Home / ڪور افيئر / نواز ليگ ، ” ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو“ تي اتفاق!
above article banner

نواز ليگ ، ” ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو“ تي اتفاق!

عمران خان جي لانگ مارچ ۾ مطالبن کي نرم ڪرڻ لاءِ نيٺ سڀني ڌرين جي صلاح سان آصف علي زرداري کي ميدان ۾ لهڻو پيو. عملي طور “لانگ مارچ” جا اڌ مطالبا تسليم ٿي چڪا آهن. مثال طور پارلياماني ڪميٽي جيڪا چونڊ سڌارن جو فيصلو ڪندي، ان جو فيصلو ٿي ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق استعيفيٰ ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. ذريعن چواڻي سرڪار زرداري جي صلاح تي عمران خان جي مطالبن تي ٽن سيٽن تي ووٽن جي تصديق ڪرائڻ لاءِ به راضي ٿي وئي آهي. هي اهي سيٽون آهن جيڪي پوين ڏينهن کان تڪراري آهن ۽ عمران خان انهن سيٽن تي ڌانڌلي جا ثبوت پيش ڪري چڪو آهي.

ان ۾ هڪ سيٽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي آهي. ڏٺو وڃي ته “سرڪار” اڌ شڪست تسليم ڪري ورتي آهي. پيپلز پارٽي جي اهم ذريعن ٻڌايو آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي ان وقت ميدان تي لاٿو ويو جڏهن بال سرڪار جي هٿن مان ڇڏائجي چڪو هو. اعتماد جوڳا ذريعا ٻڌائين ٿا ته آصف علي زرداري کي ٻنهي ڌرين جڏهن يقين ڪرايو تڏهن هو ميدان تي لٿو ۽ فون کڙڪايا. آصف زرداري جي صلاح تي ميان نواز شريف چونڊ سڌارن بابت پارليامياني ڪميٽي جو فيصلو ڪيو “ٽن سيٽن” منجهان ٻه سيٽون ڇڏڻ تي راضي ٿي ويو آهي. ذريعن چواڻي آصف علي زرداري جماعت اسلامي جي سرواڻ سراج الحق جي ڪلهي تي ڳرو بار وڌو ڇو ته جماعت اسلامي عمران خان ۽ نواز شريف ٻنهي لاءِ قابل قبول آهي. مولانا سراج الحق ساڳي وقت خيبرپختون خواهه جو سينيئر وزير پڻ رهي چڪو آهي. ان ڪري عمران خان لاءِ اهو مشڪل بڻجي ويو ته سندس ڳالهه ٽاري سگهي پر جي عمران خان سندس ڳالهه نه مڃي ته جماعت اسلامي جو مسلم ليگ (ن) سان به اتحاد ٿي سگهي ٿو. اهڙي صورت ۾ عمران خان جي خيبرپختون خواهه جي سرڪار لوڏن ۾ اچي سگهي ٿي. پر هن سڄي راند ۾ آصف علي زرداري ”پنهنجي اتحادين کي به راند جو حصو بڻايو. مثال طور نواز شريف کي صلاح ڏني ته ايم ڪيو ايم سان سڌي ريت پاڻ ڳالهائي ڏي وٺ ڪري. ان سان گڏ عوامي نيشنل پارٽي، محمود خان اچڪزئي ۽ اختر مينگل سان به رابطو رکيو. پيپلز پارتي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي اڳواڻي ۾ هڪ مذاڪراتي ڪميٽي ٺاهڻ جي صلاح ڏني. ان صلاح کي سرڪار ۽ عمران خان تسليم ڪيو آهي جنهن سبب ڪميٽي پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان کي به آپشن ڏنا ويا آهن. پهريون اهو ته لانگ مارچ کي بلڪل ختم ڪري ڇڏي، ٻيو اهو ته في الحال ملتوي ڪري. پر آخري اطلاعن تائين عمران خان پنهنجي هوڏ تي قائم هئو ته هو 14 هين آگسٽ تي اسلام آباد ۾ احتجاجي ڌرڻو هڻندو. پر جهڙي ريت سرڪار تيزي سان آصف علي زرداري جي مداخلت تي عمل شروع ڪري ڏنو آهي ان مان لڳي ٿو ته عمران خان جا سڀ مطالبا منظور ٿي ويندا باقي وزيراعظم جي اسعيفيٰ يا پاڻ وزيراعظم بڻجڻ واري مطالبي کان عمران به هٿي کڻي ويو آهي.

july-31-2014     22

جيڪڏهن عمران خان جو مسئلو في الحال ٿڌو ٿي ويو ته پوءِ طاهر القادري جو آخر ڇا ٿيندو؟ مسلم ليگ نون جا اهم ذريعا ٻڌائين ٿا ته عمران خان هڪ پاسي ٿي وڃي پوءِ طاهر القادري کي سرڪار سختي سان منهن ڏيندي. سرڪاري سختي جو مطلب ”موچڙي ۾ هٿ” آهي. يعني سرڪار علامه طاهر القادري کي گهڻو اڳتي وڌڻ نه ڏيندي. سندس انقلاب جي هوا نڪري سگهي ٿي ڇو ته عمران خان ۽ طاهر القادري کي هڪٻئي سان گڏ سڄي ملڪ کي هڪ ئي وقت جام ڪرڻ وارا لڳي ٿو ته ان وقت پوئتي هٽي ويا جڏهن عمران خان 14 هين آگسٽ تي اسلام آباد ۾ آزادي مارچ جو اعلان ڪيو.

طاهر القادري ۽ عمران خان جو اتحاد ٿيڻ سبب قادري جي انقلاب ۾ رڳو چوڌري شجاعت ۽ شيخ رشيد وڃي بچيا آهن. پارليامينٽ ۾سگهه رکندڙ سڀ ڌريون نه عمران خان سان گڏ آهن نه ئي طاهر القادري سان. سرڪار طاهر القادري جي ڪرپشن جا ڪيس کولي ڇڏيا. طاهر القادري کي ڪنهن به ڪيس ۾ سزا اچڻ جي صورت ۾ هو نااهل ٿي سگهي ٿو جنهن سبب سندس ڪئناڊا جي شهريت ختم ٿيڻ جو به خطرو آهي. اطلاع آهن ته علامه صاحب سيپٽمبر تائين سمورو ڪم ختم ڪري واپس ڪئناڊا وڃڻ ٿو چاهي. عمران خان جي ساٿ نه ڏيڻ سبب سندس انقلاب رولي ۾ اچي ويو آهي، ڪيس هلڻ کان اڳ ئي مولانا صاحب ملڪ کان ٻاهر وڃي سگهي ٿو. معلوم ٿيو آهي ته مولانا کي سمجهائڻ لاءِ پڻ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چوڌري شجاعت سان رابطو ڪيو پر چوڌري شجاعت علامه طاهر القادري جو ساٿ ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي. ان جو مطالبو آهي ته ته وزيراعظم نواز شريف اسعيفيٰ ڏئي. پر آصف علي زرداري جي صلاح مطابق مسلم ليگ نون جي سرڪار کي ڪجهه نه ڪجهه قربان ڪرڻو پوندو، ڪجهه صدقو ڏيڻو پوندو.

اهو صدقو قومي اسيمبلي جي ٽن سيٽن ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صورت ۾ به ٿي سگهي ٿو. سڄو ڳڙوقومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق تي ڪري سگهي ٿو. ڌانڌلي جي الزام ۾ ٽن سيٽن جي قرباني سبب في الحال نواز شريف جي سرڪار ڊهڻ کان بچي ويندي پر اخلا قي ۽ سياسي طور سندس لاءِ وڏو دٻاءُ وڌندو جنهن جا نتيجا ڪجهه عرصي کانپوءِ ظاهر ٿيندا.

هن سڄي صورتحال بابت مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته” پيپلز پارٽي“ جمهوريت کي ڊي ريل ٿيڻ کان بچائڻ چاهي ٿي ان ڪري سڀني ڌرين جي رضامندي سان ٽياڪڙي ڪري رهيا آهيون. خورشيد شاهه ٻڌايو ته لانگ مارچ ڪرڻ جو عمران خان کي حق آهي. سرڪار کي عقل کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ طاقت استعمال ڪرڻ جو بلڪل به ڪو فيصلو نه ڪرڻ گهرجي. اهڙو فيصلو ئي سرڪار کي ٻوڙيندو” مون کائنس پڇيو ته هن پس منظر ۾ ڊڪٽيٽر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف کي آزاد ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي. اي سي ايل مان سندس نالو خارج ڪرڻ تي ٻڌو آهي ته سرڪار راضي آهي. ان ۾ پيپلز پارٽي جو ڇا ڪردار هوندو؟ خورشيد شاهه چيو ته ان مامري ۾ اسان جو ڪو واسطو ناهي جنرل مشرف جي قمست جو فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي“. اهو ٿيو خورشيد شاهه جو موقف پر حقيقت ۾ پرويز مشرف جي آزادي هاڻي صرف هڪ سرڪاري آرڊر جي انتظار ۾ آهي. سرڪار جيئن ئي اي سي ايل مان نالو خارج ڪندي پرويز مشرف ملڪ کان ٻاهر هليو ويندو. ذريعن چواڻي پرويز مشرف کي رعايتن ڏيڻ بابت جيتوڻيڪ مسلم ليگ نون اندر اختلاف موجود آهي پر سرڪار کي قربان ٿيڻ کان بچائڻ ۽ چوڌري نثار جو گروپ ٺهڻ کان بچائڻ لاءِ نواز شريف ڪنهن حد تائين جنرل مشرف کي رعايتون ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. ڇو ته اهڙي صورت ۾ نواز سرڪار تي واعدي خلافي سبب ”ڏمريل“ وردي واري سرڪار جي ڪاوڙ گهٽ ٿي سگهي ٿي.

عمران خان جي لانگ مارچ جو سرڪار تي دٻاءُ مشرف لاءِ ڀلو ثابت ٿي ويندو. سڄي منظر نامي جي اصلي حقيقت اها آهي ته في الحال وقتي حل ڳوليو ويو آهي پر اهو مستقل حل ڪونهي. هلندڙ سال جي آخر تائين ڪجهه وڌيڪ تبديلين جي اڳڪٿي ٿي رهي آهي. اهي اڳڪٿيون نواز شريف سرڪار لاءِ بري خبر به ثابت ٿي سگهن ٿيون پر وچ مدي وارين چوندن بدران جمهوريت جا حامي يعني آصف علي زرداري، اسفند يار ولي، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جو خيال آهي ته فوري تبديلي بدران ايندڙ سال تائين سرڪار کي ڇڏيو وڃي. بدلجندڙ عالمي صورتحال کانپوءِ اهو فيصلو ڪجي ته سرڪار جو ڇا ڪجي؟

aajizjamalijamali@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو