Home / شوبز / مظلوم سنڌي نياڻي تي ٺهيل ڊاڪيومينٽري فلم
above article banner

مظلوم سنڌي نياڻي تي ٺهيل ڊاڪيومينٽري فلم

پاڪستان جو شمار اهڙن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جتي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون عام جام آهن. سنڌ ۾ ته ان حوالي سان حالت اڃا به خراب آهي. ڪجهه سال اڳ دادو جي ضلعي ميهڙ تعلقي جي هڪ معصوم نياڻي سان اجتماعي لڄالٽ ڪئي وئي هئي. هوءَ در در ڌڪا کائيندي رهي پر کيس انصاف پلئه نه پئجي سگهيو. ليڪن سندس آواز عالمي فورمن تائين پهتو ته ان جو پڙاڏو پري پري تائين ٻڌو ويو.

جيئن ڪجهه وقت اڳ هدايتڪار شرمين عبيد چنائي تيزاب هاري ساڙيل مظلوم عورتن تي ”سيونگ فيس” نالي فلم ٺاهي هئي جيڪا آسڪر فلم ايوارڊ لاءِ نامزد پڻ ٿي. اهڙي طرح ظلم ۽ زيادتي جو شڪار ٿيندڙ ڪائنات سومرو تي ”آئوٽ لاڊ ان پاڪستان“ نالي شارٽ فلم ٺاهي وئي آهي.

45 منٽن جي ان شارٽ فلم کي فرنٽ لائن لاءِ 2013ع ۾ سنڊنس فلم فيسٽيول -آمريڪا ۾ پڻ پيش ڪيو ويو. جڏهن ته ايندڙ مهيني ٿيندڙ ايمي ايوارڊز ۾ به ان فلم کي ٻن ڪئٽيگريز ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. فلم جي ڊائريڪٽر پاڪستان ڄائي آمريڪي حبيبه نوشين ۽ جرمن ڄائي هيلڪي شيلمن آهن. فلم جي ڊائريڪٽر حبيبه پاڪستاني صحافي آهي ۽ ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ صحافت جي شعبي ۾ پڙهائيندي آهي. حبيبه گذريل سال جارج فوسٽر پيڊ بواءِ ايوارڊ جو به اعزاز حاصل ڪيو.

july-31-2014     53

ياد رهي ته ڪائنات سومرو سان جنهن وقت جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي ان وقت سندس عمر 13 ورهيه هئي سنڌ جي مظلوم نياڻي انصاف لاءِ 4 سال دردر ڌڪا کائيندي ڏيکاري وئي آهي.  پر ڪٿان به انصاف جو در کلڻ بدران سندس شادي هڪ اهڙي ماڻهو سان ڪرائي وئي جيڪو لڄالٽ واقعي ۾ پڻ ملوث هو.

فلم ۾ اهو به ڏيکاريو ويو آهي ته ڪائنات سومرو کي ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽  عدالتي  جنگ دوران سندس هڪ ڀاءُ پڻ قتل ڪيو ويو.

مطلب ته هي فلم سنڌ جي مظلوم نياڻي سان ظلم جي روئداد کي عالمي فورمن  ۽ ادارن تائين پهچائڻ جو ڄڻ ته وسيلو بڻجي وئي آهي. هن شارٽ فلم کي ايمي ايوارڊز لاءِ پڻ نامزد ڪيو ويو آهي. فلم هڪ عالمي ايوارڊ لاءِ ته نامزد ٿي چڪي آهي. ليڪن مظلوم نياڻي اڃا به سنڌ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ انصاف جي آس لڳايو ويٺي آهي ڏسجي ته کيس ڪڏهن ٿو انصاف پلئه پوي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو