڪرنڊ وڃڻ لاءِ بس جو انتظار ڪندو هئس. تن ڏينهن ۾ صبح جووقت هجي، چاهي ٻنپهرن جو يا کڻي شام جو هر پاسي، هر هوٽل تان لوڪ فنڪار جلال چانڊيو جي ڪيسٽ جا واڄٽ ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، ان وقت جو مشهور ڪلام هوندو هو(جيڪا درحقيقت راشد مورائي جي“ ڪافي هئي)

ڇا جي لاءِ تنهنجي منهن تي رنج ۽ملال آ،

حڪم ڪر مان حاضر آهيان، جهڙو منهنجو حال آ!

انهن ڏينهن ۾ جلال چانڊيو جي چاهيندڙن ۽ ٻڌندڙن جي اڪثريت ٻهراڙي جا سادا، گهٽ پڙهيل، هاري، مزدور، ٽريڪٽر، ٽرڪ ڊرائيور وغيره هئا، جلال چانڊيو جڏهن هن قسم جي “چونڊ” پختي شاعري موهيندڙ ڌنن تي ڳاتي ته پڙهيل لکيل طبقو (جيڪو کيس کان ڏور هيو) به متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهيو، پوءِ ترت ئي اسان ڏٺو ته راشد سائين جي هڪ ٻئي ڪافي ۽ جلال جي گائڪي جهرجهنگ مشهور ٿي.

هلڪي هلڪي چانڊوڪي ۾ ڌيري ڌيري پير کڻي

ايندو آهين، آڌي ڌاري، منهنجي دل جو چو ر بڻجي

۽ ڪجهه سال پوءِ جڏهن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي وشال ۽ خوبصورت آڊيٽوريم ۾ هڪ ڳڀرو نوجوان بخش مهراڻوي جي چڪهندڙ آواز ۾ آلاپ ٿئي ٿي.

دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا،

ٿورڙو ئي وسين ها ته ڇا ٿي ٿيئي!

بخشڻ ڇا ڳايو ته ڄڻ هال ۾ ويٺلن کي مدهوش ڪري وڌائين! ان ڏينهن کان راشد مورائي جي شاعري کان متاثر آهيان ، فخر اٿم ته راشد مورائي جي کوڙ سارن گم نام چاهيندڙن ۾ شامل آهيان، جيئن ته راشد مورائي جي شخصيت گهڻ پاسائين هئڻ سان گڏوگڏ سندس جي شاعري جي موضوعن ۾ بنهه، وسعت ۽ ڪثرت موضوع پڻ آهي، يارنهن ڪتابن جي ليکڪ جي تخليق جا انيڪ موضوع، اظهار جا اسلوب، تخليق جا ڪارڻ انهن جي ڪارج جي ڪٿ ڪرڻ کان آءُ قاصر آهيان، راشد کي وطن دست باغين جي صف ۾ بيٺل ڏسان ٿو. ان ڪري آءُ سندس جي هن پهلو تي نماڻي نهار ۽ ناقص خيال آرائي ڪندس.

july-15-2014    48

شاعر ڀلي دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ، خطي يا علائقي جو هجي، جي سندس جو ڌرتي ۽ ڌرتي واسين سان اٽوٽ سٻنڌ آهي ته اهڙن مڙني ئي شاعرن جون ڀوڳنائون، پڙائون، وساسا، خدشا ۽ خوف ساڳيا هجن ٿا، جڏهن ته دنيا جي غاصبن، جابرن، لٽيرن ۽ سامراجن جو طريقئه واردات به ملندڙ جلندڙ ٿئي ٿو، شايد ان ڪري ئي دنيا جي باغي شاعرن ۽ اسان جي شاعرن ۾ هڪ جهڙائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

فلسطين جي باغي شاعر محمود درويش جڏهن طويل نظم “شناختي ڪارڊ، لکيو ته هن جي نظم نه صرف کيس ڏيهه پرڏيهه ۾ مشهور ڪيو پر ايڊورڊ سعيد ان نظم کي فلسطين جو قومي نظم قرار ڏنو.

اسان جو راشد مورائي ان رستي جو پانڌئيڙو جڏهن پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين کي چوڏس مڪروهه ڪردارن جي ڄار ۾ ڦاٿل ڏسي ٿو ته پنهنجي شاعراڻي سگهه سان نمودار ٿئي ٿو.

مان شاعر هان مظلومن جو، تون ظالم آمر جابر آن،

مان توکان جڏهن حق گهران، تون چئين ٿو مون کي ڪافر آن

۽ باغي بي بها ٿيندا آهن، کين ڪنهن به سڪي، آسري يا لالچ ذريعي خريد نه ڪري سگهبو آهي ۽ نه ئي کين خاموش ڪري سگهبو آ.

راشد مورائي (Pragmatic) عمليت پسند هو، پنهنجي همعصر شاعر ۽ اديبن وانگر صرف صلاحون ۽ ڏس نه ڏيندو هو پر عمل جي ميدان ۾ اڳڀرو رهيو، جنهن ڪري عقوبتون ۽ اذيتون به سندس لاءِ آتيون رهيون، شايد ان ڪري ئي کيس سٽ سٽ ۾ سوز اوتڻ جو آرٽ به اچي ويو ته پيڙا جا پڙلاءُ به سندس شاعري جا اهڃاڻ بڻيا.

راشد مورائي سياسي ميدان تي متحرڪ هو، ان ڪري سندس سياسي شعور ۽ سچائي به گهڻو مٿڀري هئي. سائين راشد جي دوست سب انجنيئر ماجد سومري جو چوڻ آهي ته راشد چوندو هو ته هڪ پاسي منهنجي پٽ جي نڪاح جي رسم هجي ۽ ٻي پاسي ڪنهن قومي مسئلي تي ڌرڻو لڳي ته اوهان مون کي ڌرڻي ۾ ڏسندا، آءُ ڌرڻي ۾ شرڪت کي پٽ جي رسم تي ترجيح ڏيندس. هن قسم جي سچائي کيس ٻين کان منفرد بڻائي وجهي ٿي، سندس شاعري، اولڙو آ، راشد جي جملي تخليق جو محور سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو آهي. ان جي نجات، جاڳ، عزت، آجپي وارو مقام يا ان مقام جي حاصلات جي دڳ ۾ ايندڙ خود فريبن کان پاسو ڪري “پاڻ سڃاڻڻ” جو پيغام ڏئي ٿي.

عشق اسان وٽ آندا تحفا، آزادي انعام

هئاسون غلطي منجهه غلام!

پاڻ سڃاڻڻ کانپوءِ آهيون، پنهنجو پاڻ امام.

هئاسون غلطي منجهه غلام!

اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ٿو ته: راشد مورائي کي جيڪڏهن قومي ۽ عوامي شاعر چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو.

اردو جي مايه ناز شاعر احمد فراز چواڻي، شاعر ۽ اديب صرف لفظن جو بازيگر نه هوندو آهي پر ان جون ڪجهه ذميواريون به هونديون آهن، هو هڪ بيحس، بي ضمير شخص وانگر پنهنجي آس پاس جي حالتن کان بي نياز ٿي زندگي گذاري نٿو سگهي. بلڪل ايئن ئي راشد مورائي پنهنجي ذميوارين کان بخوبي گاهه هوندي پنهنجي ڪردار جو تعين ڪيو، راشد نه فقط شاعر جي حيثيت ۾ پر هڪ قومي ڪارڪن، اڳواڻ، استاد هر روپ ۾ جاڳرتا ۽ جدوجهد جي علامت رهيو. سندس بي چين روح ڪيئن خارجي ۽ داخلي دشوارين، وارتائن ۽ اذيتن کي منهن ڏنو آهي، هر شعور ڪڏهن ڪڏهن مايوسين يا محرومين جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ٿو پوي. اهڙي ڪيفيت حاوي ٿيڻ جي صورت ۾ ڪو ڏاهو يا ڪلاڪار ڪڏهن ڪڏهن ڪنڊائتو يا پاسيرو ٿي گم نامي جي ور چڙهي ويندو آ ته ڪو وري پاڻ کي Revisit ڪندو آهي، Revisit ڪرڻ جي صورت ۾ سندس جي واپسي اڳ کان اڳري، نئين ذوق، شوق ۽ ولولي واري ٿئي ٿي.

شايد دنيا جي باغي شاعرن جو ضمير، خيال ۽ لوچ ۾ هڪڙائي هجي ٿي، جيڪا ڏاڍي اثرائتي، ديرپا ۽ اتساهيندڙ پڻ آهي جو سندن جي تخيل تي زمان ۽ مڪان جي دز نه ٿي چڙهي نه ئي سندن شاعري جي شر ۽ پيغام جي افاديت گهٽجي ٿي.

باغي ڪردار، ڪو معمولي مقام نه آهي، جو هڪ ڏينهن جي مشق ڪثرت يا خواهش ڪرڻ سان ملي وڃي، باغي ماڻهو جو رويو، هلت چلت مسئلن کي منهن ڏيڻ کان ويندي، زندگي ڏانهن سندس جي روش بنهه مختلف، عير معمولي ۽ باغياڻي رهي ٿي، باغي ڪوڙهه ۾ ورتل سماج ۾ رهي ڪري ڪي نوان گس، گهيڙ اصول ۽ عادتون متعارف ڪرايئندو آهي، جيڪي پهرين ته ساٿين، دوستن آس پاس جي رهندڙن کي ڏکيون يا ناموزون لڳنديون آهن پر پوءِ سڀ انهي باغي “روش جا عادي ٿي ويندا آهن ۽ مئي پڄاڻا وري مداح،

راشد مورائي جو اهو باغياڻو تصور ئي آهي جو عاشقي جو بحر بيقرار ۾ زندگي جي لطف جي حاصلات جو ذريعو جدوجهد کي قرار ڏي ٿو.

ڪن کي گهاڻن گهٽيو ۽ ڪي سوري چڙهيا،

ڪرٽ ڪن کي ڪپيو، قيد ۾ ڪي ڪڙهيا،

درد وارن ڏٺو، دل لڳي جو مزو،

ڪين سڌڙين چکيو عاشقي جو مزو

آ جدوجهد ۾ زندگي جو مزو

lalrahoo@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو