Home / سنڌ افيئر / لاڙ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ آبادگارن جو وڏي وزير سان دنگل!
above article banner

لاڙ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ آبادگارن جو وڏي وزير سان دنگل!

Allah Bachayoپاڻي جي سخت کوٽ سبب سنڌ جي زراعت جو هن سال نيٺ جنازو نڪري ويو. آبڪلاڻي وارن مهينن ۾ به خريف جي فصل لاءِ مهينن کان سڪل واهن ۾ پاڻي نه اچڻ ۽ لکين ايڪڙن تي پوکيل آڳاڻي ساريالي جا ڪروڙين روپين جي ماليت جا فصل سوڪهڙي ۾ تباهه ٿيڻ، سوين ننڍي وڏي شهرن ۾ هزارين ڳوٺن جي لکين ماڻهن کي پيئڻ لاءِ به پاڻي نه ملڻ خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي. گذريل جون ۽ جولاءِ جي ٻنهي مهينن ۾ سنڌ جا لکين ماڻهو احتجاج ڪندي. روڊن تي نڪري پيا. انهن مهينن ۾ ڪشمور کان ڪيٽي بندر ۽ ڪمون شهيد کان ڪڍڻ، ڪلوئي تائين سنڌ جو ڪو به اهڙو قومي صوبائي شاهراهه ۽ روڊ رستو نه هو جنهن تي ڏهاڙي سوين هزارين ماڻهن پاڻي لاءِ مظاهرا ڪري ڌرڻا نه هنيا آهن.
پاڻي لاءِ ڪيل احتجاجن ۾ آخر تائين گم هئا ته اهي سنڌ جا چونڊيل عوامي نمائندا جن جي اڪثريت جو تعلق سنڌ جي حڪمران پيپلز پارٽي سان هو. جن مان گهڻن تي پاڻي جي چوري ڪرڻ جا الزام آهن. پاڻي لاءِ ڪيل عوامي احتجاجن جو جڏهن آخر تائين ڪو به تدارڪ ٿي نه سگهيو ۽ پاڻي ۾ جيئن ته هر جاندار جو پساهه آهي، سنڌي لوڪ جو پاڻي کانسواءِ جڏهن پساهه نڪرڻ لڳو تڏهن انهن جي قوت برداشت ۽ صبر جو پيمانو پڻ هاڻ ڇلڪڻ لڳو آهي. ان جو هڪ مثال 22 جولاءِ تي بدين ۾ ان وقت ڏسڻ ۾ آيو جڏهن سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه پاڻي جي کوٽ جو جائزو وٺڻ ۽ آبادگارن جي لاڳيتو ٿيندڙ احتجاج کي ماٺو ڪرڻ لاءِ بدين پهتو جتي هن سرڪرٽ هائوس بدين جي آڳند ۾ لڳايل پنڊارا ۾ آبادگارن سان کليل ڪچهري جڏهن شروع ڪئي ته بدين جا سوين آبادگارن آبياڻي عملدارن چونڊيل پاڻي چور عوامي نمائندن خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا. بدين جا مڇريل آبادگار وزيراعليٰ جي تقرير هلندي اسٽيج تي چڙهي ويا هنن وزيرا عليٰ پنهنجي تقرير اڌ ۾ ڇڏي وڃي سرڪٽ هائوس هليو ويو. تقرير دوران آبپاشي سيڪريٽري بابر آفندي اسٽيج تي اچي جڏهن اهو چيو ته بدين ۾ پاڻي جي کوٽ ناهي مختلف واهه وهي رهيا آهن جن جو پاڻي ٽيل ڪري رهيو آهي.

july-31-2014     34
آبپاشي سيڪريٽري جي اهڙي غلط بياني واري تقرير ٻڌي بدين جا آبادگار آبپاشي سيڪريٽري کي ڪوڙو ڪوڙ چئي اسٽيج تي چڙهي ويا انهن سيڪريٽري کي وڌيڪ ڳالهائڻ نه ڏنو. انهن مڇريل آبادگارن اڳواڻن ۾ ليفٽ بينڪ ايريا واٽر بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين خليل ڀرڳڙي، آبادگار تنظيم جا اڳواڻ پير فيض محمد شاهه، طارق محمود آرائين ۽ ٻيا شامل هئا. گوڙ وڌي وڃڻ تي جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو اڳواڻو دادلو پيپلز پارٽي تعلقي بدين جو اڳواڻ ڊاڪٽر عزيز ميمڻ احتجاجي آبادگارن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ اسٽيج تي پهتو ته پيپلز پارٽي تعلقي ٽنڊي باگي جي اڳواڻ جيالي دلبر سنڌي ۽ خليل ڀرڳڙي ۽ ٻين اسٽيج تي ڊوڙ ڪري ان کان مائڪ کسي ورتي ان قوت انهن ٻنهي جيالن ۾ سخت تلخ ڪلامي ٿئي. ان بعد پوليس ۽ بدين جي بيوس بڻيل انتظاميه آخر ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار جي پٽ ايم پي اي حسنين مرزا کي مڇريل آبادگارن کي خاموش ڪرائڻ جي گذارڻ ڪئي. حسنين مرزا ان موقعي تي ڪاوڙيل آبادگارن کي ماٺ ڪرائڻ جون تمام گهڻيون اپليون ۽ التجائون ڪيون پر احتجاجي آباگارن ان کان به خاموش ٿي نه سگهيا. بدين جا ڪاوڙيل آبادگارن حڪومتي ڌر جي چونڊيل عوامي نمائندن ڪمال چانگ، مير الهه بخش ٽالپر ۽ ٻين تي پاڻي چورائڻ جا الزام لڳائي رهيا هئڻ جنهن جو هو مختلف واهن جا نالا ۽ واٽر ڪورسن جا نمبر پڻ ٻڌائي ئي رهيا هئا جتان اهي چونڊيل عوامي نمائندا ۽ بااثر ڀوتار وڏير سياسي طاقت ذريعي سندن حصي جو پاڻي غير قانوني طور تي چورائي رهيا آهن.
بدين جي آبادگارن جي اهڙين شڪايتن ۽ چونڊيل عوامي نمائندن تي پاڻي جي چوري جا ايترا گهڻا الزام لڳائڻ تي سنڌ جي وڏي وزير ان موقعي تي بدين جي آبادگارن کان اهو حيران ڪندڙ عجيب ۽ انوکو سيد بچيو ته گذريل سان پاڻي جي کوٽ ختم ڪرائڻ لاءِ مون هتي بدين ۾ اچي آبپاشي جي اهلڪارن کي جيڪي هدايتون ڏنيون هيون ڇا ان تي عمل نه ٿيو؟ ڇا گذريل منهنجي بدين جي دوري بعد هتي پاڻي جي کوت ختم نه ٿئي هئي؟ وزيراعليٰ جي اهڙي عجيب سوال تي تي خيرپور گنڀو سب ڊويزن جا اهي آبادگار سخت حيران ٿي وڏي وزير جي اهڙي بي خبري ۽ اڻ ڄاڻائي تي پريشان ٿي ويا. ڇاڪاڻ ته سکر بئراج جي روهڙي ڪئنال جي آخري پوڇڙي واري سب ڊويزن خيرپور گنبو جي ڏهن کان وڌيڪ واهن ۽ شاخن جي پوڇڙي ۾ نه فقط گذريل سڄي سال ۾ پاڻي نه پهتو پر هن سال پن اڃا تائين اهي سڀئي واهه سڪل آهن.
ياد رهي ته گذريل سال انهن آبادگارن خيرپور گنبو ۽ ملڪاڻي شريف کان حيدرآباد تائين ڊگهو پيادل لانگ مارچ ڪيو. ايوان صحافت بدين اڳيان مهينن تائين بک هڙتال ڪئي جڏهن ڊسٽرڪٽ جيل بدين اڳيان معصوم ٻارڙن سان گڏ انهن ڪيترن ئي هفتن سان ڌرڻو هني اهو مطالبو ڪيو ته يا کين پاڻي ڏنو وڃي يا جيل ۾ وڌو وڃي. اهڙي سخت احتجاج جي ميڊيا ۾ رپورٽنگ ٿيڻ بعد وڏي وزير سيد قائم علي شاهه گذريل سال هنن ئي ڏينهن ۾ احتجاجي آبادگارن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرائڻ لاءِ ساڳي سرڪٽ هائوس بدين ۾ پهتو. ساڳيو آبپاشي سيڪريٽري بابر آفندي هن سان گڏ هو. وزيراعليٰ جي ان لکيل ڪچهري ۾ پڻ 22 جولاءِ جهڙو ساڳيو وڏي وزير کي سڌيون ٻڌائيندي چيو ته نصير ڪئنال جي منڍ جا جيڪي بااثر آبادگار 64 غير قانوني واٽر ڪورسن ذريعي پوڇڙي جي آبادگارن جو جيڪو سمورو حصي جو پاڻي چورائي رهيا آهن. انهن مان گهڻن کي اي ڊي او واٽر ڪورسن جا آرڊر پڻ وڏي وزير جي پنهنجي هٿن سان ڪلي آهن ۽ پاڻي چور بااثر وڏيرن ۽ چونڊيل عوامي نمائندن جي تعلقي حڪمرانن پيپلز پارٽي سان آهي.
گذريل سال وڏي وزير جي ان واعدي ۽ دلاسي تي جنهن ۾ چيو ويو ته چند ڏينهن ۾ سمورا غير قانوني واٽر ڪورس بند ڪرائي سندن واهن جي تيل تائين پاڻي پهچاوي ويندو ۽ پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ وڏي وزير ساڳي آبپاشي سيڪريٽري بابر آفندي ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي کي بدين ۾ قيام ڪري خيرپور گنبو سب ڊويزن جي اٽڪل ڏهن واهن جي پوڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ ڊي او واٽر ڪورسن کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. پر جيئن ته ڊي او واٽر ڪورسن وارا پاڻ چور حڪومتي ڌر جا ڀوتار نه فقط ڊي آءِ جي ۽ آبپاشي سيڪريٽري کان ڏاڍا هئا. پر اهي بااثر وڏي وزير کان به تمام گهڻا زور آور ۽ سگهارا آهن گذريل سال وڏو وزير بدين ۾ فقط فرمان جاري ڪري جيئن وڃي ڪراچي پهتو پويان آبپاشي سيڪريٽري ۽ ڊي آءِ ڊي جي کڙين تي زور رکيو انهن به بدين ۾ رهڻ جي بجاءِ وڃي پنهنجي آفيسن ۾ ٺڪاءَ ڪيو. ڄاڻايل واهن جي پوڇڙ ۾ پاڻي جو ڦرو به نه پهتو، احتجاجي آبادگار دانهون ڪندا رهيا. سنڌ جي وڏي وزير جي حڪم تي به جڏهن نصير ڪئنال ڊويزن جا 64 کان وڌيڪ واهن جيڏا واڳون واٽر ڪورس بند نه ٿيا تڏهن انهن سخت متاثر ٿيل آبادگارن جن جو گذريل ڪيترن ئي سالن کان لاڳيتو پاڻي بند آهي. سوين ايڪڙن جا مالڪ آبادگار ايترا ته ڪگنال ٿي ويا جو اهي دوين جا جهنگ وڍي پورهيا ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا.
پاڻي کانسواءِ خيرپور گنبو، ملڪاڻي ۽ پنگريو وارو زرعي لحاظ کان ماضي جو سبز علائقو ويران ريگستان بڻجي ويو ۽ علائقي جا سوين مسڪين هاري ۽ آبادگارن پنهنجا اباڻا پڊ ڇڏي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. اهي گذريل سال نيٺ آخر سنڌ حڪومت مان آسرو پلي، سون جي تعداد ۾ وڃي ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد پهتا. جتي انهن پارليامينٽ آڏو پاڻي لاءِ ڌرڻو هينو. اهي بدين جا آبادگار مهينن تائين پارليامينٽ هائوس اڳيان ڌرڻو هڻيو ويٺا هئا جن سان سندن بکايل معصوم ٻار پڻ گڏ هئا. انهن مسڪينن جي گذريل سال جي هڪ قرباني واري عيد پاڻ پارليامينٽ آڏو پاڻي لاءِ ڌرڻو هنيو اهي بدين جا آبادگار مهينن تائين پارليامينٽ هائوس اڳيان ڌرڻو هڻيو وٺا هئا جن سان سندن بکايل معصوم ٻار پڻ گڏ هئا. انهن مسڪينن جي گذريل سال جي هڪ قرباني واري عيد پڻ پارليامينٽ اڳيان احتجاج ڪندي بکن ۽ ڏکن ۾ گذري پر کين ملڪ جي حڪمرانن ۽ چونڊيل عوامي ايوانن چيف جسٽس کي هنن تي رحم اچي ويو جنهن پاڻي جي هٿرادو کوٽ جو پاڻ مرادو نوٽيس ورتو ۽ نصير ڪئنال جي 64 کان وڌيڪ ڊائريڪٽرآئوٽ ليٽ غير قانوني واٽر ڪورسن ۽ پاڻي چوري جو ڪيس گذريل سال کان سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي. آبپاشي سيڪريٽري ۽ چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج کي پڻ سپريم ڪورٽ شنوائين تي گهرايو آهي. جن کي سپريم ڪورٽ غير قانوني 64 ڊي او واٽر ڪورس بند ڪري پاڻي جي چوري کي روڪي پوڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچائڻ جو حڪم ڪيترائي مهينا اڳ ۾ ڏنو هو. پر سپريم ڪورٽ جي اهڙي حڪم تي به عمل نه ٿيو ۽ خيرپور گنبو سب ڊويزن جي آبادگارن تائين 22 جولاءِ 2014ع تائين به پاڻي نه پهتو جنهن ڪري انهن آبادگارن وڏي وزير اڳيان سخت احتجاج ڪيو. مٿين واقعي مان ثابت آهي ته وڏو وزير بدين جي آبادگارن جي پاڻي لاءِ ڪيل ان ڊگهي احتجاج واري ڪهاڻي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيسن کان بي خبر هو جيڪو هڪ وڏو الميو آهي.
بدين جي آبادگارن سان قابل ذڪر گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي پٽ ايم پي اي حسنين مرزا پڻ بدين ۾ پاڻي جي سخت کوٽ جون دانهون ڪندي وڏي وزير کي ٻڌايو ته آبپاشي جا ڪامورا پاڻي جي هٿرادو کوٽ جا جائزو وٺن لاءِ جڏهن نئون ڪوٽ ۽ ڪنري ۾ پهتو ته اتي وڏي وزر سان ساڳيو حشر ٿيو مڇريل آبادگارن وڏي وزير اڳيان آبپاشي جي ڪاموران ۽ سرڪاري ڌر جي بااثر پاڻي چور آباگارن خلاف شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا ڪنري ۽ نئون ڪوٽ جي آبادگاري وڏي وزير کي مهينن کانسواءِ واهه ۽ سوڪهڙي ۾ سڙي ناس ٿيل فصل پڻ پنهنجي اکين سان ڏيکاريا جنهن تي وڏو وزير اهو چوڻ تي مجبور ٿيو پيو ته آءُ گڊو بئراج کان بدين، نئون ڪوٽ ۽ ڪنري تائين ڏسندو پيو اچان ته سسٽم ۾ پاڻي موجود آهي، پر چوري ۽ بدانتظامي سبب پوڇڙي جا ماڻهو پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آهن اها وڏي زيادتي آهي.
وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اعتراف ڪندي چيو ته آئون پاڻ کي سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ جو ذميوار سمجهان ٿو، پاڻي جي هٿرادو کوٽ جي ذميواري قبول ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي هن انتهائي انوکي ۽ يادگار دوري ۾ اهو پڻ چيو ته آبپاشي ۽ سيڊا وارن سڀني واهن جي پوڇڙي جي درست منصفاڻه ورڇ ٿي نه سگهي آهي. هن چيو ته اريگيشن نظام موجود هئڻ جي باوجود سنڌ ۾ بي مقصد سيڊا جو کاتو مڙهيو ويو آهي. جنهن جي ڪارڪردگي بلڪل ٻڙي برابر آهي. حڪومت واهن ۽ شاخن جي توسيع ڪمن ۾ دير ٿي رهي آهي. وڏي وزير پاڻي چورن خلاف سخت ڪارروائي جو هڪ دفعو ٻيهر چتاءُ ڏنو پر ان تي هل تائين ڪو به عمل ٿي نه سگهيو آهي. غير ضروري نااصل ۽ بدعنوان کاتي سيڊا خلاف پڻ ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.
وئي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو