Home / سنڌ افيئر / شڪارپور، جتي پوليس ڌاڙيلن جي مارجڻ تي خون عيوض ڀري ٿي!
above article banner

شڪارپور، جتي پوليس ڌاڙيلن جي مارجڻ تي خون عيوض ڀري ٿي!

سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي سومرا واهي وٽ ڏينهن ڏٺي جو مسافرن کان ڦر جي ارادي سان روڊ تي چڙهيل ڌاڙيلن جي حد جي ايس ايڇ او تي فائرنگ ۽ ان کانپوءِ پوليس مقابلي دوران ايوب مارفاڻي، غلام نبي راهوجو ۽ ڀائو لنڊ جي مارجڻ ۽ سندس قبضي مان هٿ آيل ٽن ڪلاشن ڪوفن پڪ سان تر تپائي ڇڏيندڙن جي عبرتناڪ پڄاڻي تي عدم تحفظات جي احساس ۾ متبلا ماڻهن کي اهو احساس ڏياريو آهي ته صفا اونداهه به ناهي، قانون ڏوهارين کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي سگهه رکي ٿو. اهو به رپورٽ ٿيڻ لڳو آهي ته ڌاڙيلن جو ڏوهي وارداتن وارو ڪو به وچور نه مليو آهي

اهو به ٻڌايو ويو آهي ته اڳ ۾ هڪڙو ڌاڙيل ٿڏي تي مري ويو هو باقي جيڪي ٻه ڌاڙيل مئا آهن اهي پوليس جي نااهلي، سستي ۽ ڪاهلي جي ڪري مئا آهن ڇو ته پوليس کين وقت سر اسپتال نه اماڻيو. ڄاڻايل ڌاڙيل ٻن موٽر سائيڪلن تي هئا هنن وٽ هٿيار موجود هجن، پوليس ۽ ڏوهارين جا هڪ ٻئي مٿان گولين جا ڌوڙيا هجن اتي جڏهن هر ڪنهن کي پنهنجي ساهه جي لڳل هوندي آهي تڏهن پنهنجي دفاع بدران پوليس کي ڌاڙيلن جي حياتين بچائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هئڻ کپي يا ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪري؟

گهڻي ڀاڱي ڏٺو اهو ويو آهي ته اڪثر راڄوڻي طور تي مامرا نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، مايوسي جي صورت ۾ ٿاڻي جو در کڙڪائبو آهي. اثر رسوخ يا ڪنهن ٻئي حيلي بهاني سان پوليس پيرا کڻي ڏوهارين تائين پهچندي آهي ته ڀاڳيا وڃائجي ويل سامان جي موٽڻ تي سرها ٿيندا آهن پر جن اهو ڏوهه ڪيو تن خلاف فريادي ٿيڻ جي زحمت نه ڪندا آهن. هڪڙي ماڻهو کاڻ موٽر سائيڪل ڦرجي يا گهر ۾ ڌاڙو لڳي يا دڪان تان ڦر ٿي. کسجي ويل مال مليو معاملو ختم، جڏهن ته ايئن ٿيڻ نه گهرجي. ڏوهاري ڪاٺ ۾ نه پوندا ۽ کين ڪا چيڀٽ نه ايندي ته هو ڏوهن کان پري ڪيئن ٿيندا؟

july-31-2014     32

۽ اهو به ڪو دليل يا جواز نه آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جو ڪو ڪرمنل رڪارڊ ناهي ته اهو ڪرائيم ڪري ئي نه ٿو سگهي. ڪيس داخل نه هئڻ ڪنهن مجرم ماڻهو کي ڀاڳئي ثابت ڪرڻ لاءِ ثبوت طور نه ٿا قبولي سگهجن. ڏوهي رڪارڊ نه هئڻ ڏوهارين جي بچاءُ جو دڳ بڻجي پوي ٿو ان آڌار تي هر سطح تي اهو رخ ڏوهارين لاءِ مددگار بڻجي پوي ٿو، ڏوهه ڪرڻ لاءِ ڏوهاري رڪارڊ هئڻ شرط ناهي هوندو. ڀل ته ڪو پهريون ڀيرو واردات جي ارادي سان روڊ تي چڙهيو هجي. ڇا اهو ارادو، اها نيت ۽ اهو عمل جرم ناهي؟ ۽ پهرين واردات ۾ اتفاق سان جيڪڏهن ڪو مارجي پوي ته پوءِ ڇا ان جي معصوميت ۽ بي گناهي جا گيت ڳائڻ شروع ڪري ڏجن؟ اها ڳالهه اسان کي مڃڻي پوندي ته بدامني جي باهه کي ڦوڪون ڏيڻ يا ان مٿان پئٽرول هارڻ ۾ ڪنهن حد تائين سماج جا سڄاڻ ۽ ذميوار فرد به بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

شڪارپور ۾ چئن ڏينهن اندر پنج ڌاڙيل مارجي ويا آهن، بڊي ٿاڻي جي حد ۾ 10 لک انعام يافته ڌاڙيل سونو مارفاڻي ۽ سڪندر بروهي جو مارجڻ علائقي واسين لاءِ سک جي ساهه کڻڻ جو سبب بڻيو آهي.

جڏهن ڪنهن ڌاڙيل جو لاش ڪري ٿو ته اهو پنهنجي ساٿين لاءِ مستقبل جي امڪاني خطري جو گهنڊ به ثابت ٿئي ٿو، اهو اطلاع به هجي ٿو اڳتي وارو تنهنجو آهي.

شڪارپور هڪ اهڙو ضلعو رهيو آهي جتي 36 پوليس اهلڪار مقابلن دوران مارجي ويل ڏوهارين جا عيوض ڀري ڏنا آهن. اهي جرڳا جنهن جبر هيٺ ڪرايا ويا يا جهڙي ريت پوليس وارن کي چندا ڪري خون بها ڀرڻي پئي آهي اها هڪ المناڪ ڪهاڻي آهي.

شڪارپور ۾ نه رڳو ٻن مقابلن ۾ پنج ڌاڙيل پر انهن مقابلن کان اڳ وارن مقابلن جي حوالي سان به مشڪوڪ رپورٽنگ ٿيندي رهي آهي ان حوالي سان فضل سرڪي اغوا ۾ ملوث ڌاڙيلن روسول بخش پهوڙ جو موت هجي يا امتياز جوڻيجو جو، حبيب الله ڪيهر،هجي يا منظور ناريجو توڙي انور ڪيهر، انهن مان جيڪڏهن ڪي حادثن، دشمنين ۽ پنهنجي موت به مئا آهن ته ڌرتي تان ڏمر ٽريو نه؟

هڪڙو ماڻهو جيڪو معاشري لاءِ مصبيت آهي اهو جيڪڏهن جهنم ۾ داخل ٿئي ٿو ته اها فڪر ۽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه هئڻ گهرجي؟

ايس ايس پي شڪارپور جايد سونهارو جسڪاڻي “افيئر” سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڏيڍ مهيني جي ٿوري وقت ۾ پوليس ضلعي ۾ 53 ڌاڙيلن سان مقابلا ڪيا آهن. هن ماضي ۾ چور ۽ ڌاڙيلن جا ڏنڊ چٽيون ڀرڻ واري عمل تي افسوس جو اظهار ڪندي سوال ٿاريو ته آخر ڪير آهي جيڪو پوليس کي ايترو مجبور ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته پوليس ۾ ڏوهه ڀرڻ ۽ ڀرائڻ واري رجحان ان جي ساک پت خراب ڪئي آهي، پوليس انشورنش ڪمپني نه آهي نه هئڻ کپي، پوليس جيڪڏهن ڏنڊ ڀرڻ لڳندي ته مطلب اهو ته خود پاڻ به ڏوهه ڪندي. ماضي ۾ ڌاڙيلن جا عيوض ڏيارڻ ۾ تڏهوڪن پوليس آفيسرن ۽ ڀوتارن جي مجرماڻي ڪردار اڄ جيڪي نتيجا ڏنا آهن تن ڪيتريون ئي خرابيون پيدا ڪيون آهن. هو وڌيڪ چوي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ۾ هن جي اها ڪوشش هوندي ته سندس دور ۾ اهڙو ڪو جرڳو نه ٿي جيڪڏهن ٿئي ته جرڳو ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ ڪاٺ ۾ هوندا.

هو ٻاهرين ضلعن مان اغوا ڪيل 18 مغوين کي پنهنجي ضلعي مان بازياب ڪرائڻ واري ڪارنامي سان گڏ اهو به ٻڌائي ٿو ته ڌاڙيلن سان ٻٽ هئڻ جي الزام هيٺ 35 پوليس وارن کي جبري طور ضلعي بدر ڪيو آهي. هو ٻڌائي ٿو ته 45 ڀنگ لاءِ اغوا وارين وارداتن ۾ ملوث ڌاڙيل پڪڙيا آهن. هن جو خيال آهي ته ڀوتار پنهنجو قبلو درست ڪن ته سماج سک جو ساهه کڻي سگهي ٿو.

شڪارپور جيڪو سدائين بدامني جي باهه ۾ سڙندو آيو آهي، تازو ڏهن ڌاڙين جي انت امن جي اميد واري احساس کي جنم ڏنو آهي. ڏهن ڌاڙيلن جي انت کانپوءِ ڪيترائي ٽولا وقتي طور تي ماٺ ٿي ويا آهن، ڪي شهر ڇڏي ويا آهن ۽ ڪن پوليس حوالي ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سڄي پس منظر ۾ ڀلو عوام جو ٿي رهيو آهي ۽ ڏوهه رڪيو ته ناهي پر گهٽيو ضرور آهي ۽ اها ڳالهه به حوصلي مند آهي.

bukharinasim@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو