Home / دنيا / عراق ۽ شام ۾ رتو ڇاڻ- آمريڪا بهادر جي پاليسين جو نتيجو
above article banner

عراق ۽ شام ۾ رتو ڇاڻ- آمريڪا بهادر جي پاليسين جو نتيجو

Noom Choskiڪجهه ڏهاڙا اڳ “دي نيو يارڪ ٽائيمز” جي پهرين صفحي تي شايع ٿيل تصوير ۾ هڪ عراقي عورت پنهنجي ڪنهن پياري جي مڙهه تي زارو قطار روئيندي نظر اچي رهي هئي. مرندڙ اهو شخص دولت اسلامي عراق ۽ شام (داعش) هٿان موت جو کاڄ ٿيندڙ اڻ ڳڻين ماڻهن مان هڪ هو. هاڻي داعش جنهن جي مڙهيل جنگ سبب آمريڪا جي سالن جي محنت سان تيار ڪيل عراقي فوج ڏينهن ۾ مليا ميٽ ٿي وئي ۽ ملڪ جو اڪثر حصو ويڙهاڪن جي قبضي ۾ هليو ويو، جيڪو شايد استعماري تاريخ جو منفرد واقعو آهي. بهرحال اها تصوير اخبار جي مشهور موٽو “هر اها خبر جيڪا ڇپجڻ جي قابل هجي” جي هيٺان شايع ٿي هئي“ ليڪن نيويارڪ ٽائمز کي ان فقري بدران نازين خلاف ٻي مهاڀاري جنگ ۾ نيو رمبرگ ۾ ٿيند‎ڙ ٽرائيل دوران مشهور ٿيندڙ فقرو شايع ڪرڻ کپندو هو ته: “جارحيت سڀ کان وڏو عالمي ڏوهه آهي، جيڪو باقي جنگي ڏوهن کان ان ڪري مختلف آهي جو ان ۾ سڄي فساد جي پاڙ لڪل هوندي آهي”.

انهن لفظن سان گڏ 1940ع جي ڏهاڪي ۾آمريڪا بهادر جي چيف پراسيڪيوٽر رابرٽ جيڪسن جا اهي مشهور جملا شايع ڪرڻ ۾ به ڪو حرج ناهي جيڪي هن نازي ليڊرن جي ٽرائل جي موقعي تي چيا هئا. هن چيو هو ته : “اسان جن ثبوتن جي بنياد تي انهن ملزمن کي جاچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سڀاڻي تاريخ به اسان کي انهن ثبوتن جي بنياد تي جاچيندي. انهن قيدين کي زهر جو پيالو پيارڻ جو مطلب آهي ته اسان به زهر جو اهو ئي پيالو پنهنجي چپن سان به لڳايون”

2003ع ۾ عراق تي آمريڪا ۽ برطانيا طرفان مڙهيل جنگ جارحيت جو جيئرو جاڳندو مثال آهي. اها جنگ شروع ڪندڙ ڀلي ته پنهنجي مقصد جي حق ۾ دليلن جا انبار لڳائي ڇڏين ليڪن اهي ڪڏهن به ان جارحيت جو دفاع نه ڪري سگهندا. PANARAB ويب سائيٽ جي ايڊيٽر عبدالباري اطوان جو چوڻ آهي ته : “ان ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن ته عراق هن وقت جهڙين بدترين حالتن ۾ ڦاٿل آهي، اهي آمريڪا ۽ اولهه جي ملڪن جي عراق تي جارحاڻي قبضي ۽ عرب ملڪن طرفان ان جي جارحاڻي حمايت جي ڪري ٿيو. اهو ئي اول ۽ آخر سچ آهي. عراق جي هاڻوڪي صورتحال ڪنهن ٻئي تي الزام هڻڻ حقيقتن کان پرده پوشي برابر آهي:”

عراق جي معاملن تي گهري نظر رکندڙ تجزئي نگارن ريڊ جرار ويجهڙ ۾ ئي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ اهڙيون حقيقيون ٻڌايون جن جي اسان اولهه ۾ رهندڙن کي خبر هئڻ گهرجي. گهڻن تڻن عراقين وانگر جرار به اڌ شيعو ۽ اڌ سني آهي. هن چواڻي عراق تي اولهه جي حملي کان اڳ هو پنهنجن ويجهن مٽن مائٽن جي عقيدن کان به بي خبر هو ڇو ته فرقيواريت يا مذهب جي نالي تي ورهاست عراقي قوم ۾ موجود ئي نه آهي. فرقيواريت ۽ بنياد پرستي جون سوکڙيون عراق تي غير ملڪي حملي ۽ قبضي سان گڏ آيون”

july-15-2014    25

غير ملڪي جارحيت عراق جي قومي تشخص کي ڏاڍو نقصان پهچايو، ايئن عراق فرقن ۽ نسلن جي تشخص ۾ ورهائجي ويو. ان جي شروعات ته ان وقت ٿي جڏهن آمريڪا عراق جي واڳ هڪ اهڙي گورننگ باڊي کي سونپي ڇڏي جيڪا فرقيواريت جي بنياد تي قائم ڪئي وئي هئي ۽ اها ڳالهه عراق لاءِ بلڪل نئين هئي ته ان کي هلائيندڙ فرقيواريت جي بنياد تي ورهايل آهن. هاڻي اتي شيعا ۽ سني هڪٻئي جا سڀ کان وڏا دشمن آهن جنهن جي ذميوار ڊونلڊرمسفليڊ ۽ ڊڪ چيني جي جارحاڻي پاليسي آهي، جنهن ملڪ جا بنياد ته لوڏي ڇڏيا آهن پر هاڻي ان تشدد جا اثر سموري خطي ۾ پکڙجي رهيا آهن.

ان کانسواءِ ٻي اهم خبر اها آهي ته طالبان افعانستان ۾ ٻيهر طاقتور ٿي رهيا آهن. ائين ڇو ٿي رهيو آهي. اهو اسان صحافي آنند گوپال جي ڪتاب No Good Man Among The Living مان ڄاڻي سگهون ٿا.

هو لکي ٿو ته: جڏهن آمريڪا 2-2001 ۾ افغانستان تي حملو ڪيو ته القاعده جيڪا غير افغاني عنصرن تي ٻڌل هئي، اها ترت ئي منظرنامي تان غائب ٿي وئي ۽ طالبان به هيڏانهن هوڏانهن وکري ويا. ايئن آمريڪا بهادر ۽ سندس اتحادين جو اتي قبضو ٿي ويو، ليڪن واشنگٽن کي جلدي هئي ته هو جلد کان جلد دهشتگردن کي چيڀاٽي ڇڏي.

آمريڪا، افعانستان ۾ پنهنجي جن به ماڻهن کي حڪمران بڻايو اهي آمريڪا جي ان تڪڙ کي سمجهي ويا ۽ انهن ان جو فائدو کڻندي پنهنجي دشمنن خلاف طاقت جو وڏي پئماني تي استعمال شروع ڪري ڇڏيو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته حملن جو نشانو بڻجندڙن ۾ اهي عنصر موجود هئا جن افعانستان تي آمريڪي حملي جي حمايت ڪئي هئي. ترت ئي سڄي افغانستان تي هڪ ڀيرو ٻيهر وحشي وار لارڊز جي حڪمراني شروع ٿي وئي ۽ اهي اڳوڻا طالبان، جيڪي نئين نظام ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ چاهين پيا اهي مايوس ٿي ويا ۽ انهن ٻيهر بغاوت جو علم بلند ڪري هٿياربند جدوجهد شروع ڪري ڇڏي.

رڳو عراق ۽ افغانستان نه بلڪه آمريڪا پنهنجي جارحاڻي پاليسي وارو هٿوڙو هڪ ڀيرو وري کنيو ۽ هن ڀيري اهو هٿوڙو لبيا جي مٿي ۾ وهائي ڪڍيو. جيتوڻيڪ صدر اوباما هن جنگ ۾ پويان پويان رهيو ليڪن بهرحال هن جارحيت ۾ آمريڪي ڪردار کي وساري نه ٿو سگهجي. مارچ 2011ع ۾ “عرب بهار” جي شروعات ٿيڻ کانپوءِ لبيا جي حڪمران معمر قذافي خلاف عوامي بغاوت شروع ٿي وئي، گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قرار در نمبر 1973 ۾ ملڪ ۾ هر قسم جي جارحيت ۽ حملا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ليڪن سيڪيورٽي ڪائونسل جا ٽي مستقل ميمبر فرانس، برطانيا ۽ آمريڪا ان قرارداد جي ڀڃڪڙي ڪندي لبيا جي باغين جي “ايئرفورس” ٺهڻ کي اوليت ڏني ۽ ملڪ ۾ تشدد کي انتها درجي تائين پهچائي ڇڏيو. ان مهم جوئي جي پڄاڻي رت سان ڀريل هئي، جنهن ۾ معمر قذاتي ته تشدد سبب مارجي ويو، ان کانسواءِ شهرين جي هڪ وڏي انگ کي اهڙي ڀيانڪ موت جي منهن ۾ ڌڪيو ويو جو ماڻهن کي چيچنيا جي جنگ ۾ روس جو گروزني ۾ ڪيل ظلم ۽ بربريت ياد اچي ويا. لبيا ۾ اقتدار جي تبديلي جو ٽارگيٽ ته حاصل ڪيو ويو، ليڪن ان جي بنياد ۾ سوين انسانن جي رت جو ٻليدان ڏنو ويو.

آمريڪي ڪائونسل لبيان حملي جي ٽنهي اتحادي ملڪن جي سخت مخالفت ڪئي هئي. آفريقا جي معاملن تي گهري نظر رکندڙ اليڪس ڊي مال جنهن جو تعلق برٽس جرنل آف انٽرنيشل افيئر سان آهي. ان موجب آفريقي يونين معمر قذافي کي لبيا ۾ نگران حڪومت قائم ڪرڻ ۽ جمهوري چونڊون لبيا ۾ ڪرائڻ لاءِ راضي ڪري ورتو هو. ان تي عمل ڪري ۽ باغين وچ ۾ جنگبندي ڪرائي معصوم شهرين جي زندگي جو تحفظ يقيني بڻائڻو هو. اهو روڊ ميپ قذافي کي ته قبول هو ليڪن ٽئي اتحادي ملڪ اهڙي پائيدار ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ ۾ دلچسپي نه پيا رکن. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته لبيا هاڻي مختلف مليشائن ۽ خانگي فوجن جي قبضي ۾ آهي، جڏهن ته جهاد جي نالي تي دهشتگردي پکيڙيندڙ لبيا کانسواءِ آفريقا ۾ ڦهلجي ويا ۽ هاڻي اهي شام ۾ تباهي آڻي رهيا آهن.

آمريڪا بهادر جي سڄي دنيا ۾ جارحاڻين پاليسين جي تباهي جون ڪهاڻيون اڄ کان نه پر وڏي عرصي کان موجود آهن. 60ع جي ڏهاڪي ۾ جمهوريه ڪانگو جو ئي کڻي مثال وٺو، جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي. 1960ع ۾ آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ وزيراعظم پيٽرس لومامبا جي قيادت ۾ هن ملڪ جي ترقي جا امڪان روشن هئا. ليڪن تڏهوڪي سي آءِ اي چيف آلن ڊولس فيصلو ڪيو ته لوما مبا جو اقتدار، آمريڪا بهادر جي مفادن کي نقصان رسائي سگهي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪانگو جي وزيراعظم کي قتل ڪيو ويو ۽ ملڪ جو اقتدار آمريڪا جي پسنديده ليڪن ڪرپٽ ۽ قاتل ڊڪٽيٽر مولوتوسيسي سيڪو جي حوالي ڪيو ويو ، جنهن هڻي ته ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت پنهنجي فائدي لاءِ آمريڪا وچ ايشيا ۾ به اهڙيون پاليسيون اختيار ڪيون جو اتان جا رهواسي پنهنجي ملڪن جي تباهي کان ڊڄي آمريڪا طرف رخ ڪرڻ لڳا، جتان بارڪ اوباما کين ڊي پورٽ ڪري رهيو هو.

هن سڄي پسمنظر ۾ چئي سگهجي ٿو ته نيوريم برگ ۾ ڏنل فيصلو “جارحيت عظيم عالمي ڏوهه آهي”، هاڻي پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو آهي. جارحيت جي ڀيٽ ڪنهن به پنهنجي ايندڙ نسلن کي وڏا فائدا پهچائڻ لاءِ قربان ڪرڻ سان نٿي ڪري سگهجي، جيڪو هن وقت کليل طور ڪيو پيو وڃي.

Compile by Affair

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو