Home / سنڌ افيئر / عمرڪوٽ ڪلاسيڪل ڪردارن کان اغوا انڊسٽري تائين!
above article banner

عمرڪوٽ ڪلاسيڪل ڪردارن کان اغوا انڊسٽري تائين!

Ilyas Thariٿر جي گيٽ وي طور مشهور عمرڪوٽ ضلعو جيتوڻڪ علمي ادبي دنيا جو اهو زرخيز خطو رهيو آهي جنهن جا پنڌ راڳ جي راڻي عابده پروين کان وٺي سينگار علي سليم به ڪيا آهن . فقرائن جي سچن پٿرن واري مالها پاتل سينگار علي سليم سان منهنجي پهرين ملاقات عمرڪوٽ ۾ ”مالهي “ جي هوٽل تي ٿي هئي، ان هوٽل جي ڀرسان سڏ پنڌ تي سامهون ئي هر سال ڏهين محرم تي شامِ غريبان به پڙهي ويندي آهي . اهو ٺڪاڻو اڪثر مولائين جي آماجگاهه طور به مشهور رهيو آهي ، ناراڪئنال جي ڇولين ۽ پاڻي جي وڏي مقدار جي موجودگي سبب ماضي ۾ هتان جي آبادگارن کي ناري جو نواب پڻ سڏبو هو، جيڪو هاڻ ماضي جو قصو بڻجي ويو آهي۽هاڻ هتان جو آبادگار ديوين جون ڪاٺيون وڪرو ڪري پيٽ پالڻ تي مجبور آهي . توڻي جو هتان جي آبادگارن ڪجهه وقت اڳ آبپاشي جي هڪ آفيسر کي سونو تاج پارايو پر آبپاشي جي ٽنڊيلن ۽ داروغن جي دادگيري اڄ به جاري آهي .

عمرڪوٽ کي شيخ اياز جي ڇا ٿو سوچي ڇاڇرو؟ سان ڳنڍيندڙ پهريون شخص سنڌ جي خانه بدوش جوڳين جو سردار ڦوٽو جوڳي هو، جنهن عمرڪوٽ کان ڇاڇرو تائين 70 واري ڏهاڪي ۾ ٽرانسپورٽ جو پهريون ذريعو کيکڙو هلايو. جڏهن ته 60 جي آخر تائين ڪنري اناج منڊي کان وٺي حسن جي منڊي تائين هر حوالي سان عروج تي هو ۽ حليم باغي جو مشهور نظم “چتونءَ پکي آ چنري ۾ ،هو هر روز اچي ٿي ڪنري ۾”، ان جي چٽي عڪاسي ڪري ٿو . ڦوٽي جوڳي جي کيکڙي سان مقابلي لاءِ مون ۽ حاجي سراج سومرو پنهنجو نئون کيکڙو ميدان ۾ لاٿو ۽ پوءِ ٽرانسپورٽ وارو اهو مقابلو اسين کٽي وياسين، اها ڳالهه سنڌ جي هاڻوڪي صوبائي وزير سيد علي مردان شاهه هڪ نجي ڪچهري ۾ ٻڌائي . چوندا آهن ته وقت بادشاهه آهي ۽ پوءِ ان ڦوٽو جوڳي کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي وزير اعظم ٿيڻ بعد عمرڪوٽ ۾ جوڳين لاءِ ڪالوني الاٽ ڪري ڏني پر جڏهن ڦوٽي جوڳي غير قبيلي ۾ شادي ڪئي ۽ پنهنجي ڪنوار کي عمرڪوٽ آندو ته جوڳين کيس سرداري تان لاهي ڇڏيو. اڄ اها جوڳي ڪالوني عمرڪوٽ ۾ بازار حسن طور مشهور آهي ۽ ڪيترائي جوڳي عمرڪوٽ جي آس پاس ڀٽن تي وڃي آباد ٿيا آهن.

عمر سومرو جي بادشاهي ۽ مارئي جي قيد خاني طور مشهور شهر عمرڪوٽ جي هاڪ جا پڻ هيڪاندا حوالا موجود آهن، جن ۾ امراڻو ۽ سنڌ ڇڏي ڀارت لڏي ويل ڀٽائي گهوٽ جو مصور امرت مالهي پڻ شامل آهي، ڊگهن زلفن وارو جيالو گلو حجام ۽ پٽڪي وارو استاد مير محمد جوڻيجو ڪنهن کان وسري سگهندا. ڪيهر لڪيان گوريان ، ڍولو چتر سڄاڻ بڙ جهڪيا لانٻي تڙيان ، آيو گڏ امراڻ چيتي جهڙي چيلهه رکندڙ خوبصورت نارين ۽ اڪابر انسانن جو آشرم رهندڙ عمرڪوٽ شهر اڄڪلهه هندو سيٺن ۽ واپارين کي ڀنگ خاطر اغوا ڪرڻ جي منڊي بڻجي چڪو آهي. نه ته مٿئين مارواڙي شعر مان اهو پتو پوي ٿو ته عمرڪوٽ گهاٽن بڙن جو خوبصورت شهر رهيو آهي.

july-15-2014    32

تاريخي حوالن مان پتو پوي ٿو ته نادر شاهه جڏهن عمرڪوٽ شهر ۾ ڦر لٽ ڪئي هئي تڏهن هن پنهنجو لشڪر لانٻي جي گهاٽن بڙن جي هيٺيان لڪايو هو. اغوا ٿيندڙ عمرڪوٽ جي پر امن اقليتي واپارين ۽ ڪاروباري شخصيتن جو ڪير دشمن آهي ۽ ان جا سبب ڪهڙا آهن. اهو جيتوڻيڪ اهم سوال آهي پر ان جي شروعات 80ع واري ڏهاڪي کان ٿي جڏهن ڊاڪٽر شيوا رام مالهي کي اغوا ڪيو ويو، ٻه ڀيرا اغوا ٿيندڙ هن ڊاڪٽر جو قصور صرف اهو هو جو ان دور جو هي شاهوڪار ۽ سٺو زميندار هو. اغوا ڪندڙ ڏوهارين سندس ملڪيت ڦٻائڻ ٿي چاهي. سرڳواسي ڊاڪٽر هرچند راءِ لکاڻي کي پڻ اغوا ڪيو ويو هو ۽ چون ٿا ته کيس عمر ۽ پانڌي ملاح نالي ٻن ڌاڙيلن اغوا ڪيو هو جن سانگهڙ ضلعي جي هڪ ڌاڙيل جي ڳوٺ راڙ ۾ رکيو هو ۽ ڊاڪٽر هرچند کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ان وقت جي پاڳاري شاهه مردان شاهه پڻ پنهنجي مريدن کي سخت حڪم ڏنو هو. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر هرچند راءِ ته ملي ويو پر عمر ۽ پانڌي ملاح پنهنجون قهري ڪارروايون جاري رکيون ۽ پوءِ پوليس مقابلي دوران عمر ملاح مارجي ويو ۽ پانڌي ملاح کي سندس ساٿي زخمي حالت ۾ کپري واري پاسي کڻائي ويا جتي ڳچ عرصي تائين علاج هليو. ان دوران کڙڪ پوڻ تي پوليس وري کيس گرفتار ڪري کپري ٿاڻي آندو، پانڌي ملاح جي ماءُ ان وقت جي وڏي وزير ڄام صادق علي وٽ دانهن کڻي ويئي ۽ پنهنجي پٽ جي جان بخشي واري اپيل ڪئي. چون ٿا ته ڄام ڪانڀو خان جي پٽ ڄام صادق علي مرحوم جو شايد اهو پهريون حڪم هو جنهن کي پوليس ڪا موٽ نه ڏني ۽ نه مارڻ واري حڪم کي نظر انداز ڪندي پوليس ڄام جي ماڻهن جي ٿاڻي تي پهچڻ کان اڳ پانڌي ملاح کي ماري ڇڏيو.

عمرڪوٽ مان تازو سيٺ پيتامبر سونارو ۽ سندس ڊرائيور کي اغوا ڪيو ويو جيڪو اطلاع آهن ته پوليس ڊيل وسيلي واپس مليو ۽ اغوا ڪندڙ کيس وڏي شانائتي ۽ مانائتي انداز ۾ ڇور ويجهو ڇڏي ويا جنهن کي پوليس ٽپالي جو ڪردار ادا ڪندي ايئن گهر پهچايو جيئن ٽپالي ڪو پارسل پهچائيندو آهي. ٻڌڻ ۾اچي ٿو ته معاملو گرفتارين بعد ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو جي بنياد تي ختم ٿيو. صحافتي ذريعا ٻڌائن ٿا ته پيتامبر جي بازيابي کان اڳ پوليس کي چار کان ڇهه جوابدار ڊيل تحت ڇڏڻا پيا، اهڙي ريت سيٺ امولک داس، سيٺ سروڻ ڪمار واشديو مالهي، سيٺ تاراچند ۽ سيٺ گهنشام مهيشوري کي پڻ ويجهي ماضي دوران اغوا بعد لکين ڪروڙين روپيا ڀنگ ڀري بازياب ڪرايو ويو. سنڌ جي اڳوڻي قانون واري وزير اياز سومرو جو ڀاءُ رياض سومرو جڏهن عمرڪوٽ جو ايس پي بڻجي آيو ته سيٺ تاراچند جي بازيابي لاءِ ڏيڍ ڪروڙ روپيا ڀنگ ڀرڻ جو پهريون چرچو منظر عام تي آيو، معاملو قومي اسيمبلي تائين پهتو ۽ تحريڪ انصاف تي عمرڪوٽ مان چونڊيل ايم اين اي لال مالهي اسيمبلي جي فلور تي اها ڳالهه چئي ته عمرڪوٽ جو ايس پي مبينه طور ڏيڍ ڪروڙ روپيا ڀنگ وٺڻ ۾ ملوث آهي پر وريو سريو ڪجهه به ڪو نه. ان سڄي صورتحال بابت جڏهن واشديو مالهي جي بازيابي بعد عمرڪوٽ جي سورهيه بادشاهه ڪامپليڪس سامهون ٿيل تاج پوشي واري تقريب دوران شاعر ۽ اديب ايم پي اي سردار شاهه پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته واشديو جي اغوا وارا پيرا کڻي ڏسبا ته ان پويان ڏهه جماعتي اتحاد بيٺل نظر ايندو. جيتوڻيڪ سردار شاهه ڪنهن جو به نالو ته نه کنيو پر سمجهڻ وارا سمجهن ٿا ته هن جي نشاني تي ڪير هو. ساڳي ريت صوبائي وزير سيد علي مردان شاهه چوندو رهيو آهي ته عمرڪوٽ جي اقليتن کي ان ڪري سزا ڏني پئي وڃي جو انهن هميشه جيالن کي ووٽ ڏنو آهي. کڻي حقيقت ڇا به هجي پر پي ٽي آئي ايم اين اي لال مالهي جو اهو مؤقف رهيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ وڏو وزير اقليتن کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن.

1990 جي ڏهاڪي دوران جڏهن نواز شريف وزير اعظم هيو ته ٿر جي اسلام ڪوٽ واري علائقي ۾ پلاٽن جي تڪرار تان وقتي طور تي هندو مسلم ڇڪتاڻ پيدا ٿي ويئي هئي ۽ ان وقت سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جيڪو تڪرار وارن ڏينهن ۾ ايم اين اي هو ۽ هن سخت بيان ڏيندي چيو هو ته ٿر جا هندو ايجنٽ آهن. اهڙي بيان تي وڏو ٻڙڌڪ مچي ويو هو، چون ٿا ته سرڳواسي راڻو چندر سنگهه سنڌي ٻولي نه پڙهي سگهندو هو پر هن کي اطلاع ڏنو ويو ته ارباب غلام رحيم ڪجهه هيئن فرمايو آهي ۽ پوءِ پنهنجي سموري تاريخي پسمنظر کي تبديل ڪندي ان راڻي چندر سنگهه جنهن بابت اهو مشهور هو ته هو ڪڏهن به ميڊيا کي بيان نه ڏيندو هو پر نيٺ راڻي پنهنجي خاموشي کي ٽوڙيندي آن دي رڪاڊ اهو چيو ته ته ارباب صاحب جيڪڏهن ٿر جا هندو ايجنٽ آهن ته انهن جو ڪمانڊر راڻو چندر سنگهه آهي. پهرين مونکي گرفتار ڪيو پوءِ هندن تي آڱريون کڻو.

جيتوڻيڪ راڻو چندر سنگهه ته پر لوڪ پڌاري چڪو آهي پر سندس ڪنور راڻو همير سنگهه گادي تي موجود آهي. عمرڪوٽ مان اڌ درجن کان وڌيڪ هندو سيٺ ۽ واپاري اغوا ٿي چڪا آهن پر مجال آهي جو راڻو همير سنگهه پاران ڪو مذمتي بيان جاري ٿيو هجي. ساڳيو حال پي پي ايم پي ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ، ڊاڪٽر هميش ڪمار ملاڻي ۽ ٻين اقليتي چونڊيل نمائندن جو پڻ آهي. سوڍن جي صاحبي ۽ راڻن جي راڄ طور مشهور ڍٽ امراڻي ۾ هيلوڪن ڏينهن دوران هتان جا هندو واپاري وڏي عذاب ۽ ذهني پريشاني ۾ مبتلا آهن. اڻ اعلانيا طور ڪيترائي هندو خاندان لڏ پلاڻ ڪري پرڏيهه هليا ويا آهن ۽ لوڪ گيتن، راسوڙن ۽ مٽڪو ڊانس جهڙو خوبصورت ۽ ڪلاسيڪل پسمنظر رکندڙ هي خطو هاڻ ڄڻ ته ڇورو ڇنو ٿيندو ٿو وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو