Home / سنڌ افيئر / سفارشي ڪيڊر آفيسر غير جانبدار رڪروٽمينٽ رولس ڪميٽي ڪڏهن ٺهندي؟
above article banner

سفارشي ڪيڊر آفيسر غير جانبدار رڪروٽمينٽ رولس ڪميٽي ڪڏهن ٺهندي؟

پاڪستان جي ڪرمنل لا ۾ اِهو خيال رکيو ويو آهي،ته ٻين جا فيصلا ڪندڙ جج جڏهن پاڻ الزام هيٺ اچن ته اهو ڪيس ڪنهن ٻئي جج حوالي ڪيو وڃي، اهو ئي سبب آهي جو ٻين جا فيصلا ڪندڙ سيشن جج سڪندر لاشاريءَ تي جڏهن الزام لڳو ته ملزم (ڌر) ۽ ٻي ڌر (فريادي) به هڪ جج خالد حسين شاهاڻي هجڻ ڪري وقت جي قانون اُهو ڪيس ڪنهن ٻئي جج حوالي ڪيو. سول لا ۾ به اُن کي ملحوظ رکيو ويو آهي، پر افسوس جو سروس جا معاملا سروس ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي سروس ونگ حوالي ڪيا ويا آهن، جيڪا خود ڌر آهي ۽ لينن چيو هو ته” قانون ٺاهيندڙن جي مفادن جي تحفظ جو ذريعو آهي “. اُن ڪري اُهو کاتو صرف ٻين کاتن جي ملازمن جا حق ڦٻائي ۽ پنهنجي کاتي جي آفيسرن کي” ڪيڊر آفيسر“ جو لقب ڏئي فائدا پهچائي رهيو آهي. بلڪل ايئن جيئن وچ ايشيا کان آيل حملي آورن پنهنجو پاڻ کي آريا (سڌريل) ۽ هندستان جي ماڻهن کي اڻ آريا (اڻ سڌريل) جو لقب ڏنو هو. هن جي هندن جي پراڻي دور واري درجه بنديءَ سان به مطابقت آهي، جنهن موجب هندن جي چار مک ذاتين برهمڻ، کتري،ويش ۽ شودر جنم ورتو. ڀلا جيڪڏهن کين چار اکيون ۽ ٽي ڪن آهن يا هنن کي جنت جي بشارت مليل آهي ته پوءِ هو ادنيٰ آفيسرن جي سيٽن تي ويندي گهٽتائي ڇو نه ٿا محسوس ڪن؟

تعجب جي ڳالهه اها آهي ته هو جيڪڏهن ٻئي کاتي ۾ وڃن ته اهو قانوني عمل آهي، پر جيڪڏهن اُن ئي کاتي مان ڪو هنن ڏانهن وڃي ته اُها ڊيپوٽيشن آهي؟ هنن اهڙيون پوسٽون به پنهنجي ڪيڊر تي کڻي ڇڏيون آهن جيڪي خالي نه آهن، اهو به نه ٿا سوچين ته اُتي ويٺل آفيسر ڪيڏانهن ويندا! ٻيو ته ڇا پر انهن سيٽن تي بغير رڪروٽمينٽ رولس جي پنهنجا آفيسر پروموٽ ڪري ڇڏيا اٿن!! ان کان وڌيڪ حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ سيڪشن آفيسرن جي پنهنجي ڪيڊر ۾ ارڙهين گريڊ ۾ پروموشن لاءِ اٺ-ڏهه سال تجربو (سروس) گهربل هوندو آهي، اهڙي نموني وڌيڪ پروموشن لاءِ به تجربو (سروس) گهربل هوندي آهي پر انهن کي ڪنهن ٻئي کاتي جي ڪنهن به پوسٽ تي ويهه -پنجويهه سال تجربو رکندڙ مٿان مقرر ڪرڻ لاءِ ڪو به تجربو درڪار نه آهي.

july-15-2014    34

هنن جي ٺاهيل قانون مطابق هنن کانسواءِ ڪو به ماڻهو صوبائي سيڪريٽري، اسپيشل سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري، ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ايڊيشنل ڪمشنر ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر نه ٿو ٿي سگهي، ٻيو ته ڇا پر کين تعليم ۽ ٽريننگ ڏيندڙ به نه اتي وري تجربي جو بهانو ڪندا آهن، پر ٻين کاتن جي آفيسرن جي اهڙي دليل کي ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن.

هنن مان اڌ ته نامزد (بغير پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان پاس ڪرڻ جي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ سيڪشن آفيسر وغيره بڻيل) آهن. ڪميشن ذريعي آيلن مان به اڪثر اهڙا آهن جيڪي انٽر کانپوءِ ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ۾ سليڪٽ نه ٿيڻ کانپوءِ بي اي ڪيل آهن، واهه جو قانون آهي جو اُهي اُنهن تي حڪمراني ڪري رهيا آهن جيڪي اُنهن شعبن ۾ سليڪٽ ٿي ويا. جيڪڏهن ڊگرين کي معيار بڻائبو ته به اُستادن ۾ بي اي ۽ ايم اي کانپوءِ بي ايڊ، ايم اي ڊي ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون رکندڙ ملندا، پر هنن ۾ نه. ڀلا جيڪڏهن انگريزي روانيءَ سان ڳالهائڻ ۽ لکڻ ئي قابليت آهي ته به انگريزيءَ جا پروفيسر زور آهن. جيڪڏهن انتظامي ڄاڻ جي ڳالهه ڪبي ته به ايم پي اي (ماسٽر آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن) وارا بهتر آهن. جيڪڏهن قانون جي ڄاڻ کي معيار بڻائبو تڏهن به وڪيل بهتر آهن، تڏهن ته اُهي آفيسر به پنهنجا نوڪريءَ جا ڪيس وڪيلن ذريعي وڙهندا آهن.

ڀلا جيڪڏهن نون نون نالن سان ٿيندڙ ٽريننگن ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن جا چڪر لڳائڻ مان مهارت ملي ٿي ته انهن جو بندوبست ٻين آفيسرن لاءِ به ڪري سگهجي ٿو. اسان جي نظر ۾ جيڪڏهن انهن ڪيڊر پوسٽ وارن ۽ ٻين آفيسرن ۾ فرق آهي ته اُهو آهي صرف ”فُل سوٽ“ جو، سو جيڪڏهن اُستادن ۽ وٽنري ڊاڪٽرن کي به ڪٿان چار پيسا هٿ اچي ويا ته اُهي به فل سوٽ پائي وٺندا. هن عمل کي جسٽيفاءِ ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن يا ٻين صوبن جو مثال قابل قبول نه هوندو ڇو ته گنهگارن جو تعداد وڌڻ سان گناهه کي ثواب نه ٿو چئي سگهجي.

ها ڀلا جيڪڏهن اعليٰ جي سڀني انتظامي پوسٽن تي هنن جو ئي حق تسليم ڪجي ته پوءِ هنن کي ٻڌائڻو پوندو ته هو ڪهڙي نموني افضل ۽ ٻيا آفيسر نيچ آهن ۽ هنن صوبي سطح تي ڪهڙيون کير جون نديون وهايون آهن، پر حقيقت ۾ صوبي سطح تي ٿيندڙ بد انتظامي، ڊيپوٽيشن تي مقررين ۽ آئوٽ آف ٽرن پروموشنن جا به هو ذميوار آهن. ٿر ۾ ماڻهن جي موت جا ذميواز به استاد ۽ ٽي ايم اوز نه، پر هو آهن. هنن کي اِهو به ٻڌائڻو پوندو ته سندن ڪيڊر جي ڊويزن تي مقرر ڪمشنرن، ايڊيشنل ڪمشنرن ۽ ضلعي ۾ موجود ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرن جي موجودگيءَ باوجود کين ايڏي بد انتظامي نظر ڇو ٿي اچي جو هو سڀني کاتن جا ڊويزنل ۽ ضلعي سربراهه ٿيڻ جي چڪر ۾ لڳا پيا آهن. هنن کي اهو به احساس نه آهي ته متان ڌرڻا لڳن، جلوس نڪرن، امن امان جي حالت خراب ٿئي ۽ جمهوري حڪومت جي بدنامي ٿئي.

اُن جي باجود به ڪنهن به ملازم کي سندن سيڪريٽري هجڻ يا اسپيشل سيڪريٽري جون پوسٽون ڪريئيٽ ٿيڻ ۽ ايڊيشنل ۽ ڊپٽي سيڪريٽري جي پوسٽن جو تعداد وڌڻ تي اعتراض نه آهي، اعتراض آهي ته صرف اِهو ته سندن پوسٽن تي قبضو نه ڪيو وڃي.

ڀلا جيڪڏهن اُنهن کي ايڏو ئي خدمت جو جذبو آهي ته ڊائريڪٽر، ڊي ايِ او ۽ ڊي ايڇ او ٿيڻ بجاءِ پرنسپل، پروفيسر يا هيڊ ماستر ٿين. اتي وري چوندا ته هو بي اي پاس آهن ۽ کين پڙهائڻ جو تجربو به ڪونهي، اُن ڪري اُهي انهن پوسٽن تي ڪيئن اچن، ڀائي اوهان ته آل رائونڊر آهيو اُن ڪري ته هر کاتيءَ جا سيڪريٽري به ٿيو ٿا، هاڻي وري ڊويزنل ۽ ضلعي سطح جي پوسٽن ۾ به اکيون اٿوَ، باقي هيڊ ماستري ۽ پروفيسري ڏُکي ٿي لڳيوَ؟

پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 25 مطابق به پاڪستان جا سڀئي شهري برابر آهن، پر سروس ونگ وارا رڳو پنهنجا پروموشن ڪرڻ لاءِ ٻين جي ڀينگ ڪرڻ ۾ پورا آهن. هنن جو وس پُڄي ته وزير اعليٰ ۽ وزيرن جون پوسٽون به نام نهاد ڪيڊر آفيسرن حوالي ڪن، پوءِ به سندن اختيار کسڻ جي ڪوشش ته ڪندا هوندا.

جيئن ته سروس ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن وارا خود ڌر آهن،اُن ڪري سنڌ حڪومت کي اِها تجويز ڏجي ٿي ته ان ڪيڊر جي آفيسرن لاءِ سندن آفيسن مثال طور سيڪريٽريٽ، بورڊ آف روينيو، ڪمشنريٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنريٽ ۾ جيتريون وڻين اوتريون جايون ڪريئيٽ ڪري، پر ٻين کاتن جي آفيسرن جي سروس اسٽرڪچر کي تبديل ڪرڻ جا اختيار کانئن کسي ۽ اِن مقصد لاءِ هيٺين ميمبرن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي وڃي. .

1. هاءِ ڪورٽ جو هڪ رٽائرڊ جج 2. هڪ رٽائرڊ سيشن جج 3. هڪ پبلڪ سروس ڪميشن جو سينئر ميمبر، 4. هڪ ايس، جي اي ۽ سي ڊي جو نمائيندو، 5. هڪ سروسز جا معاملن ۾ مهارت رکندڙ وڪيل، پر اهو جيڪو سرڪاري ملازم نه رهيو هجي، ڇو ته اهو پنهجي اڳوڻي کاتي جي حمايت ڪري سگهي ٿو. 6. ان ڪيڊر/ پوسٽ جو سيڪريٽريٽ کان هيٺين سطح جو نمائندو.

ڇو ته اها عدل جي اولين تقاضا آهي ته جنهن بابت فيصلو ڪيو وڃي ان کي ٻڌو وڃي ۽ ٻيو ته جيئن ته ان ڪميٽي جي هڪ ميمبر سروس جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڪو آرڊينيشن کاتي سان تعلق رکندو آهي، هڪ فنانس ڊپارٽمينٽ ۽ هڪ ان ڊپارٽمينٽ سان تعلق رکندڙ هوندو آهي جنهن سان واسطو رکندڙ ڪنهن پوسٽ جا رڪروٽمينٽ رولس ٺهڻا هوندا آهن، سي ٽئي سيڪريٽريٽ کان ايندا آهن، تنهن ڪري انهن ٽنهي جو تعلق ايس جي اي ۽ سي ڊي سان هوندو آهي، جن مان ٻن کي خارج ڪيو وڃي ڇو ته ان ۾ هڪ ئي ڪيڊر جي ٽن ميمبرن جي موجودگي بي انصافي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو