Home / اسپيشل افيئر / فاطمه جناح هائوس، قائد اعظم هائوس ميوزم يا فليگ اسٽاف هائوس؟
above article banner

فاطمه جناح هائوس، قائد اعظم هائوس ميوزم يا فليگ اسٽاف هائوس؟

شاهراهه فيصل جي شروعات ڪٿان ٿئي ٿي اها ته مون کي چڱي ريت خبر ناهي، ها اها ڄاڻ ضرور آهي ته ڪنهن وقت اهو روڊ ٺٽو روڊ سڏبو هو، وري پوءِ ڊرگ روڊ بڻيو، ان کانپوءِ ان جو نالو شاهراهه فيصل پئجي ويو. ڪٿي ڪٿي ان روڊ جو نالو شارع فيصل به لکيل نظر اچي ٿو. مشهور اديب سرور جاويد ان بابت ٻڌايو ته شاهراهه جي معنيٰ آهي هڪ ڊگهو روڊ ۽ شارع مان مراد آهي ڪو به رستو. ڊرگ روڊ شاهراهه فيصل جو قصو وري ڪنهن ٻئي ڀيري.

هن روڊ تي ملان لاغر نالي هڪ بلوچ هڪ مزار جو متولي هو ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏين کان مزار لاءِ ايترو ته چندو حاصل ڪري وٺندو هو، جنهن مان سندس گذارو ٿي ويندو هو. پوءِ هن لالچ ۾ اچي پنج سئو روپين ۾ اها مزار ڪنهن صاحب کي وڪرو ڪري ڇڏي. هاڻي ان مزار تي هڪ شاندر مقبرو موجود آهي ۽ متولي جي آمدني لکن ۾ آهي، اها ڪهاڻي به وري ڪنهن ٻئي ڀيري.

شاهراهه فيصل جي پڄاڻي مون کي خبر ناهي، هونئن اها ميٽرو پول هوٽل جي چوڪ تي ختم ٿئي ٿي. ميٽرو پول هوٽل به هاڻي ناهي رهيو رڳو عمارت وڃي بچي آهي، ميٽرو پول هوٽل جي ويجهو فاطمه جناح روڊ ۽ اڳوڻو بونس روڊ ڪنڊ تي هڪ ٽريفڪ پوليس چوڪي جي بلڪل سامهون هڪ قديم عمارت آهي. شاهراهه فيصل تي مهراڻ هوٽل ڪراس ڪيو ته ان کان ترت پوءِ قديم هڪ ٻه ماڙ بنگلو آهي. رات جي اونداهي ۾ اها جاءِ گهگهه اوندهه ۾ ٻڏل هوندي آهي، جنهن ڪري پر اسرار منظر پئي پيش ڪندي آهي. ان جو ڪارڻ ڪي احتياطي تدبيرون نه پر بجلي جو بل بچائڻ مقصود آهي. ڏينهن ۾ جيڪڏهن توهان هن عمارت کي ٻاهران ڏسندا ته ان تي قائداعظم ميوزم جو بورڊ نظر ايندو. ليڪن ان کي قائداعظم ميوزم جي نالي سان ڪراچي ۾ ڪير به نه سڃاڻي. هي عمارت فليگ اسٽاف هائوس جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي. قائداعظم هائوس جي حوالي سان DEPARTMENT OF ARCHAEOLOGY & MUSEUMS GOVERNMENT OF PAKISTAN KARACHI جي ڇپايل هڪ ڪتابڙي، ۾ جيڪو قاسم علي قاسم جو لکيل آهي ته: 1922 ع تائين هن عمارت جو مالڪ رام چند جي ڪڇي لوهاڻو هو. ان کانپوءِ برطانوي فوج اها عمارت ڪرائي تي حاصل ڪئي هئي. ان جا مختلف جنرل هن عمارت ۾ رهندا هئا. آخري جنرل جيڪو هتي رهيو ان جو نالو ڊگلس ڊي گريسي هو ، جيڪو بعد ۾ رائيل پاڪستان آرمي جو چيف به بڻيو. 1943ع کانپوءِ هن عمارت ۾ رهندڙ ڪمانڊرس نئين مالڪ جا ڪرائيدار هئا، ڪرائي جي رسيدن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته اهي رسيدون قائد اعظم جي نالي تي آهن. موجود ڪاغذ پٽن مطابق جنهن وقت قائداعظم اها عمارت خريد ڪئي ان وقت ان جا مالڪ سر سهراب ڪائوس جي ڪڙڪ ۽ سندس زال خورشيد ۽ پارين ٻائي هئا.

july-31-2014     45

قائداعظم جي لاڏاڻي کان پوءِ 13 سيپٽمبر 1948ع ۾ فاطمه جناح هن عمارت ۾ منتقل ٿي وئي، يارنهن سيپٽمبر 1948ع تي قائداعظم جو لاڏاڻو ٿيو هو جيڪڏهن قاسم علي قاسم جي ان ڳالهه کي صحيح تسليم ڪيو وڃي ته فاطمه جناح 13 سيپمٽبر 1948 تي فليگ اسٽاف هائوس ۾ منقتل ٿي هئي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ٿو ته آخر اهي ڪهڙا سبب هئا جو کيس پنهنجي ڀاءُ ۽ پاڪستان جي بانيڪار محمد علي جناح جي لاڏاڻي کان فقط ٻه ڏينهن پوءِ گورنر جنرل هائوس(هاڻوڪو گورنر هائوس) خالي ڪرڻو پيو. اهي سبب ڄاڻڻ لاءِ تمام وڏي پورهئي ۽ تحقيق جي ضرورت آهي.

1963ع ۾ فاطمه جناح هن عمارت مان مهوٽا پيلس (مهتا پيلس) منتقل ٿي وئي. مشهور ڪالم نگار جاويد چوڌري پهرين جولاءِ 2014ع تي پنهنجي ڪالم ۾ لکيو ته فاطمه جناح جو لاڏاڻو ان ئي عمارت ۾ ٿيو هو. اها ڳالهه ٺيڪ نه آهي. سندس لاڏاڻو9 جولاءِ 1967ع تي مهوٽا پيلس (مهتا پيلس) ۾ ٿيو هو. هو اهو به لکي ٿو ته: قائد اعظم ميوزيم هائوس اسٽاف لائينز نالي روڊ تي موجود آهي. اها ڳالهه به درست ناهي، هن روڊ جو نالو بونس روڊ هو، پوءِ ان روڊ جو نالو فاطمه جناح روڊ رکيو ويو هو. ان جو رڪارڊ ڪي ايم سي ۾ موجود آهي.

جيتري قدر فاطمه جناح جي ايوب خان خلاف صدارتي مهم قائد اعظم ميوزم هائوس کان هلائڻ جو تعلق آهي ته قاسم علي قاسم چواڻي؛ 1963ع ۾ فاطمه جناح مهوٽا پيلس (مهتا پيلس) منتقل ٿي وئي هئي، جڏهن ته صدارتي چونڊون جنوري 1965 ۾ منعقد ٿيون هيون، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هن صدارتي چونڊ مهم قائداعظم ميوزم هائوس مان هلائي هوندي. غلطي جو امڪان هر وقت رهندو آهي، ليڪن تحقيق جي حوالي سان محتاط رهڻ تمام ضروري آهي. زباني ڪلامي ڳالهه ٻولهه الڳ ڳالهه آهي ليڪن جڏهن معاملو لکت جو هجي ته مختلف ذريعن کان ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ به ضروري هجي ٿي.

جاويد چوڌري ان عمارت جي نقشي ساز جو نالو به لکي ڇڏيو، ان لاءِ سندس مهرباني، نالي مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته اهو شخص غير مسلم هو ليڪن قاسم علي قاسم جي ڪتابڙي، جيڪو آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ طرفان شايع ڪيو ويو آهي، ان ۾ نقشي ساز جو نالو به ناهي ڏنو ويو. منهنجي خيال ۾ ان جو ڪارڻ اهو ئي هوندو ته نقشي ساز نه رڳو غير مسلم هو بلڪه يهودي به هو . ان يهودي نقشي ساز ڪراچي ۾ ڪجهه ٻين عمارتن جا به نقشا ٺاهيا هئا، ڪنهن ٻئي موقعي تي ان بابت تفصيلي ويچار ونڊينداسين.

ها ته ذڪر ٿي رهيو هو قائد اعظم ميوزيم هائوس يا فليگ هائوس جو. جناب سرڪاري ڪاغذن ۾ نه ته هي فليگ هائوس آهي نه ئي قائداعظم ميوزم . آهي نه عجب جي ڳالهه ! جي ها، هن عمارت جو نالو فاطمه جناح هائوس آهي، جيڪڏهن توهان کي يقين نه اچي ته ڪراچي اليڪٽرانڪ سپلاءِ ڪارپوريشن جو ۽ واٽر بورڊ جو بل ڏسي وٺو.ان جي بقايائن جي ذميوار فاطمه جناح آهي. ويجهڙ ۾ ئي ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن، هاڻي ڪراچي اليڪٽرڪ (ڪي اي)ٿي وئي آهي. هن عمارت جي بجلي ڪاٽا ڪرڻ جو نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

عمارت جي خرچن جي ادائيگي لاءِ حڪومت طرفان هڪ لک 85 هزار ساليانو ڏنا ويندا آهن جيڪا رقم يقينن اڻ پوري آهي. گهڻو ڪري يهودي نقشي ساز کي اهو اندازو هو ته هن عمارت جي مالڪن کي ڪڏهن نه ڪڏهن بجلي جو بل نه ڏيڻ کي منهن ڏيڻو پوندو، ان ڪري هن مک عمارت کي چئني پاسن کان ايتريون دريون ٺاهي ڇڏيون هيون جو بجلي بند هجڻ جي صورت ۾ به هوا جو ڪو مسئلو نه آهي. ڪراچي اليڪٽرڪ طرفان قائداعظم هائوس ميوزم جي بجلي ڪاٽڻ لاءِ 4 لک 23 هزار 9 سئو 24 روپين جو بل موڪليو ويو آهي ۽ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ بجلي ڪٽڻ لاءِ خبردار ڪيو ويو آهي.

بلڪل اهڙي ئي ريت ڪراچي واٽر بورڊ مرحومه فاطمه جناح جي نالي سان ٽيهه جون 2014ع جي جاري ڪيل بل ۾ جنهن جي رقم ٻه لک 73 هزار 12 روپيا ٿئي ٿي جي ادائگي جو مطالبو ڪيو آهي جنهن وقت آءُ هي سٽون لکي رهيو آهيان اهو بل ڪراچي واٽر اينڊ سوريج بورڊ جي ويب سائيٽ تي موجود آهي جنهن جي ويب سائيٽ www.kwsb.gos.pk/DuplicateBill.aspxآهي.

هن عمارت جي نقشي ساز جو نالوJ Somak Moses هو، جيڪو هڪ يهودي هو، يقيني طور تي هو هڪ ڏورس رس نگاهه رکندڙ انسان هو، کيس ان ڳالهه جو اندازو هو ته ورهين کانپوءِ هن عمارت جي تعمير جي حوالي سان سندس ڪردار کي وساريو ويندو. ان ڪري هو عمارت جي داخلي دروازي جي بلڪل مٿان ڇت جي ڪنڊ تي هڪ ننڍي تختي جنهن کي غور سان ڏٺو وڃي ٿو ته نظر اچي ٿي، اها ڇڏي ويو جنهن تي سندس نالو لکيل آهي.

هي عمارت هاڻي فليگ اسٽاف هائوس جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، نه ڪي قائداعظم هائوس ميوزم يا فاطمه جناح هائوس جي نالي سان. هن عمارت کي ڏسڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو جيڪڏهن گرمين ۾ وڃن ته پگهر ۾ شل ويندا ڇو ته عمارت جي اندروني حصي ۾ نه ته پکا آهن نه ئي ايئرڪنڊيشن، عمارت سان گڏوگڏ آفيسن جون ڇتون به برسات ۾ ٽمنديون آهن. جنهن ڪارڻ اڪثر ڪري ڪاغذ پٽ پاڻي ۾ ضايع ٿي ويندا آهن. عمارت ۾ موجود لائبريري ۾ ٿورڙا ڪتاب باقي رکيل آهن ۽ شايد ئي ڊگهي عرصي کان ڪنهن هن لائبريري ۾ ڪو ڪتاب لکيو هجي يا پڙهيو هجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو