Home / بلوچستان / نواب خيربخش مري جي پڳ: محب وطن ۽ اسٽيبلشمينٽ حامي دوبدو!
above article banner

نواب خيربخش مري جي پڳ: محب وطن ۽ اسٽيبلشمينٽ حامي دوبدو!

Irshad Mastoiان حقيقت کان انڪار ڪرڻ ممڪن ئي نه آهي ته بلوچستان جي ڌرتي اڄ ڪلهه بدترين سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن کي منهن ڏئي رهي آهي، اهڙين حالتن کي سماجي سائنس جي ٽرمنالاجي ۾ “قومي تضاد” جو نالو ڏنو ويندو آهي. مير غوث بخش بزنجو، زيباءِ بلوچستان، مير گل خان نصير جي گل زمين، لکين بيوس، لاچار ۽ دردمند بلوچن جي بلوچستان بابت ان وقت تائين سمورا بحث مباحثا، ادبي، سائنسي ۽ سماجي ويهڪون، ڪالم ان تاريخي سچ ۽ حقيقت کي ڌڌڪاري ٻاهر ناهن نڪري سگهيا. بلوچستان جي سياست، اقتصاديات ۽ ثقافت جو غور سان جائزو وٺڻ کانپوءِ اها حقيقت واضح ٿئي ٿي ته دردوندن جي هن ديس جا سياسي اختيار ۽ اقتصاديات سندن پنهنجي هٿ وس نه رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو بلوچستان پنهنجي ڪلچر سميت تباهي ڪناري اچي پهتو آهي.

86 ورهين جي ڄمار ۾ ابدي ننڊ سمهندڙ بلوچ بزرگ قومپرست اڳواڻ نواب خيربخش مري کانپوءِ ويڙهاڪ مري قبيلي جو سربراهه ڪير ٿيندو؟ مروج بلوچ روايتن موجب وڏو پٽ ئي پڳ جو حقدار هوندو آهي. اهو سوچي سندس وڏي پٽ جنگير خان مري کي قبيلي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. جنگيز مري جي رهائشگاهه تي مري قبيلي جي وڏڙن ۽ چڱن مڙسن بلوچ روايتن موجب سندس دستاربندي ڪئي. جنگيز مري پهريون ڀيرو 90 جي ڏهاڪي ۾ سبي مان بلوچستان جو اسيمبلي ميمبر چونڊيو ويو ۽ نواب مگسي جي حڪومت ۾ وزير بڻيو.

هو ٻيون ڀيرو 2013ع ۾ پنهنجي اباڻي ضلعي ڪوهلو مان بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ اڄڪلهه پاڻي ۽ بجلي جو صوبائي وزير آهي. سياسي حوالي سان جنگيز جو تعلق حڪمران مسلم ليگ ن سان آهي. نواب خيربخش مري هميشه بلوچ قومپرستي جي سياست ڪئي. هن 1973ع جي آئين تي به صحيح نه ڪئي هئي. بلوچ قومپرستي جي سياست سبب کيس مجموعي طور بلوچ عوام ۽ خاص طور نوجوانن ۾ وڏي مقبوليت حاصل هئي. نوابزادو جنگيز مري پنهنجي والد جي سياسي حڪمت عملي جي ابتڙ پاڪستان جو تمام گهڻو حامي آهي، جنهن ڪارڻ ئي سندس والد کيس پنهنجو سياسي جانشين نه سمجهندو هو. جتي نواب خير بخش مري پاڻ جنگيز مري کي پنهنجو سياسي ۽ فڪري وارث نه سمجهندو هو، اتي پرڏيهه ۾ رهندڙ سندس چئن پٽن به جنگيز کي نواب بڻائڻ جي مخالفت ڪئي. مير شاهه زمان مري به ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿو. ليڪن هن جو چوڻ آهي ته وڏي پٽ هئڻ جي حيثيت ۾ اهو جنگيز مري جو حق آهي، نواب مري بلوچستان جي معدني وسيلن کي بلوچن جي ملڪيت سمجهندو هو.

نواب خير بخش مري جي مخالفت سبب ئي گذريل چئن پنجن ڏهاڪن کان طاقت جي اصل مرڪز طرفان سرٽوڙ ڪوشش باوجود کين ڪوهلو مان معدنيات ڪڍڻ ۾ ڪا خاص ڪاميابي نه ملي سگهي. بلوچستان ۾ قومپرست جن مزاحمتي ڪاررواين کي ويڙهاڪ جدوجهد قرار ڏين ٿا، نواب خيربخش مري جو ان ۾ وڏو ڪردار رهيو. افعانستان ۾ جلا وطني دوران قبيلي جي وڏي شاخ بجاراڻي جي ڪجهه وڏڙن 90ع جي ڏهاڪي ۾ اعلان ڪيو هو ته اهي نواب مري کي قبيلي جو سربراهه تسليم نٿا ڪن. ڪوئيٽا ۾ نواب خيربخش مري جي پٽ جي دستاربندي جي تقريب ۾ بجاراڻي شاخ جي هڪ اهم شخصيت ۽ 70 جي ڏهاڪي ۾ مزاحمتي ڪاررواين جو مک ڪمانڊر مير هزار خان بجاراڻي به شريڪ هو. مير هزار خان بجاراڻي جو شمار نواب خير بخش مري جي سخت مخالفن ۾ ٿئي ٿو. هن جو چوڻ هو ته اسان جون روايتون آهن، اختلاف ٿيندا آهن ليڪن ان جو مطلب هر گز اهو ناهي ته اسان هڪٻئي سان ڳالهه ٻولهه به نه ڪريون. مير هزار خان بجاراڻي بي بي سي کي ٻڌايو ته جنگيز مري اسان جي قبيلي جو سربراهه آهي ۽ کيس متفقه طور تي سردار مقرر ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته 1990ع جي ڏهاڪي ۾ مري قبيلي جي ورهاست کي قومپرستن طرفان اقتدار جي اصل مرڪزن جي سازش قرار ڏنو ويو هو ليڪن ان ورهاست سان ظاهري طور تي نواب خيربخش مري جي حيثيت تي ڪو خاص اثر نه پيو هو. بلڪه اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ سندس گرفتاري کانپوءِ سندس مقبوليت ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ڏسڻ ۾ آيو هو. گذريل ٻن هفتن کان سندس پٽن جا جيڪي بيان سامهون ايندا رهيا آهن، انهن ۾ اهو چيو ويو آهي ته جنگيز مري کي سرڪاري خواهش موجب نواب مقرر ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڀائرن ته نواب مري جي موت جي حوالي سان به جنگيز مري تي سنگين الزام مڙهيا آهن. مير هزار خان بجاراڻي جو چوڻ آهي ته جنگيز مري جي ناراض ڀائرن کي پرچايو ويندو.

JUNE-15-2014   58

نواب خيربخش مري جي ڪري مختلف حڪومتن جا خاص طور طاقت جي اصل مرڪزن کي بلوچستان ۾ سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو آهي. سنجيده حلقن جو خيال هو ته شايد نواب خير بخش مري کانپوءِ مري قبيلي جي واڳ جنگيز طرفان سنڀالڻ سان سرڪار بهادر لاءِ شايد سولائي پيدا ٿيندي ليڪن اها نه هئي اسان جي قسمت جي مصداق، قبيلي جي سربراهه جي چونڊ جو مامرو تڪراري بڻجي ويو ۽ ڪجهه مري قبيلي جي وڏڙن طرفان نواب مهراڻ مري کي نواب خير بخش مري جو جانشين سمجهندي کيس سردار چونڊي ورتو. مري قبيلي جي وڏڙن صلاح مشوري کانپوءِ واضح ڪيو آهي ته بلوچ روايتن موجب ڪنهن معتبر شخص جي لاڏاڻي کانپوءِ چاليهه ڏينهن تائين سوڳ ڪيو ويندو آهي ۽ ان دوران مرحوم جو روح لاءِ فاتحه خواني ۽ ثواب خاطر دعا، قرآن خواني ڪئي ويندي آهي، ان کانسواءِ وصيعت يا جانشين بابت ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويندو. ليڪن نواب خيربخش مري جي لاڏاڻي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ رياستي ادارن ۽ سندس حامين بلوچ قومي ۽ قبائلي روايتن کي پيرن هيٺان لتاڙيندي پنهنجي دل گهرئي شخص جي هٿرادو ۽ جعلي دستاربندي ڪرائي مري قبيلي جو نواب مقرر ڪرائي، زبردستي مري قبيلي مٿان مڙهڻ ۽ بلوچ قومي تحريڪ جي آزادي کي ڪائونٽر ڪرڻ جي هڪ نئين سازش جي شروعات ڪئي آهي.

رياست طرفان جنگيز مري جي دستاربندي انهن نام نهاد قبائلي وڏڙن وسيلي ڪرائي وئي جيڪي ڪالهه تائين نواب خيربخش مري کي مري قبيلي جو سربراهه به نه مڃيندا هئا اڄ اهي ڪهڙي حيثيت سان رياست جي نامزد ڪيل ماڻهو کي قبيلي جو سربراهه چونڊي رهيا آهن ۽ اهو واضح هوندي به نواب مري پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي ان پٽ کي دشمن جو هٿيار قرار ڏيندي قبائلي اختيارن کان بي دخل ڪري ڇڏيو هو.

ٻئي طرف مري قبيلي جي وڏڙن نواب زادي حيربيار مري طرفان مري قبيلي ۾ قبائلي نظام جي خاتمي جي مذمت ڪندي ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سندس چواڻي صدين کان منظم ۽ مثبت انداز ۾ هلندڙ ان نظام کي راتو رات ختم ڪرڻ ممڪن نه آهي ۽ ان جا بلوچ سماج تي منفي اثر پوندا. بلوچ آجپي ۽ قبائلي نظام جو اهم ۽ مثبت ڪردار رهيو آهي، جنهن ۾ نواب نوروز خان کان وٺي شهيد اڪبر بگٽي جي شهادت تائين ۽ ان کان پوءِ پئدا ٿيندڙ عوامي شعور ۽ قومي جدوجهد ۾ شموليت هڪ اهم مثال آهي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن سوڳوار ۽ سنگين صورتحال ۾ مري قبيلي کي هڪ اهڙي رهبر ۽ سردار جي ضرورت آهي جيڪو نه رڳو مري قبيلي کي سگهارو ڪري بلڪه بلوچ قومي تحريڪ ۾ باباءِ بلوچ نواب خير بخش مري جي مشن کي اڳتي وڌائي. ان پسمنظر ۾ قبائلي وڏڙن بلوچ قوم جي نالي پيغام ۽ سندس وصيعت جو تفصيلي مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ان فيصلي جو اعلان ڪيو آهي ته نوابزادي مهراڻ مري کي نواب خير بخش پنهنجو قبائلي جانشين قرار ڏنو هو. ان ڪري مري قبيلو نواب مري جي رهنمائي تي عمل ڪندي نوابزادي مهراڻ مري تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي کيس پنهنجو نواب مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ٿو ۽ سمورين آزادي پسند قبائلي ۽ سياسي تنظيمن کي اپيل ٿا ڪريون ته باباءِ بلوچ جي رهنمائي ۽ پيغام تي عمل ڪندي نواب مهراڻ مري جا هٿ مضبوط ڪن ۽ نواب خير بخش مري ۽ بلوچ شهيدن جو مشن اڳتي وڌائيندي بلوچ قومي آجپي لاءِ قومي يڪجهتي کي پروان چڙهائين.

ٻئي طرف نواب خيربخش مري جي ناٺي، بزرگ بلوچ قومپرست اڳواڻ سردار عطاءُ الله مينگل جي پٽ مير جاويد مينگل، نوابزادي مهراڻ مري جي قبيلي جي نواب طور مقرري کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته قبائلي وڏڙن جيڪا ذميواري سندس ڪلهن تي وڌي آهي اميد ته هو اها ذميواري نڀائيندي مري قبيلي ۽ بلوچ قوم جي اميدن تي پورو لهندو. نواب خيربخش مري جي نقش قدم تي هلندي بلوچ قوم جي آجپي، اتحاد ۽ يڪجهتي لاءِ پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻيندو.

نواب خيربخش مري جي پٽ گزين مري، مري قبائلي وڏن طرفان مهراڻ مري کي نواب مقرر ڪرڻ جي فيصلي جي توثيق ڪندي چيو ته نواب خيربخش مري رڳو روايتي نواب نه هو، هن ان نظام ۾ انقلابي تبديليون به آنديون ڪنهن به قوم ۾ سربراهه جي لاڏاڻي کانپوءِ چاليهه ڏينهن سوڳ ڪيو ويندو آهي ليڪن جيئن ته اسٽيبلشمينٽ کي خبر هئي ته مري قبيلو ۽ بلوچ قوم جنگيز کي سربراهه نٿي تسليم ڪري ان ڪري انهن تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي ڪجهه ڪٺ پتلين کي پاڻ سان ملائي جنگيز مري کي سربراهه طور مڙهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.

بلوچ ري پبلڪن پارٽي جي سربراهه برهمداغ بگٽي مري قبيلي جي وڏڙن طرفان نوابزادي مهراڻ مري کي نواب مقرر ڪرڻ جي آجيان ڪندي چيو ته نواب خير بخش مري جي لاڏاڻي کانپوءِ بلوچ قوم ۽ خاص طور مري قبيلي کي هڪ امتحان مان گذرڻو پيو ليڪن مري قبيلي جي وڏڙن مهراڻ مري کي نواب مقرر ڪري انتهائي ڏاهپ ۽ قومي پختگي جو ثبو ڏنو آهي،. هن چيو ته هن وقت بلوچ قوم کي اتحاد ۽ يڪجهتي جي سخت ضرورت آهي ڇو ته قومي اتحاد سان آجپو ممڪن آهي.

برهمداغ اهو پڻ چيو ته ترت سمورن بلوچ قومي اڳواڻن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي خوشخبري به قوم کي ٻڌائي ويندي.

هتي اها ڳالهه به ذڪر لائق آهي ته مهراڻ مري، برهمداغ بگٽي جو ڀيڻيو آهي ۽ اڄڪلهه گڏيل قومن جي انساني حقن واري اداري ۾ بلوچستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. بلوچستان جي سنجيده سياسي ۽ قبائلي حلقن کي نواب خيربخش مري جي پڳ واري معاملي تي ڇڪتاڻ تي نه رڳو ڳڻتي آهي بلڪه سندن خيال آهي ته نواب اڪبر بگٽي جي شهادت کانپوءِ جهڙي ريت دستار جي معاملي تي ڇڪتاڻ شروع ٿي هئي ۽ بگٽي قبيلو وکري ويو. اهڙي ريت مري قبيلو به ٻنهي نون چونڊيل سردارن جي وچ ۾ سينڊ وچ بڻيل رهندو. باقي رهيل کهيل ڪسر حڪومت پوري ڪري ڇڏيندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو