Home / اسپيشل افيئر / سياست جو ”جلالي بابا“
above article banner

سياست جو ”جلالي بابا“

Aziz Solangiملهار ڳائي ڪڪر ڪارونڀار ڪرڻ، ديپڪ ڳائي باهه لڳائڻ سميت موسيقيءَ جا اثر ته دُنيا ۾ مشهور آهن. تانسين لاءِ چوندا آهن ته، اهو ديپڪ ڳائي باهه لڳائي ڇڏيندو هو (۽ ملان دو پيازو باهه لڳائڻ جو ڪم ٻه ٻول ڳالهائي ئي ڪري وٺندو هو، جو باهه لڳائڻ به هڪ آرٽ آهي.) هڪ دوست کي چيم: “موسيقيءَ ذريعي دُنيا بدلائي سگهجي ٿي.” چيائين، “بلڪل…. اهو ڪم ته سنڌي گائڪ چاڪر چانڊئي (مرحوم) به ڪري ورتو هو، جو جڏهن هن مُڪيش جو گانو ڳايو، ۽ جڏهن مُڪيش اهو ڳايل گانو ٻُڌو ته سندس دُنيا ئي بدلجي وئي، هُو هِنَ دُنيا مان هُنَ دُنيا ۾ هليو ويو. ڪيترين ئي نفسياتي بيمارين جو علاج دنيا ۾ موسيقيءَ (Music Therapy) ذريعي ٿي رهيو آهي، پر سنڌ ۾ ته طبعي ۽ صحت جي عام مسئلن کي موسيقيءَ ذريعي حل ڪرڻ واري رُخ تي تحقيق شروع ٿي وئي آهي، جو ماهرن لاءِ اهو نُڪتو اُوندهه ۾ ترورو بڻجي آيو ته، ٻاڪڙا هوٽلن تي جيستائين ماڻهو جلال چانڊئي جو ڪو ڪلام نه ٻُڌندا هُئا، تيستائين کين چانهه هضم نه ٿيندي هُئي ۽ سڄو ڏينهن ڪلام ٻُڌي رات دير تائين چانهه جا 20 ڪوپ به هضم ٿي ويندا هُئا، ان مان ماهرن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته، جلال جي گائيڪي ۽ هاضمي ۾ ڪو نه ڪو تعلق آهي ضرور!

ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته، جلال چانڊئي جي گائيڪي سنڌ کان سعودي عرب تائين هڪ جيتري مشهور آهي، جلال چانڊئي جي مُنفرد انداز، لباس ۽ گائيڪيءَ سبب سندس جا لکين چاهيندڙ آهن، جلال چانڊئي جي ان ڳالهه جي ڪري ڪيترن ئي فنڪارن نه صرف سندس تقليد ڪئي پر پنهنجا نالا به اهڙا ئي رکيا، جهڙوڪ: ننڍڙو جلال، آخري جلال، سُهڻو جلال، دلبر جلال، هُوبهو جلال، چريو جلال وغيره وغيره…روبينا حيدري وري ٽوپيءَ ۾ جلال جي تقليد ڪئي.

موسيقيءَ واري دُنيا مان نڪري هاڻي ته اها تقليد سياست تائين به پهچي وئي آهي، جو سياست ۾ به هڪڙو “اوچتو جلال” پيدا ٿي ويو آهي. ڳالهائڻ ۾ جلال، تقريرن ۾ جلال، ڌمڪين ۾ جلال- مطلب ته هُو سراپا جلال آهي، ان ڪري کيس سياست جو “جلالي بابا” سڏيو وڃي ٿو. هو انقلاب جي رٿ تي سوار آهي، پر ڪو به ان رٿ جي واڳ وٺڻ لاءِ تيار ناهي. آهي ته “جهنگ” جو، پر شهر ڏانهن مارچ ڪرڻ جي هوڏ تان نٿو لهي. چوندا آهن ته سياست ۾ هوڏ ۽ گوڏ جي مضبوطي ضروري آهي، سو هاڻي به اها ڳالهه وقت کي ثابت ڪرڻي آهي، باقي عوام کي ته 2012ع ۾ مايوسي ٿي هُئي. دُنيا ۾ مُختلف ٽوپيون، مُختلف ماڻهن جي سُڃاڻپ رهيون آهن، هڪڙي اها ٽوپي، جيڪا اسان جي قومي (مُلڪي) ٽوپي آهي، ٻي اها ٽوپي، جيڪا مائوزي تنگ پائيندو هو. مسخرا پنهنجي ٽوپين کي تاج سڏيندا آهن. چنگيز خان جي ٽوپي به هڪ خاص سُڃاڻپ رکي ٿي. صرف تارا ئي پڇڙ ناهن، ٽوپيون به پڇڙ هونديون آهن. هڪ پڇڙ ٽوپي دُنيا ۾ خاص طور تي گڏيل هندوستان توڙي هاڻوڪي پاڪستان ۾ رتبي جو اهڃاڻ رهي آهي، جنهن ٽوپيءَ کي ترڪي ٽوپي سڏجي ٿو. ملڪ جو هڪ مرحيات پر شاعر سياستدان اُن ٽوپيءَ ۽ حُقي جي ٽوپيءَ جي ڪري مشهور هوندو هو، اها ٽوپي پائي انسان پاڻ کي دُنيا جو اهو واحد ساهوارو سمجهي ٿو، جنهن جو پُڇ مٿي ۾ هُجي. اُن ٽوپيءَ جو هڪڙو فائدو اهو به هو ته ماڻهو مٿي جي هلڪي جنبش سان ان ٽوپيءَ جو پُڇ لوڏي سگهندو هو، ان طرح سان جبلت جي تسڪين به ٿي ويندي هُئي، ته وندر جي وندر به.

july-31-2014     14

دُنيا ۾ ڪيترن ئي مٿن لاءِ هڪڙي ٽوپي رهندي آئي آهي، جيڪا نسل در نسل ان گروهه جي سُڃاڻپ رهندي اچي، اها صرف “تاجپوشيءَ” لاءِ استعمال ٿيندي آهي، پر اها پڻ حقيقت آهي ته ڪيترين ئي ٽوپين لاءِ هڪڙو مٿو هوندو آهي، جيئن سياست جي “جلالي بابا” جو مٿو. سياست جي جلالي بابا وٽ به ڪيتريون ئي ٽوپيون آهن، پر ٻه قسم ته سندس سُڃاڻپ بڻيل آهن. هُو هر ڏينهن جي شروعات “نئين ٽوپيءَ” سان ڪري ٿو، سندس خيال آهي ته، ٽوپي سندس شخصيت کي نوان نوان رُخ ڏئي ٿي، جيڪڏهن اڄ ساحر لڌيانوي جيئرو هجي ها ته، کيس نئين نئين ٽوپين ۾ ڏسي پنهنجي انهيءَ شعر جي ضرور کيس ڀيٽا ڏئي ها ته:

هر وقت تيري حسن کا هوتا هي سمان اور

هر وقت اسي چاهيي انداز بيان او

چون ٿا انقلاب جو ڪبوتر ان ئي ٽوپيءَ مان نڪرڻو آهي. ڪيتريون ٽوپيون مٿن لاءِ، ۽ ڪيترا مٿا ٽوپين لاءِ ٺهندا آهن، ڪي ماڻهو ٽوپي رُڳو پاڻ کي لڪائڻ لاءِ پائيندا آهن، جيئن سياست جو جلالي بابا….. پر هُو ٽوپيءَ سان پنهنجو ڪيترو حصو لڪائي سگهيو آهي؟ ٽوپيءَ جو هڪ قسم سليماني ٽوپي آهي، جيڪا هن وقت انهن کي پاتل آهي، جيڪي باقي ٻين مختلف ٽوپين جي پٺيان آهن. اسان وٽ صرف ٽوپيون ئي سليماني ناهن، چانهه به سليماني هوندي آهي، ته ڪچهري به سليماني هوندي آهي. شيخ رشيد، کير پتي چانهه ۽ سليماني ڪچهريءَ سبب مشهور آهي.

بهرحال، هيستائين جي صورتحال ته اها ڳالهه سامهون آندي آهي ته، جيستائين ڪو وِلين اهو نٿو چوي ته، “اي شادي نهين هو سڪدي….” تيستائين ڄَڃَ وفاقي گاديءَ واري شهر ڏانهن ضرور وڃڻي آهي، پر ان ۾ گهوٽ ڪير آهي ۽ اهنيَر ڪير؟ اهو اڃا واضح ٿي نه سگهيو آهي، اهنيَر وارو تصور هاڻي شاديءَ جي رسمن کان اڳتي وڌي سياست ۾ پڻ داخل ٿي ويو آهي، اهنيَر کي اردوءَ وارا شهه بالا ۽ انگريز Best man چوندا آهن، اهنيَر وارو رواج صرف ننڍي کنڊ ۾ ئي ناهي، زيمبيا، يوگنڊا، ڀوٽان، يونان ۽ يوڪرائين سميت تمام گهڻن ملڪن ۾ آهي. يوڪرائين ۾ ته ڪُنوار کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ کان وٺي گهوٽ جو بُوٽ چوري ٿيڻ کان روڪڻ وارا وسيع تر ملڪي مفاد وارا سمورا ڪم اهنيَر جي حوالي هوندا آهن. اهنيَر کي سموريون جُٺيون سر تي کڻڻيون پون ٿيون.

هونئن ته گاديءَ جي شهر ڏانهن وڃڻ جي خواهشمندن جو هجوم تمام وڏو آهي، پر ظاهر آهي ته انهن مان گهوٽ ته هڪڙو ئي هوندو ۽ اهنيَر به هڪڙو، باقي ته ٻيا سڀ “دوسو” هوندا، دُهل وڄي ته دوسو نچي…. ڪي اهڙا به دوسو آهن، جيڪي تڏهن به نچندا آهن، جڏهن دُهل ناهن وڄندا. کانئن پڇبو ته چوندا: “دِلين ۾ دُهل پيا وڄن.” سو دِلين ۾ دُهل ته گهڻن جي پيا وڄن، پر هاڻي ڏسجي ته گهوٽ (جيڪو به هُجي) من جي مُراد جي مُومل ماڻي ٿو اچي يا وري ڪمزور اهنيَر هُئڻ جي ڪري بُوٽ ئي چوري ٿي وڃي ٿو ۽ پيرين اُگهاڙو موٽي ٿو. باقي جان اولڊهام (John Oldham) جيڪو مزاحيه شاعريءَ جو هڪ وڏو نالو آهي، تنهن جو قول آهي ته، “توهان جو مستقبل توهان جي ٽوپيءَ پُٺيان لڪل آهي.” سو ڏسجي ته انقلاب جو ڪبوتر ڪپتان خان جي ڳاڙهي ٽوپيءَ مان نڪري ٿو يا وري سياست جي “جلالي بابا” جي پُرجلال ٽوپيءَ مان…!

aziz_solangi05@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو