Home / ڪور افيئر / عمران خان جو مارچ؛ حڪومت کي لوڙهيندو يا ڪک پن ٿي ويندو؟
above article banner

عمران خان جو مارچ؛ حڪومت کي لوڙهيندو يا ڪک پن ٿي ويندو؟

Razak Khatiگرمي جي شدت ۾ جيئن اضافو ٿي رهيو آهي، تيئن ملڪ جي گادي واري شهر جي گرمي به چوٽ چڙهندي وڃي، 14 آگسٽ تي ڳالھ اچي بيٺي آهي، تحريڪ انصاف جو سربراھ عمران خان سڀ لاڳاپا لاهي لاهور مان نڪرندو، ۽ بقول سندس ته اها سونامي (جنهن کي حڪومت جي تنقيد بعد هن آزادي مارچ جو نالو ڏنو آهي،) حڪومت جي مقدر جو فيصلو ڪندي عمران خان گذريل هڪ سال کان قومي اسيمبلي جي چئن تڪن تي ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندو رهيو آهي، جنهن ۾ لاهور مان سردار اياز صادق، خواجا سعد رفيق، سيالڪوٽ مان خواجا آصف ڪامياب ٿيا هئا ۽ لوڌران جو چوٿون تڪ جتان پي ٽي آءِ جو ارب پتي جهانگير ترين هارائي ويو هو ، انهن چئن تڪن تي عمران خان پاڻ قومي اسيمبلي ۾ ڳالھائي چڪو آهي، جنهن جي جواب ۾ خواجا سعد رفيق اها آڇ ڪئي هئي ته 4 نه پر هو 8 تڪن تي ڳڻپ ڪرائڻ لاءِ تيار آهن، جنهن مان چار تڪ ن ليگ جا ۽ 4 تڪ تحريڪ انصاف جا.

پر حڪومت ان تي هيستائين ڪجهه به نه ڪيو آهي، ان کان اڳ ۾ قومي اسيمبلي ۾ ئي گهرو وزير چوڌري نثار ، جيڪو هن وقت نيم ٺاھ باوجود به حڪومت جي وڪالت وارو ڪم نه پيو ڪري اهو به چئي چڪو آهي ته چار نه پر چاليهه تڪن تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، پر حڪومت پاران ايوان اندر ڪيل واعدن باوجود ان تي ڪابه اڳڀرائي نه ٿي ، جنهن ڪري ڳالهه هاڻي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي، عمران خان هاڻي چئن تڪن بدران سڄي ملڪ اندر ٿيل چونڊن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري چڪو آهي، جنهن ڪري هاڻي عمران خان وٽ واپسي جو رستو به ناهي، جيڪڏهن حڪومت چئن تڪن تي ڳڻپ ڪرائي به سهي ته به هو هاڻي انهن چئن تڪن جي نتيجن کي قبول نه ڪندو، لڳي ٿو ته هو گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي، ماضي به هن سان ڌڪ ٿيندا رهيا آهن، هن دفعي متان هن سان وڏو ڌڪ نه ٿي وڃي.

اها به حقيقيت آهي، ته ڇا انهن حالتن ۾ جڏهن فوج اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ مصروف آهي، ۽ 9 لک کان وڌيڪ آءِ ڊيپيز وزيرستان مان نڪري ملڪ جي مخلتف علائقن ۾ پهچي ويا آهن، انهن جي واپسي کي ممڪن ان صورت ۾ بڻائي سگهبو جڏهن آپريشن ڪامياب ٿي وڃي ۽ اتي رياست پاڪستان جي عملداري قائم ٿئي، ٻي ڳالهه اها ته جيڪڏهن عمران خان جي خواهش موجب هن حڪومت کي ختم به ڪري ڇڏجي ته پوءِ ٻيو ڪهڙو آئيني رستو آهي، جنهن تحت نئين حڪومت قائم ڪئي وڃي. جيڪڏهن نئين حڪومت قائم به ڪئي وڃي ته اها ڪهڙي حڪومت هوندي، هن دفعي به حالتون ان طرف وڃي رهيون آهن، جڏهن گذريل سال مولانا قادري جنوري ۾ اسلام آباد ۾ اچي ڌرڻو هنيو هو، تڏهن به 90 بدران 900 ڏينهن وارو فارمولا غور هيٺ هو، پر پيپلزپارٽي ڪوڙ سچ هڻي مڙيئي مولوي مان جان ڇڏائي، ۽ ٻن مهينن بعد نگران حڪومت قائم ڪري نڪري وئي پر ميان نواز شريف ڇا قادري، عمران ۽ چوڌرين مان جان ڇڏائي سگهندو؟

july-15-2014    20

حڪومت اسلام آباد ڏانهن ايندڙ عمران خان جي لانگ مارچ کي منهن ڏيڻ لاءِ پهرين آگسٽ کان ملڪ جي آزادي جي ڏهاڙن جي پروگرام جو ذهن ٺاهي ورتو آهي، جنهن تي ڳرو خرچ ايندو ۽ ان لاءِ مختلف مدن مان فنڊ حاصل ڪرڻ جون هينئر ساڻ تياريون شروع ٿي ويون آهن، ڊي چوڪ، جنهن تي عمران خان کي ڌرڻو هڻڻو آهي، ان چوڪ تي 14 اگسٽ تي تاريخي فوجي پريڊ ڪرائڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي. ان کان اڳ ۾ پاڪستان جي آزادي جي تقريبون ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿينديون رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته دهشتگردي جي خوف سبب گذريل ڳچ سالن کان اهو عمل ايئن ئي هلندو اچي، هي پهريون ڀيرو هوندو، جڏهن انيڪ سالن بعد فوجي پريڊ هتي ٿيندي. جنهن ۾ وزيراعظم سميت آرمي چيف ۽ ملڪ جون اهم شخصيتون انهي پروگرامن ۾ شريڪ ٿينديون، جيئن هڪ طرف عمران خان کي ميڊيا کان پري رکي سگهجي ته ٻئي طرف انهي رٿابندي ۾ فوج کي مصروف ڪري اهو تاثر ڏجي ته عمران خان جي پويان فوج ناهي. جنهن ڪري عمران خان لاءِ به اها پريشاني پيدا ٿيندي ته هو پوءِ پنهنجو آزاداي مارچ گادي واري شهر ۾ ٻيو ڪٿي کڻي پهچي. ٿي سگهي ٿو ته حڪومت ان ڏينهن سونامي وارن کي ايف نائين پارڪ حوالي ڪري يا ماڳھين اسلام آباد اندر به داخل ٿيڻ نه ڏئي، پر آخري ڳالهه ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف 9 لک آءِ ڊي پيز اتر وزيرستان مان نڪتل آهن، جنهن ڪري اهو خدشو وڏي پئماني تي موجود آهي ته ملڪ جي ٻن وڏن جاڙن شهرن ۾ دهشتگردي جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي، ان ڪري اڳي ئي شهر نيم فوجي دستن جي حوالي آهي، جيڪڏهن عمران خان وارو لشڪر به اسلام آباد اچي ويو ته پوءِ گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته عمران خان هن دفعي گهڻو ڪاوڙيل آهي، ۽ ان ڪري هن هر طرف محاذ کولي ڇڏيا آهن، حڪومت ڪنهن به صورت ۾ نٿي چاهي ته عمران خان لانگ مارچ ڪري، پر جيڪڏهن هو لانگ مارچ ڪري ٿو ته ته به هو اسلام آباد ۾ داخل نه ٿئي، جنهن ڪري وڏي ٽڪراءُ جا امڪان آهن. ماڊل ٽائون لاهور واري واقعي ن ليگ کي سياسي طور وڏو ڌڪ رسايو آهي، ان ڪري حڪومت ڪنهن به صورت ۾ نه چاهيندي ته هڪ دفعو وري ان قسم جو ڪو ٻيو واقعو ٿئي،

هاڻي سوال هي آهي ته انهن چئن هفتن ۾ حڪومت آخر اهڙي ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪندي جنهن سان هو پنهنجي جان آجي ڪرائي وڃي،

ويجهي ماضي ۾ اسان ڏسون ٿا ته ن ليگ سياسي مخالف تحريڪ تي جيڪو ردعمل اختيار ڪيو آهي ، اهو ڪنهن به ريت بالغ نظري وارو نظر نه آيو آهي، هجڻ ته ايئن گهربو هو ته عمران خان جي مطالبي تي چئن تڪن جي ڳڻپ ڪرائي معاملي کي دفن ڪيو وڃي ها، پر رڳو چئن تڪن تي ڳڻپ نه ڪرائي ن ليگ پنهنجي پوزيشن مشڪوڪ بڻائي ڇڏي. هاڻي جڏهن عمران خان سڄي چونڊن تي آڱر کنئي آهي ته پوءِ ن ليگ ڇا ڪندي، ٻي ڳالهه ته طاهرالقادري جي اسلام آباد آمد وقت جنهن انداز سان معاملن کي نبيريو ويو ، ان مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته هڪ اهڙو اڳواڻ ، جنهن جي پنهنجي سياسي پارٽي به هن وقت اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ ناهي، جنهن جي پويان ڀرپور سياسي قوت به ناهي، ان سان به جيڪڏهن هي حڪومت معاملا نٿي نبيري سگهي ته پوءِ عمران خان کي ڪيئن منهن ڏيندي، جيڪو هن وقت پاڪستان جي وڏي پارلياماني قوت طور موجود آهي، جنهن جي هڪ صوبي ۾ حڪومت آهي. ٻئي طرف انهن حالتن ۾ زرداري صاحب اوچتو بيان جاري ڪري گهڻن ماڻهن کي حيران ڪري چڪو آهي ، هن ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته عمران خان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي، تنهن ڪري حڪومت لاءِ اڃا به وڌيڪ سوڙھ پيدا ٿي آهي، زرداري صاحب پنهنجي بيان ذريعي هڪ تير ۾ ٻه شڪار ڪيا آهن، هڪ ته سنڌ حڪومت جا مامرا، خاص ڪري آءِ جي سنڌ واري مقرري تي وفاق جو رويو، ۽ ڪراچي آپريشن ۾ وفاقي حڪومت جي مالي سهائتا جو اشو اهم هو، زرداري صاحب جي ان بيان بعد وفاقي حڪومت فوري طور تي نه رڳو سنڌ حڪومت جي من پسند آءِ جي پوليس کي مقرر ڪري ڇڏيندي، پر وفاقي پاران روڪ فنڊ به سنڌ حڪومت کي ملي ويندا، جنهن ڪري ڪجهه ڏينهن لاءِ ٻاڙائي ٽري ويندي. زرداري صاحب کي اها به خبر آهي ته جيڪڏهن موجوده سسٽم ويڙهجي ويو ته پوءِ نه کيس وارو ملندو ۽ نه ٻين کي موقعو ملندو ته هو اقتدار ۾ اچن، ان ڪري ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان ڳالهه جا امڪان آهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري عمل ۾ اچي ويندي، جنهن ڪري حڪومت مٿان گهڻو پريشر به گهٽجي ويندو.

ٻئي طرف عمران خان ، جيڪو اڃا تائين پاڻ کي جذباتي جوان سمجهي ٿو ،ان بهاولپور واري جلسي ۾ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري تي جيڪي الزام هنيا هئا، ان بعد جسٽس افتخار جو پُٽ ارسلان افتخار به هاڻي ميدان ۾ ٽپي پيو آهي، ميڊيا مهم ذريعي بلوچستان جي سيڙپڪاري بورڊ جي وائيس چيئرميني به ختم ڪرائي وئي، هاڻي ارسلان افتخار عمران خان جي بي نڪاحي زال سيتاوائيٽ مان پيدا ٿيل نياڻي جو ڪيس کولرائڻ جي چڪر ۾ آهي، ان سلسلي ۾ هو اليڪشن ڪميشن مان عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري چڪو آهي، ۽ نادرا ۾ درخواست ڏني اٿس ته عمران خان جا تفصيل ڏنا وڃن، هو انهن تفصيلن کي گڏ ڪري ۽ سيتاوائيٽ مان ٿيل نياڻي جو ڪيس، جنهن ۾ پرڏيهي عدالت عمران خان کي ان جو والد قرار ڏئي چڪي آهي، کي عدالت ۾ کڻي ويندو ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته عمران خان آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت صادق ۽ امين نه رهيو آهي، ان ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي، اهو به ممڪن آهي ته جيڪڏهن عمران خان ۽ حڪومت وچ ۾ تڪرار تيز ٿي ويو ته ن ليگ پاڻ اهو ريفرنس اسپيڪر کي موڪلي ، ته عمران خان کي ان ٺوس بنيادن تي نااهل ڪيو وڃي. اهو ئي سبب آهي ته تحريڪ انصاف احتياط طور ميان نواز شريف جا نامزدگي ڪاغذ اليڪشن ڪميشن مان حاصل ڪري ورتا آهن، هن وقت هڪ طرف ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ قانون جنگ ته ٻئي طرف رستن تي جنگ شروع ٿي وئي آهي، عمران خان کي جن ڌرين اڳتي آندو آهي، اهي ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ اندر ڪهڙو منظر نامو ٺاهڻ چاهين ٿيون، اها ته کين خبر هوندي، پر جيڪو به ٿيندو اهو بهتر نه ٿيندو، ن ليگ هن وقت اندروني طور تي به ڏڦيڙ جو شڪار آهي، رمضان جي مهيني ۾ ڪجهه ايم اين ايز کي ميان نوازشريف ملاقات جو شرف بخشيو هو، پر 190 ايم اين ايز مان ٻه ٽي ڊزن اڳواڻن کي لفٽ آهي، ان ڪري اهي به اطلاع آهن ته اڳوڻن قاف ليگين ( هاڻوڪا ن ليگ جا ايم اين ايز) مٿان به ” ڪم “ جاري آهي، جيڪي ڪنهن به وقت بغاوت جي صورت ۾ سامهون اچي سگهن ٿا، ن ليگ مٿان اندروني ۽ ٻاهريون پريشر آهستي آهستي وڌندو ويندو، جيئن کيس وڌيڪ چپي سگهجي، ڇاڪاڻ ته يوسف رضا گيلاني جيڪو سچ ڳالھايو آهي، ان نه رڳو پيپلزپارٽي جي ماضي جي دعوائن کي غلط ثابت ڪيو آهي، پر اها ڳالهه به ثابت ٿي آهي ته گيلاني هن وقت اها ڳالهه ڪري ڪنهن جي ونگار وهيو آهي، ن ليگ مشرف جي معاملي ۾ جيڪا فوج سان واعدي خلافي ڪئي آهي، ان لاءِ کيس ڀوڳڻو پوندو، پر بدقستمي اها آهي ته ن ليگ طاقت هجڻ جي باوجود معاملن کي سياسي انداز سان نبيري نه پئي سگهي، هي سمورو کيل مشرف جي معاملي ۾ ن ليگ جي اختيار ڪيل طريقي بعد شروع ٿيو آهي،

اسيمبلي مدو پورو ڪندي يا نه؟ ميمبرن جي راءِ ورهايل!

ن ليگ جي حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي يانه؟ اهو سوال پهرين ڏينهن کان ڪيو پيو وڃي، هي رڳو 5 جون 2013 جي ڳالهه هجي ها ته ٺيڪ، جڏهن وزيراعظم ميان نواز شريف پنهنجي عهدي جو حلف کنيو هو، پر 2008ع ۾ جڏهن پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آئي تڏهن به اهو ساڳيو سوال پارليامينٽ جي راهدارين ۽ اقتدار جي ايوان ۾ موجود حڪمران پاڻ به هڪ ٻئي کان ڪندا رهيا، اهي ته اچي مچي ڪري پنهنجو وارو وڄائي ويا، پر اهي ڇا ڪندا جيڪي هن وقت اچڻ ساڻ مسئلن جي گپ ۾ اهڙا ڦاٿا آهن جو سندن پير نڪرن ئي نٿا،

” آئون 3 ڀيرا ايم اين اي ٿيو آهيان، پر ڪڏهن به مون واري اسيمبلي پنهنجو مدو پورو نه ڪيو آهي“ ستار بچاڻي پيپلزپارٽي جو سينئر ترين پارليامينٽرين ۽ ووڪل ميمبر آهي، جيڪو دل تي سو چلھه تي واري ڪار هوندي اٿس، ان ڏينهن پارليامينٽ جي راهداري ۾ ڪچهري ڪندي هن کلندي چيو هو، تيستائين ڪمال خان چانگ کلندي چيو ته رڳو تون اڪيلو نه پر هن دفعي انيڪ اهڙا چونڊجي آيا آهن، جن جي اسيمبلين ڪڏهن به پنهنجو مدو پورو نه ڪيو آهي، بشير هاليپوٽي به ڪڏهن پنهنجو مدو پورو نه ڪيوآهي“ بشير کي ڇڏ، نواز شريف پاڻ ڪڏهن مدو پورو ڪيو آهي؟ هڪ ٻئي ايم اين اي چيو هو!!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو