Home / ڪئپيٽل افيئر / قومي ٻولين جو سوال
above article banner

قومي ٻولين جو سوال

قومي اسيمبلي ۾ قانون ۽ انصاف واري اسٽيڊنگ ڪميٽي 16 جولاءِ تي ماروي ميمڻ پاران پيش ڪيل ان بل کي اڪثريتي ووٽ سان رد ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ صوبائي ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جي ڳالهه ڪيل هئي. ان بل جي خلاف ووٽ ڏيندڙن ۾ پيپلز پارٽي جو ايم اين اي اياز سومرو به شامل هو. گڏجاڻي ۾ وزارت جي سيڪريٽري جسٽس رٽائرڊ رضا خان عقل جا واهڙ وهائيندي فرمايو ته سڄي قوم لاءِ هڪ ئي ٻولي هجڻ گهرجي. هن صاحب تاريخ جي لتاڙ ڪندي اهو به چيو ته اوڀر پاڪستان وارو سانحو به ان ڪري پيش آيو جو اردو سان گڏ بنگالي کي به قومي ٻولي قرار ڏنو ويو هو.

تاريخ جي اهڙي لتاڙ هاڻ کل جوڳي ڳالهه ٿي چڪي آهي، ڇو ته دنيا کي خبر آهي ته درحقيقت بنگالي ٻولي جي تاريخي حيثيت کان انڪار ئي دراصل بنگلاديش جي قيام جو ڪارڻ بڻيو هو. لياقت علي خان ۽ سندس اردو لابي پهرين ڏينهن کان سخت گير اردو پاليسي جي حمايت ۾ هئي. هنن اهو پڪو پهه ڪري رکيو هو ته اردو ۽ اسلام وسيلي ملڪ تي قبضو ڪبو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هنن اردو کي ملڪ جي قومي ٻولي بڻائڻ واري دليل کي هميشه اسلام سان ڳنڍيو. سندن هڪ ئي دليل هو ته جيئن ته اردو ڪروڙين مسلمانن جي زبان آهي ۽ نظريه پاڪستان جو بنياد آهي، تنهن ڪري ان کي قومي ٻولي هجڻ گهرجي. قوميت ۽ مذهب جي نالي ۾ اهو ٺڳي جو ٺاهه بنگالين ۽ سنڌين کي خاص طور تي قبول نه هو ڇو ته انهن ٻنهي قومن جون ٻوليون اردو کان وڌيڪ شاهوڪار هيون.

بنگالي وچولو طبقو جيئن ته محب وطن، متحرڪ ۽ منظم هو، تنهن ڪري هنن ان ثقافتي، هڪ هٽي خلاف سخت مزاحمت ڪئي. بنگالي ان وقت آبادي جو 55 سيڪڙو هئا. تنهن ڪري هنن جو جائز مطالبو هو ته اردو سان گڏ بنگالي کي به قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.

1947ع ۾ جڏهن علي ڳڙهه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ضياءُ الدين احمد چيو ته اردو پاڪستان جي قومي ٻولي هوندي ته بنگالي ماهر لسانيات ڊاڪٽر شاهد الله کيس وراڻي ڏيندي چيو ته ان جو مطلب سياسي غلامي هوندو. 25 فيبروري 1948ع تي ڪانگريس اڳواڻ مسٽر داتا پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۾ تقرير دوران چيو ته ملڪ جي 6 ڪروڙ 90 لک آبادي مان چار ڪروڙ 40 لک ماڻهو بنگالي ڳالهائيندڙ آهن، تنهن ڪري اردو ۽ انگريزي سان گڏ بنگالي کي به قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. ان جي وراڻي ۾ وزيراعظم لياقت علي خان چيو ته پاڪستان ننڍي کنڊ جي لکين مسلمانن جي مطالبي تي وجود ۾ آيو آهي، پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ آهي ۽ ان جي قومي زبان به اهائي ٿيندي جيڪا ننڍي کنڊ جي ملسمانن جي هئي، يعني اردو مسٽر دتا پاران پيش ڪيل ان ترميم کي رد ڪيو ويو. ان جو سخت رد عمل ٿيو ۽ 11 مارچ 1948ع تي سڄي صوبي ۾ هڙتال ڪئي وئي ۽ جلوس ڪڍيا ويا.

july-31-2014     18

محمد علي جناح به اردو لابي جي اثر هيٺ ان کي سختي سان قومي ٻولي طور لاڳو ڪرڻ جو حامي هو. هن مارچ جي آخري ڏهاڪي ۾ بنگال جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ ڪوشش ڪئي ته هو اردو کي قومي ٻولي طور تسليم ڪري وٺن. هن 21 مارچ تي ڍاڪا جي ريس ڪورس گرائونڊ ۾ هڪ تمام وڏي ريلي کي خطاب ڪيو، جتي هن چٽن لفظن ۾ چيو ته مان اها ڳالهه اوهان کي چٽي طور ٻڌائڻ گهران ٿو ته ملڪ جي قومي ٻولي ٻي ڪا نه پر رڳو اردو هوندي.

بنگالي جناح جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا ۽ سندس انهن لفظن بنگالين کي سخت رنجايو. 24 مارچ تي ڍاڪا يونيورسٽي جي ڪزرن هال ۾ هن ان ڳالهه کي ورجايو ته رڳو اردو ئي قومي ٻولي هوندي. قائد اعظم کي ان وقت جهٽڪو لڳو جڏهن هال مان ”نو نو“ جا نعرا گونجڻ لڳا. اهڙي طرح بنگالي ٻولي جي تحريڪ کي هٿي ملي ۽ ان کي 21 فيبروري 1952ع واري واقعي انتها تي پهچايو جڏهن ڍاڪا يونيورسٽي جي شاگردن پاران بنگالي ٻولي جي حمايت ۾ ڪڍيل ريلي تي گوليون هلايون ويون. سرڪاري رپورٽ موجب ان واقعي ۾ نو ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته لينگويج ايڪشن ڪميٽي جي بيان موجب 39 ڄڻا مارجي ويا. هن وقت سڄي دنيا ۾ اهو ڏينهن گڏيل قومن پاران مادري ٻولين جي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو آهي.

وقت جي حڪومت کي اهو اندازو ٿي چڪو هو ته بنگالي ٻولي کي تسليم نه ڪيو ويو ته تمام وڏو هاڃو ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري 7 مئي 1954ع تي تڏهوڪي پرائيم منسٽر محمد علي بوگرا قومي اسيمبلي ۾ ٻولي وارو فارمولو پيش ڪيو. هن تجويز ڪيو ته اردو ۽ بنگالي کي ملڪ جون قومي ٻوليون بڻايو وڃي. جڏهن ته رياست جي سربراهه کي اهو اختيار هجي ته هو ڪنهن به صوبي جي اسيمبلي جي سفارش تي ان صوبي جي ٻولي کي به ساڳيو درجو ڏئي. ان فارمولي سان اردو لابي ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. جڏهن ته صوبن پاران ان جي ڀرپور پٺڀرائي ڪئي وئي. سنڌ مان پيرزادي عبدالستار، سرحد مان خان عبدالقيوم خان ۽ پنجاب مان سردار شوڪت حيات خان ان فارمولي جي آجيان ڪئي. سنڌ مان نوجوان سنڌي مسلمان جماعت وزيراعظم کي ان فارمولي پيش ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ سنڌ اسيمبلي توڙي رياست جي سربراهه کي گذارش ڪئي ته سنڌي ٻولي کي به قومي ٻولي جو درجو ڏياريو وڃي.

ٻئي طرف اردو لابي ان فارمولي خلاف رڻ ٻاري ڏنو. باباءِ اردو سڏائيندڙ مولوي عبدالحق بيان جاري ڪري چيو ته بنگالي ٻولي کي بنگالي ليکڪن پاليو آهي جڏهن ته اردو جي اوسر اسلامي ڪلچر، تعليمات ۽ روايت هيٺ ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته قومي نظرئي جو بنياد به اردو ۽ ان جي مسلمانن جي زبان طور قائم رهڻ ۾ آهي.مولانا احتشام الحق ٿانوي فارمولي کي رد ڪندي چيو ته اهو تصور به ڪرڻ ممڪن ناهي ته آزادي جي جدوجهد جي هڪ بنيادي اصول جي اهڙي توهين ڪئي وڃي.

جماعت اسلامي جي مولانا عبدالحميد بدايوني چيو ته هو پاڪستان اندر ٻن قومي ٻولين جي تصور کي قبول نه ٿو ڪري سگهي. پنجاب جناح عوامي ليگ جي راجا جسٽس اختر کان سواءِ خواجه عبدالرحيم ۽ آغا شورش ڪاشميري چيو ته اسلامي ڪلچر ۽ روايتن جي نمائندگي اردو کان وڌيڪ ڪا به ٻي صوبائي ٻولي نه ٿي ڪري سگهي. ٽائيم آف ڪراچي جي ايڊيٽر زيڊ اي سيلري ڪائونسل آف پاڪستان ايڊيٽر جي صدر طور اخباري هڙتال جو سڏ ڏنو.

ڪراچي جي جن ناميارين اخبارن ان اهڙتال ۾ ڀرپور حصو ورتو ان ۾ جنگ، ملت، ٽائيم آف ڪراچي، مارننگ نيوز ۽ ڊان شامل هيون. ڊان اخبار 21 مئي تي اخبار نه ڇپجڻ جي ڏنل اطلاع ۾ ڪو به ڪارڻ نه ڄاڻايو پر بنگالي ٻولي جي تحريڪ اڳي کان اڳري ٿيندي رهي ۽ اڳتي هلي ان هڪ اهڙي قومپرست تحريڪ کي جنم ڏنو، جنهن بنگلاديش جو بنياد رکيو.

جڏهن ملڪي اسٽيبلشمينٽ بنگالي ٻولي کي گهربل مرتبو ڏيڻ لاءِ راضي ٿي، تيستائين ڳالهه گهڻي اڳتي نڪري چڪي هئي ۽ معاملو ٻولي کان وڌي سياسي ۽ معاشي ڦرلٽ خلاف جدوجهد ۾ بدلجي چڪو هو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو جڏهن شيخ مجيب پنهنجا ڇهه نڪتا پيش ڪيا ته ان ۾ ٻولي جو ذڪر به نه هو، ڇو ته بنگالي ان سوال کان گهڻو اڳتي وڌي چڪا هئا.

هاڻي به ملڪ جي واڳ ڌڻين کي سوچڻ گهرجي ته هو ٻولي واري سوال کي ايترو غير اهم نه سمجهن ۽ بنگلاديش واري سانحي جي اصل ڪارڻن کي سمجهندي ملڪ ۾ رهندڙ قومن جي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي حقن کي مان ڏين ته جيئن ڪو ٻيو وڏو سانحو پيدا نه ٿئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو