Home / سياسي افيئر / نااهل سياسي قيادت ۽ آمريتي ذهنيت جون خواهشون!
above article banner

نااهل سياسي قيادت ۽ آمريتي ذهنيت جون خواهشون!

پاڪستان مٿان آفتون، برايون ۽ نحوستون هميشه اقتدار ڌڻين طرفان نازل ٿيون آهن. جيڪي عوام جي پچر 1947ع کان وٺي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن. جنهن ملڪ ۾ نياڻين کي زندهه دفنايو وڃي. انهن جي اجتماعي زنا وسيلي تذليل ڪئي وڃي، جنهن ملڪ ۾ روز ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ٿئي، جتي سرعام دادگير ۽ لچ لوفر عوام جي هر وقت بي عزتي ڪندا هجن ۽ وري انهي عوام جي ووٽ سان چونڊجي آيل نمائندا انهن لوفرن جي سرپرستي ڪندا هجن ته اهڙي ملڪ مٿان نحوست ڪا قدرتي نه پر انهن حڪمرانن جي هٿرادو پيدا ڪيل آهي. نسل در نسل ڪنن تي اهي آواز پهچن ٿا ته هي ملڪ ۽ قوم جنگ جي حالت ۾ آهن. پر اهو نه ٿو ٻڌايو وڃي ته آخر هن ملڪ کي تباهي جي ڪنڌي تي پهچايو ڪنهن آهي.؟ آخر اهي ڪير آهن جيڪي ملڪ کان به وڌيڪ عزيز آهن…!! جن کي هميشه لڪايو وڃي ٿو ۽ هر دفعي قرباني جو ٻڪر اهو ئي غريب عوام بڻجي ٿو جيڪو هنن نااهل ۽ ڪرپٽ سياسي براين کي پنهنجي قسمت سان ڳنڍيل سمجهي، انهن جي پويان لڳي ٿو جيڪي هر وقت عوام کي مذهب، خاندان ۽ قربانين عيوض نه رڳو ذليل ۽ خوار ڪن ٿا پر انهن کان جيئڻ جو حق به کسي وٺن ٿا.

هاڻوڪن حڪمرانن جي ان کان وڏي نااهلي ٻي ڪهڙي هوندي جو سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ بجاءِ عوام کي برساتن لاءِ دعا لاءِ چون ته جيئن ملڪ مان بجلي جو بحران ختم ڪري سگهجي يا اهو چوڻ ته اسان مفت جي بجلي استعمال ڪرڻ وارن جو بل به انهن کان ٿا وصول ٿا ڪريون جيڪي اڳ ۾ ئي غربت جي بار هيٺان آهن ۽ پيٽ کي پٿر ٻڌي به بجلي جو بل ادا ڪن ٿا. موجوده سرڪار جي اها وڏي نااهلي آهي جو اها سڀ ڪجهه ڄاڻندي به عوام جي زخمن تي مرهم رکڻ بجاءِ سندن زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهي آهي ۽ هٿ سان ڪرپٽ سسٽم کي هٿي ڏئي رهي آهي.

آخر انهن نااهلن کي ڪير ته سمجهائي ته هن ملڪ کي هاڻي دعا نه پر دوا جي ضرورت آهي ، ڀلي پار وڃي فراريت جي راهه وٺڻ بجاءِ عوام سان گڏ ويهي هن بگڙيل سسٽم کي صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي. نام نهاد مفاهمت مان نڪري عوام کي اهو ٻڌايو وڃي ته گذريل حڪومت جي دور ۾ ڪيتري ڪرپشن ٿي، ڪيترا نااهل ڀرتي ٿيا ۽ ڪيترو قرض هن غريب عوام جي نالي تي کنيو ويو ۽ اهو قرض پنهنجا ڀڀ ڀرڻ لاءِ ذاتي عياشي لاءِ استعمال ڪيو ويو.

july-31-2014     30

اڄ جيڪڏهن ملڪ حالت جنگ ۾ آهي ته اهو فقط ان نااهل پينا فليڪسي سياسي قيادت جي ڪري آهي جيڪي هن ملڪ تي نسل در نسل ڪڏهن آمريت جي آڙ ۾ ته ڪڏهن وري جمهوريت جي آڙ ۾ حڪومت ڪندا رهيا آهن. اهڙي ڪرپٽ ۽ نااهل جمهوريت انهن لاءِ ٿي سگهي ٿي جيڪي هن ڪرپٽ سسٽم جو حصو آهن پر انهن لاءِ ڪڏهن به نه جيڪي هن ڌرتي جا خير خواهه آهن. موجوده حڪمرانن جا اعمال، دعائن، اعتڪافن ۽ ڀلي پار وڃي فراريت جي راهه وٺڻ سان ڪڏهن به درست نه ٿي سگهندا. ان لاءِ انهن کي شاهاڻه طرز حڪمراني ڇڏي نج عوامي حڪمرانن سان هم ڪنار ٿيڻو پوندو.

اها 2012ع جي ڳالهه آهي، جڏهن مان ڄامشورو ضلعي ۾ هڪ سماجي تنظيم سان بهتر حڪمراني جي هڪ رٿا تي ڪم ڪري رهيو هيس، جنهن ۾ اسان کي ٻن اهم نج عوامي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ ننڍا ننڍا ايڊووڪيسي جا پروگرام پن ڪرائڻا هئا. انهن ٽڻ اهم مسئلن مان هڪ عوامي مسئلو، ڄامشورو ڦاٽڪ تي غير قانوني حد دخليون هيون جيڪي اتان جي پينا فليڪسي سياسي داداگيرن ڪيون هيون ۽ هن مضمون لکڻ تائين جاري آهن. ان اهم مسئلي کي حل ڪرائڻ خاطر ڪيترائي خط ان وقت جي ضلعي انتظاميه کي لکيا ويا ۽ ڪوشش ڪئي وئي ته اهي مسئلا ڪنهن حد تائين حل ٿي سگهن. پوءِ موجوده ڪرپٽ نظام ۾ سواءِ مايوسي جي ٻيو ڪجهه به پلئه نه پيو.

ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر کي ڪي ڏهه کن خط لکيا ۽ ڊپٽي ڪمشنر سميت پي ايس 73 تان چونڊيل ايم پي اي سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيم، پر هر دفعي ان وقت جو ڊپٽي ڪمشنر خدا ڪارڻ دوري تي ويل هوندو هيو ۽ ايم پي اي صاحب هر ملاقات ۾ ڳالهين جا لالي پاپ ڏيکاريندو هيو ۽ هن ڪڏهن به انهن مسئلن تي سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو.

ڄامشوري ڦاٽڪ جي حد دخلين متعلق هڪ خط جي ڪاپي ان وقت، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو/ ڇانوڻي جي هيڊ کي پڻ موڪليو ويو هو ته من ڪو مسئلي جو حل نڪري، جنهن ڏينهن خط موڪليو هيو ٺيڪ ان جي ٻي ڏينهن مون کي فون آيو، فون واري همراهه ٻڌايو ته مان جنرل صاحب جو پي اي آهيان ۽ اوهان پاران هڪ عدد درخواست ملي آهي، ٻڌايو ته اوهان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهجي ٿي. مون جنرل صاحب جي پي اي کي سربستو احوال ٻڌايو آخر ۾ هن چيو ته اوهان پاڻ جنرل صاحب سان ملاقات ڪرڻ چاهيو ته هليا اچو. باقي هي نج سول مسئلو آهي. اوهان ضلعي انتظاميه کي چئو ته بهتر ٿيندو… هن سڄي اپٽار ڪرڻ جو مقصد آهي ته، هڪ طرف اها ڪرپٽ سول بيورو ڪريسي ۽ عوام جا نام نهاد چونڊيل نمائندا جيڪي پاڻ کي عوام جو خادم ٿا سڏرائين پر اهي عوام جا خادم نه پر انهن مٿان بادشاهه بڻيو ويٺا آهن ۽ جائز عوامي مسئلن کي به کي به حل ڪرائڻ کيس لاءِ ٻرو ٿو چڙهي وڃي ته ٻي طرف وري اهي وردي وارا آهن جيڪي هڪ خط جو جواب به ترت ڏئي، عوام ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ جو ڏانءُ خواب ڄاڻن ٿا، باقي عملي طرح ٻڙي. آخر اهڙن نااهل نمائندن ۽ ڪرپٽ بيورو ڪريسي جو ڪهڙو فائدو جيڪي عوام جا جائز مسئلا حل ڪرڻ ته پري رهيو پر انهن تي سنجيده ٿيڻ لاءِ به تيار ناهن.

تازو پاڪستان جي انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻ پڻ چيو ته عوام جنتا جي گهر رڳو ان ڪري ٿو ڪري جو اهو سڪون سان جيئڻ ٿو چاهي. عوام چاهي ٿو ته سڪون سان ڪاروبار هلي، سج اڀرڻ کان وٺي لهڻ تائين هو بنا خوف جي چري ڦري سگهي ۽ ان کي ان جا بنيادي حق بنا ڪنهن، ڊپ جي ملي سگهن. پر افسوس جو هن ملڪ ۾ نالي ۾ نهال، جمهوريت جي آڙ ۾ اهي سڀ ڪم ڪيا ٿا وڃن جنهن جي نه هن ملڪ جو آئين ٿو اجازت ڏئي ۽ نه وري هڪ مهذب معاشرو ان جي اجازت ٿو ڏئي، هي سڄو ٺڳي جو ٺاهه آهي، جنهن کي جاري رکڻ ٿا چاهين جيڪي روز لکين نه پر ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪن ٿا، جيڪي روز عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ ٿا. اهي وائيٽ ڪالر ڏوهاري آخر ڇو نه ٿا پڪڙ ۾ اچن. انهن جي ڪرپشن ڇو نه ٿي انهن کي نظر اچي جيڪي ڪرپشن ٽوڙ کاتي ۾ ويٺا آهن.

اها ڪهڙي جمهوريت آهي جتي ميرٽ جي لتاڙ ٿئي، جتي زندگي جيئڻ لاءِ ڀتي جي نالي ۾ روز پئسا ڀرجن. عورتون گهرجي چلهه ٻارڻ لاءِ جسم ‎ فروشي ڪن ۽ پوءِ وڏي واڪي رڙيون ڪجن ته سسٽم جي تڏا ويڙهه پئي ٿئي. اصل ۾ سسٽم جي تڏا ويڙهه نه بلڪه انهن ڪرپٽ ماڻهن جا خانچا ٿا بند ٿيندي نظر اچن جيڪي هن ڪرپٽ سسٽم ۾ ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن ۽ اڃا به انهن جو پيٽ ڀرجڻ ناهي.

موجوده وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون نه رڳو کليل دل سان پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪن ۽ ان جي ازالي خاطر ملڪ ۾ بلدياتي چونڊن جو اعلان سچي نيت سان ڪن ته جيئن ملڪ ۾ روز ٿيندڙ اربين روپين جي ڪرپشن روڪي سگهجي ۽ عوام جا حقيقي مسئلا به عوام جي معرفت حل ٿي سگهن. جيڪڏهن نااهل قيادت اڃا به سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ته پوءِ يقين انهن جو زوال خواري وارو ئي هوندو۽ انهن کي هاڻي سوچڻ گهرجي ته ملڪ مٿان نحوست صرف ۽ صرف انهن جي چڱن اعمالن ۽ عوام سان گڏ بيهڻ سان ئي ختم ٿي سگهي ٿي نه ڪي دعائن ۽ فراريت جي راهه وٺڻ سان .

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو