Home / ڪور افيئر / عمران خان جو آزادي مارچ رولڙي جو شڪار!
above article banner

عمران خان جو آزادي مارچ رولڙي جو شڪار!

Ajiz jamaliملڪ ۾ ڪوڙي انقلاب جا دعويدار نيٺ هڪ ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيا آهن.17 هين جولاءِ تي طاهرالقادري جي اپيل تي ٿيل مظاهرن ۾ سڄي ملڪ ۾ عمران خان جي تحريڪ انصاف به شرڪت ڪئي. عمران خان آهستي آهستي طاهر القادري جي ويجهو ٿي رهيو آهي ۽ طاهر القادري عيد کانپوءِ “يوم انقلاب” جو اعلان ڪرڻ وارو آهي. اهو يوم انقلاب لڳ ڀڳ اهڙو ئي هوندو جنهن جي باري ۾ “افيئر” جا ٻه شمارا اڳ “لنڊن پلان” جي حوالي سان سڄا تفصيل ڏئي چڪا آهيون. جيڪا ڳالهه رهيل آهي اُها اِها آهي ته عمران خان کي طاهر القادري سان ملائڻو آهي. پر ان ماحول ۾ ان کانپوءِ به وڏي ڳالهه ميان نواز شريف ۽ فوج ۾ هم آهنگي آهي. گذريل هڪ مهيني ۾ نواز شريف ٽي ڀيرا جي ايڇ ڪيو ياترا ڪري چڪو آهي پر ان ياترا ۾ سندس گهرو وزير چوڌري نثار ساڻس گڏ نه هئو. اطلاع آهن ته چوڌري نثار اقتدار کان اڳ فوج کي اها ضمانت ڏني هئي ته ڊڪٽيٽر جنرل مشرف باعزت نموني سان ٻاهر موڪليو ويندو. پر ميان نواز شريف تي پارٽي جي سخت گير اڳواڻن جو شديد دٻاءُ هئو ته جيڪڏهن جنرل رٽائرڊ مشرف کي آزاد ڪيو ويو هو پارٽي جي وزارتن تان استعيفيٰ ڏيندا. خود نوا ز شريف جو به اهو خيال هئو ته جنرل مشرف کي گهٽ ۾ گهٽ ايترو ضرورو لوڙايو وڃي جيترو هن 1999ع کان وٺي 2000ع تائين شريف خاندان کي لوڙايو هيو. سو لڳ ڀڳ هڪ سال کانپوءِ بهرحال مشرف به لوڙي رهيو آهي. چوڌري نثار جو شريف ڀائرن آڏو راضي ٿيڻ لاءِ اڄ به اهو ئي شرط آهي ته جنرل مشرف وڃي ته هو گهرو وزارت ۾ ٻيهرسرگرم ٿيندو. ڄاڻو ذريعا ٻڌائين ٿا ته عيد کانپوءِ جنرل مشرف جي پرڏيهه روانگي ٿيندي. ان صورت ۾ چوڌري نثار پراڻي پوزيشن تي موٽي ايندو يعني فوج ۽ شريف خاندان وچ ۾ چوڌري نثار ٻيهر پل جو ڪردار ادا ڪندو. ان صور ت ۾ فوج عمران خان کي سندس14 هين آگسٽ تي “آزادي مارچ” في الحال ملتوي ڪرڻ لاءِ چوندي. ٻڌ سڌ جوڳا ذريعا ٻڌائين ٿا ته فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف 14 هين آگسٽ تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سرڪاري تقريب ۾ شرڪت لاءِ رضامندي ڏيکاري آهي. جشن آزادي جي هن سرڪاري تقريب جي مقابلي ۾ عمران خان اڳي ئي اسلام آباد ۾ لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هئو. سو فوج جي چوڻ تي عمران خان آزادي مارچ کي ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪندو. ذريعا ٻڌائن ٿا ته عمران خان جي ايندڙ اعلان کان اڳ علامه طاهر القادري “ يوم انقلاب” جو اعلان ڪندو. سيپٽمبر ڌاري طاهر القادري جو انقلاب ايندو. پوءِ عمران خان کي اهو چيو ويندو ته هو اسلام آباد ۾ الڳ مارچ ڪرڻ بدران علامه طاهر القادري جي “يوم انقلاب” ۾ شامل ٿي وڃي. يوم انقلاب جو بنيادي مطالبو ٻيهر چونڊون يا وچ مدي واريون چونڊون ڪرائڻ هوندو ۽ عمران خان جو به اهو ئي مطالبو آهي.

july-15-2014    23

ميان نواز شريف گذريل ڏينهن پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان به اڻ سڌي ريت رابطو ڪيو آهي. ڇو ته زرداري گذريل هفتي نواز شريف لاءِ “خطرناڪ وارننگ” جي صورت ۾ هڪ بيان جاري ڪيو.

آصف زرداري اهو چيو هيو ته “ميان نواز شريف وزيراعظم آهي هو بادشاهه بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪري”. آصف علي زرداري اهو به چيو هئو ته جيڪڏهن عمران خان جي مطالبي تي قومي اسيمبلي جي چئن تڪن جي چونڊ نتيجن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وڃي ته ڪو آسمان ڪو نه ڪرندو” اڻ سڌي ريت آصف علي زرداري ڄڻ عمران خان جي حمايت ڪئي. زرداري جي اهڙي بيان کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اهم اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي، آصف علي زرداري سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر زرداري مخدوم شاهه محمود کي لفٽ نه ڪرائي.

پيپلز پارٽي جا ذميوار ٻڌائين ٿا ته اسان ميان نواز شريف جي جان ڇڏائڻ چاهيون ٿا. ان ڪري چئون ٿا ته چئن تڪن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي ميان نواز شريف عمران خان ميان پنهنجي جان ڇڏائي سگهي ٿو. پر طاهر القادري جا حامي عمران خان جي بيان جو ٻيو مطلب ٿا وٺن. طاهر القادري جا حامي چون ٿا ته نواز شريف جي سرڪار ڊاهڻ جي آخري مرحلي ۾ پيپلز پارٽي به شامل ٿي ويندي ۽ آخري ذڪر آصف علي زرداري جو هوندو. پر پيپلز پارٽي جي معتبر اڳواڻ سينيٽر ميان رضا رباني کان مون اهو ساڳيو سوال ڪيو ته هن وراڻيو “ طاهر القادري جو انقلاب ڊرامو آهي، پيپلز پارٽي جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ واري عمل جو ڪڏهن به حصو نه بڻبي پر ميان نواز شريف کي سمجهائيندا سين ته هو جيڪي حرڪتون ڪري رهيو آهي ان کان پاسو ڪري. هو اهي ساڳيو حرڪتون ڪري رهيو آهي جيڪي هن 1999ع ۾ ڪيون هيون”

عمران خان جي 14 هين آگسٽ وارو آزادي مارچ ملتوي ڪرائڻ لاءِ خود پيپلز پارٽي کي به ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي آهي پر آصف علي زرداري اڃا تائين ان معاملي ۾ خاموش آهي. خورشيد شاهه وزيراعظم ميان نواز شريف کي ٻڌايو ته جيڪڏهن کيس قومي اسيمبلي جون هڪ اڌ سيٽون ضايع ڪرڻيون ٿيون پون ته جمهوريت خاطر اها قرباني ايڏي وڏي ناهي، البته هن سوال تي مسلم ليگ نون اندر به الڳ الڳ رايا موجود آهن. مثال طور سڀ کان وڏو ڦڏو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي سيٽ تي آهي، جنهن سان چونڊن ۾ عمران خان جو مقابلو هو ۽ اياز صادق کي ٻه اڍائي هزار ووٽن جي اڪثريت هئي. ان سيٽ جي ووٽن جي نادرا کان تصديق کانپوءِ اياز صادق جي سيٽ وڃڻ جو خطرو آهي. ميان نواز شريف لاءِ اهو وڏو ڌڪ هوندو جو قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ئي تڪراري بڻجي وڃي. شايد ان ڪري به مسلم ليگ ن ووٽرن جي تصديق، ڳڻپ ۽ آڱوٺن جي نادرا کان تصديق لاءِ راضي ناهي. سڄي راند بظاهر ووٽن جي ڳڻپ تان شروع ٿي پر اصل راند وچ مدي جي چونڊن لاءِ آهي. طاهر القادري جو انقلاب به ٻيهر چونڊون ٿو چاهي ۽ عمران خان به وري چونڊون ٿو چاهي. اهڙي ريت گهٽ ۾ گهٽ ان هڪ نقطي تي هي ٻئي ڌريون اتحاد ڪري سگهن ٿيون. جڏهن ته مخالف ڌر جون باقي سڀ ڌريون ته اڳئي هنبون ڇيون هڻي رهيون آهن، جن ۾ مسلم ليگ قاف، شيخ رشيد، ايم ڪيو ايم، مجلس وحدت المسلمين، سني تحريڪ، سني اتحاد ڪائونسل وغيره شامل آهن. اهي سڀ “يوم انقلاب” جي اعلان کانپوءِ ڌرڻا هڻڻ جون تياريون ڪنديون. سڄي پاڪستان ۾ ڌرڻا لڳندا. هن ۾ اصل سوال ميان نواز شريف ۽ فوج جي لاڳاپن جو هوندو. جيڪڏهن چوڌري نثار ذريعي فوج ۽ سرڪار ۾ دوستي ٿي وئي ته پوءِ طاهر القادري جا ڌرڻا غير موثر هوندا. پوءِ ممڪن آهي ته ان ۾ عمران خان به شامل نه ٿئي پر جيڪڏهن جي ايڇ ڪيو سان وفاقي سرڪار جا لاڳاپا بهتر نه ٿيا ته پوءِ هي ڌرڻا نواز سرڪار لاءِ ڏچو پيدا ڪندا پر فوج جيڪڏهن آپريشن “ضرب عضب” کي اينگهايو ته پوءِ قادري لاءِ ڌرڻا هڻڻ مشڪل ٿي ويندا. ڌرڻا، لانگ مارچ، آزادي مارچ، مصطفيٰ انقلاب، اصل ۾ سڀ جو دارو مدار وري به فوج جي رويي تي ڇڏيل آهي، فوج جو موڊ ٻڌائي ٿو ته عمران خان کي ٻه قدم پٺتي هٽڻو هوندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو