Home / افيئر / عبدالحميد جتوئي: سنڌ جو مثالي قومي ڪردار !
above article banner

عبدالحميد جتوئي: سنڌ جو مثالي قومي ڪردار !

ذاڪر حسين راڌڻ

عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته سنڌ جي وڏيرن هميشه سنڌ دشمن فيصلا ڪيا آهن، پر سڀني لاءِ اهو چوڻ سراسر زيادتي  ٿيندي، ڇو ته وڏيرن ۾ شهيد الله بخش سومرو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، عبدالحميد خان جتوئي، سائين امداد محمد شاهه ۽ اعجاز علي خان جتوئي به شامل آهن.

عبدالحميد خان جتوئي 1922ع ۾ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ٻيٽو جتوئيءَ ۾ قادر بخش خان جتوئيءَ جي گهر جنم ورتو ۽  1953ع ۾ اسيمبلي ميمبر بڻيو. سندس ميمبر هجڻ دوران  1954ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ ٺهراءُ آندو ويو ته پير الاهي بخش، شيخ خورشيد احمد ۽ رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙيءَ سان گڏ ان جي خلاف ووٽ ڪيائين. جڏهن ته سائين جي ايم سيد کي نظر بند ڪيو ويو هو، پر اڪثريت جي بنياد تي ون يونٽ ٺهي ويو. ان بعد هو سائين جي ايم سيد، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ مخدوم طالب الموليٰ سان گڏ ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو، ايوبي آمريت ۾ 4 مارچ تي احتجاج ڪندڙ شاگردن جو نه صرف ضامن پيو پر جڏهن هڪ تقريب ۾ ان واقعي جو ذميوار سنڌ جو ڪمشنر مسرور احسن ساڻس هٿ ملائڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته کيس چيائين ته پري ٿي تون اسانجي ٻچن جو قاتل آهين 1973ع جي آئين تي اهو چئي صحيح نه ڪيائين ته ان ۾ سنڌ جي حيثيت ۽ تشخص کي ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان وقت جي حڪمران کيس اهو چيو ته 10 سالن بعد صوبائي خود مختياري ڏني ويندي ته کيس چيائين ته توکي ڪهڙي پڪ اهي ته تون ڏهه سال جيئرو به هوندين ۽ وزيراعظم به ؟ جنهن ڪري کيس ڪوڙن الزامن ۾ جيل ته موڪليو ويو، پر وقت گذرڻ سان سندس موقف سچو ثابت ٿيو جنهن ڪري ارڙهين  ترميم جي ضرورت محسوس ٿي ۽ ان تحت  ڏنل صوبائي خودمختياري به صرف ڪاسميٽڪ ٿي لڳي .

                        عبدالحميد خان جتوئي جون 1985 کان 1988 تائين قومي اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقريرون يادگار ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن لاءِ قابل رشڪ آهن.

                        جڏهن ٽوڙي ڦاٽڪ ڪيس جي اسيرن (جن ۾ موجوده ايم اين اي گل محمد جکراڻي به شامل هو) کي سزائون ڏيڻ جون تياريون ڪيون ويون ته هن قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيو:

”جيڪڏهن اسان جي ٻچن کي ڪابه انتهائي سزا ڏني وئي ته ته پنهنجي پيءَ جا حلالي پٽ هونداسين ته وري توهانجي اسيمبلين ۾ نه اينداسين“ ان بعد پير بخش خاصخيلي سميت 65 ميمبرن سان گڏ واڪ آئوٽ ڪري هليو ويو ۽ وزيراعظم محمد خان جوڻيجو طرفان اسيمبليءَ ۾ اچي انهن جي آزاديءَ جو يقين ڏيارڻ تائين واپس نه آيو.

                        اهڙي طرح سائين جي ايم سيد کي نظر بند ڪيو ويو ته تقرير ڪندي چيائين ته جي ايم سيد اهو ماڻهو آهي جنهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان لاءِ ٺهراءُ پاس ڪرايو، پر جيئن ئي پاڪستان ٺهيو ته کيس جيل ۾ وڌو ويو جناب اعليٰ اسان اهڙا ڪم به ڪريون پوءِ به اسان کي جيلن ۾ وڌو وڃي ته اسان توهانجي مخالفت نه ڪنداسين ته ڇا توهان جا ترانا ڳائينداسين ؟

                        هڪ موقعي تي تقرير ڪندي چيائين ته هڪ پاڪستاني رانديگر ۽ هڪ ٻيو غير ملڪي ڪشتي وڙهي رهيا هئا ته مان دعا گهري رهيو هيس ته الله ڪري ته اهو غير ملڪي ماري وڃي جنهن تي مون کي منهنجي ڀر ۾ ويٺل دوست چيو ته اها ڪهڙي ٿو دعا گهرين؟ ته مون چيومانس ته جيڪڏهن پاڪستاني رانديگر کٽي ويو ته ان کي انعام ۾ ٻني وري سنڌ جي ڏيندا.

                        جڏهن ممتاز علي ڀٽو ۽ عبدالحفيظ پيرزادي کي ”سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ“ ٺاهڻ بعد جيل موڪليو ويو ته قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيائين ته ڪنفيدريشن جي ڳالهه پٺاڻ ۽ بلوچ به ڪن ٿا پر جيلن ۾ رڳو سنڌ جي اڳواڻن کي وڌو ويو آهي آخر ڇو؟ سنڌ پاڻمرادو پاڪستان ٺاهيو هو ان کي فتح ڪونه ڪيو ويو هو ۽ پاڪستان ٺاهيندڙن کي حب الوطني ۽ غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو حق انهن کي ڪونهي جيڪي پاڪستان ٺاهڻ رڳو ٺهراءَ به پاس نه ڪري سگهيا. هڪ دفعي قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيائين ته هڪ دفعي کيس هڪ وڏي دعوت ۾ وڃڻ جو موقعو مليو جتي ڏسي ته الاهي مرسيڊيز، ڪرائون، شيورليٽ، ۽ ٻيون مهانگيون گاڏيون بيٺيون هيون، اهي ڏسي ماڻهن کان پڇيائين ته اهي ڪنهن جون گاڏيون آهن؟ خبر پيس ته اهي فلاڻن فلاڻن ڪرنلن، برگيڊيئرن، ميجر، جنرلن ۽ ليفٽيننٽ جنرلن جون آهن. مان پڇا ٿو ته انهن جي پگهار گهڻي هوندي، پندرهن هزار، ويهه هزار، ٽيهه هزار ( ان وقت ويهين، ايڪهين، ۽ ٻاويهين گريڊ جون پگهاريون ايتريون هونديون هيون ) ، پوءِ انهن ايترا پئسا ڪٿا آندا؟! ۽ ٻيو ته جيڪي ايڏيون عياشيون ڪري رهيا آهن اهي جنگ لڳي ته بارڊر تي ڪونه ويندا.   سندس ان ڪردار ڪري جنرل ضياءَالحق کيس A.K بروهيءَ معرفت گورنر بنائڻ جي آڇ ڪئي جنهن کان انڪار ڪندي چيائين ته مان سنڌ لاءِ ڳالهائڻ بند نه ٿو ڪري سگهان. جڏهن کيس ڪراچي جي ٻن پلاٽن جا الاٽمينٽ آرڊر ڏنا ويا ته هن ان وقت جي وزير اعليٰ اڳيان چيو ته مونکي پلاٽن ۽ پرمٽن جي سياست سٺي نه ٿي لڳي. هو اڄوڪي دور جي ماڻهن جا افعال ڏسي چوندو هو ته اسان جي وقت ۾ پيسو نه هو پر عزت هئي ۽ هاڻي پيسو گهڻو آ پر عزت ڪانهي، انهن ڳالهين ڪري ان تي سائين جي ايم سيد به وڏو اعتماد ڪندو هو ۽  کيس ممتاز علي ڀٽو، عبدالواحد آريسر، گل محمد جکراڻي ۽ عبدالحفيظ پيرزادو جي موجودگيءَ ۾ سنڌ قومي اتحاد جو چيئرمين چونڊرايائين.

                        1999ع ۾ جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ نواز شريف جي موجودگيءَ ۾ شريعت بل خلاف تقرير ڪري ٻاهر نڪتو ته کائنس پڇيو ويو ته توهانجو پٽ وزير اعليٰ آهي ۽ اوهان وري حڪومت خلاف تقريرون ٿا ڪريو؟ ته وراڻيائين ته ”مان چيف منسٽريءَ خاطر سنڌ جو سودو نه ڪندس“ ان جي ٻئي ڏينهن تي سائين جي ايم سيد جي فرزند سائين امداد محمد شاهه اخبار وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ”عبدالحميد خان پنهنجي جواني ياد ڏياري ڇڏي“ جيڪڏهن رڳو ڏهه پندرنهن  ميمبر به عبدالحميد خان جي تقليد ڪن ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي ٺهندڙ پاور پلانٽ جو ڪم بند ٿي ويندو، پر سڀ سنڌ دشمن منصوبا هميشه لاءِ دفن ٿي ويندا.

سندس وفات تي روزانه جنگ، ڊان، هفتيوار مئگ ۽ ماهوار هيرالڊ ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪائوسجي، علي حسن، احمد صادق (رٽايرڊ بيورو ڪريٽ)  ۽ عبدالواحد آريسر جهڙن شخصيتن به تعريفي مضمون ۽ ڪيترين ئي اخبارن ايڊيٽوريل لکيا.

                        هو سياست ۾ سائين جي ايم سيد، سيد علي اڪبر شاهه (ميهڙ وارو) ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ غوث بخش بزنجي کان متاثر هو، جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو ته افسوس جو اسان جي قوم جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي جهڙن ماڻهن جو قدر نه ڪيو. سندس دوستن ۾ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شاهه مردان شاهه پير صاحب پاڳارو، غوث بخش بزنجو، الله بخش سومرو، احمد ميان سومرو، خان عبدالولي خان،  نواب اڪبر بگٽي، عطاءَالله مينگل، يوسف اي هارون، محمود اي هارون، قاضي فضل الله، معراج خالد، غلام اسحاق خان (اڳوڻو صدر)، نواب احمد سلطان چانڊيو، نواب شبير احمد چانڊيو، غلام مصطفيٰ خان جتوئي، حاڪم علي زرداري، سيد امداد محمد شاهه، سيد محمد راضي شاهه (سيتا وليج وارو)، ميان عبدالرحمان سومرو ( شاهه پنجي وارو)، رئيس اشرف خان لغاري (راوت لغاري وارو)، رئيس خان محمد گاڏهي (علي حسن خان گاڏهي جو والد) ۽ بخشل خان ناريجو (ٿرڙي محبت وارو) شامل هئا.

                        خان صاحب آخري وقت تائين پنهنجن اصولن تي قائم رهيو ۽ وفات کان ٻه هفتا کن اڳ به هڪ اخبار ۾ سندس بيان ڇپيو ته .

“ڪالا باغ ڊئم جا حامي منهنجي جنازي ۾ نه اچن.”

                        سندس اهميت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته سندس وفات تي اڳوڻي وزير خارجه خورشيد احمد قصوريءَ چيو هو ته عبدالحميد خان جن هدايت جا مينار هيا اڳوڻي وفاقي وزير اطلاعات شيخ رشيد احمد چيو ته هو ته اڄ اصولن جي سياست ختم ٿي ويئي، مرحوم غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ چيو ته هو ٻن سياستدانن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ عبدالحميد خان جتوئيءَ کان متاثر هيو، اڳوڻي وزير اعليٰ ارباب غلام رحيم چيو هو ته هو گهٽ ماڻهن کان متاثر ٿيندو آهي، جن ماڻهن کان هو متاثر آهي انهن مان عبدالحميد خان هڪ آهي، ڇو ته هو چٽو موقف رکندو هو ۽ سندس قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هو، مرحوم پير صاحب پاڳاري چيو هو ته عبدالحميد خان ڪيئي رڪارڊ قائم ڪيا انهن مان سندس فيصلا اهم آهن، جڏهن ته وڏيري شاهنواز جوڻيجي چيو هو ته عبدالحميد خان جتوئي سنڌ جي روايتن جو امين هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو