Home / اسپيشل افيئر / سماجي زوال ۽ دانشور سقراط، جيئرو هجي ها ته هڪ ڀيرو ٻيهر زهر جو پيالو پيئڻ پسند ڪري ها!
above article banner

سماجي زوال ۽ دانشور سقراط، جيئرو هجي ها ته هڪ ڀيرو ٻيهر زهر جو پيالو پيئڻ پسند ڪري ها!

Mubarak Aliيوناني فسلفي سقراط ايٿينز شهر ۾ پنهنجي فلسفياڻي نظرئي ۽ خيالن سبب چڱي ريت سڃاتو ويندو هو. هن پنهنجي زندگي سادگي سان گذارڻ کي اوليت ڏني، گهڻو ڪري پنڌ ئي پنڌ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تائين هلندو رهندو هو.

هو هميشه نرم دلي سان رهيو ۽ هن ڪڏهن به انهن ماڻهن کان اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي جن سان هو سماجي ۽ سياسي معاملن تي گفتگو ڪندو رهندو هو. هو سوال پڇي ماڻهن کي ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ڪري وٺندو هو. مثال طور هڪ ڀيري سندس ملاقات هڪ نوجوان شخص سان ٿي، جنهن کانپوءِ هن پڇيو، ڇا توهان مون کي اهو ٻڌائي سگهو ٿا ته “ ماني ڪٿان ملندي؟” نوجوان شخص کيس ٻڌايو ته گهٽي جي ڪنڊ تي هڪ دڪان آهي، جتان کيس ماني ملي ويندي. سقراط ٻيهر کانئس پڇيو“ مون کي پيئڻ لاءِ ڪٿان“ ملندو. نوجوان جواب ۾ کيس ٻڌايو ته ماني جي دڪان جي ڀرسان هڪ ٻيو دڪان آهي جتان کيس پنهنجي مرضي موجب پيئڻ لاءِ به ملي ويندو. ان کانپوءِ سقراط پڇيو اي نوجوان، مون کي ٻڌاءِ ته آءُ نيڪي يا پاڪدامني ڪٿان خريد ڪري سگهان ٿو؟ ان سوال نوجوان کي ڌوڏي ڇڏيو ۽ هو ڪو به جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن تي سقراط کيس چيو ته ”مون ڏانهن اچ ته آءُ توکي ان بابت ٻڌايان ٿو” ان شروعاتي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هن نوجوان کي اخلاقي قدرن، نيڪي ۽ پاڪدامني بابت سمجهايو، اهڙي طريقي سان هو تبليغ ڪندو هو ۽ علم ورهائيندو هو.

سقراط جو گهڻو ڌيان اخلاقيات تي هو ۽ اهو ته سماج کي ڪيئن نيڪ بڻايو وڃي. هن پنهنجا خيال ڪڏهن به نه لکيا بلڪه هن ماڻهن جي سوال پڇڻ تي همت افزائي ڪندي کين منطق سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پنهنجي فڪري تعليم لاءِ پنهنجي امير سرپرستن ۽ شاگردن کان به ڪڏهن معاوضو نه ورتو. هڪ دليل ڏيندڙ سان به اختلاف ڪندو هو جيڪي Relavists ۽ جيڪي روايتن جي تسلسل تي يقين نه رکندا هئا ۽ نه وري انهن اخلاقي قدرن کي وقت جي هڪ پراڊڪٽ تسليم ڪيو.

سقراط جو دليل اهو هو ته جيڪڏهن انساني فطرت چڱي ريت باخبر ۽ عالم هجي ته ان جو لاڙو نيڪ عملن ڏانهن هجڻ کپي. هن جو سڀ کان عظيم ڪم اهو هو ته هن انساني فلسفي کي انسان سماج جي بهتري لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. ان هوندي به ايٿينز جو سماج، سقراط ۽ اخلاقي ۽ سماجي مسئلن تي سندس سوالن کي برداشت نه ڪري سگهيو. اتي جي ماڻهن مٿس نوجوانن جي ذهنن کي ڪرپٽ ڪرڻ ۽ خدائن جي وجود کان انڪار جو مٿس الزام مڙهيو، جيوري جي اڪثريت کيس موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. هن اهو فيصلو وڏي حوصلي سان قبول ڪيو ۽ سڪون سان مري ويو. ستم ظريفي ته ڏسو ته اهي ماڻهو جن مٿس الزام مڙهيو هو، تاريخ ۾ سندن نالو نشان ئي ناهي، جڏهن ته پنهنجي موت کان پوءِ ايترو گهڻو عرصو گذري وڃڻ باوجود به سقراط جو نالو اڄ به قائم ۽ دائم آهي.

july-15-2014    38

زوال جي ڪنڌي تي پهتل سماج ۾ سوچ ويچار لاءِ سقراطي ائپروچ جي ضرورت آهي. اسان جي سماج جي ڪيس ۾ اسان هن وقت اخلاقي زوال ۽ انيڪ قدرن جي گهٽتائي سان منهان منهن آهيون، ان جي نتيجي ۾ مجرماڻين سرگرمين جي به ڪا روڪ ٽوڪ نه آهي، اهي ماڻهو جيڪي بي ايماني ۽ غلط طريقا استعمال ڪري سگهن ٿا، اهي ڦرلٽ، استحصال ۽ ذخيره اندوزي سان سماج ۾ اعليٰ درجو حاصل ڪري وٺن ٿا. اخلاقي قدرن جي غير موجودگي سبب فراڊ ڪرڻ ۾ ڪنهن کي به ڪا رنڊ روڪ ناهي، نه وري انساني عزت ۽ وقار جي ڪا اهميت رهجي وئي آهي.

اهي ماڻهو جن کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته سماج تيزي سان زوال جو شڪار ٿي رهيو آهي. سندن چوڻ آهي ته سماج کي بچائڻ لاءِ محمد بن قاسم، محمود غزنوي ۽ محمود غوري جهڙن فاتحن جي ضرورت آهي. اهي سمجهن ٿا ته سماج جي براين جو علاج فقط ماضي جي هيروز وانگر فاتح ئي ڪري سگهن ٿا ۽ اهو سڀ ڪجهه ڦرلٽ ۽ دولت گڏ ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي، سندن اهي فاتحن واريون خواهشون اسان جي نصابي ڪتابن ۾ موجود سياستدانن جي شيلين تقريرن ۽ نعرن سان پوريون ٿينديون رهن ٿيون، جن تي عمل ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي اتساهه ملي ٿو. ان تعليم جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته جڏهن فتح ڪرڻ لاءِ ٻيا ملڪ موجود نه آهن ته هو پنهنجي ملڪ کي فتح ڪرڻ ۽ پنهنجن ئي ماڻهن کي دٻائڻ جي رستي تي هلي پون ٿا. بلڪل اهڙي ريت جيئن ملٽري ڊڪٽيٽر شپ ۽ جاگيرداراڻي ۽قبائلي جمهوريت ۾ ٿيندو آهي، جڏهن ليڊر فاتح نظر اچن ٿا ۽ ماڻهن کي ختم ڪيو ويندو آهي.

افسوس جي ڳالهه آهي ته سقراط جهڙن فلسفين جي ڪا خواهش به باقي ناهي رهي، جيڪا ماڻهن کي علمي اعتبار کان روشن ڪري سگهي ۽ کين ان ڳالهه لاءِ اتساهه ڏئي سگهي ته جيڪڏهن اهي اخلاقي قدرن تي عمل ڪندا ته سماج پرامن ۽ خوشحال ٿيندو.

جڏهن به فاتحن ۽ دانشورن جي ڀيٽ ٿئي ٿي ته اسان جي سماج ۾ ترجيح فاتحن کي ڏني ويندي آهي. دانشورن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ محدود جاءِ ملندي آهي. ان ڪارڻ سماج ڏينهون ڏينهن بگاڙ جو شڪار ٿيندو پيو وڃي ۽ پنهنجو پاڻ کي بچائڻ واري خواهش پڻ دم ٽوڙيندي پئي وڃي، جيڪڏهن سقراط اسان جي هاڻوڪي صورتحال کي ڏسي سگهي ها ته هو هڪ ڀيرو وري زهر جو پيالو پي موت کي سيني سان لڳائڻ کي ترجيح ڏئي ها.

©DAWN

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو