Home / ڪرنٽ افيئر / هيرالال ۽ اشوڪ مالهي جا قتل:سياسي تڪرار جي وچ چڙهيل!
above article banner

هيرالال ۽ اشوڪ مالهي جا قتل:سياسي تڪرار جي وچ چڙهيل!

Ilyas Thariجڏهن 80ع واري ڏهاڪي دوران دوران سنڌي مهاجر جهيڙن سبب حيدرآباد ٻري اٿيو هو تڏهن حليم باغي لکيو هو ته ” ڄڻ نظر لڳي وئي هن بهارن جي شهر کي“ پر کيس ڪا به خبر نه هئي ته اڳتي هلي اهو امراڻو جنهن شاعري جي ڪوملتا سبب کيس امراڻي جو نئون راڻو هجڻ وارو خطاب ڏنو هو ان کي نظر لڳڻ ته ٺهيو پر بدامني جي باهه ۾ مڪمل طور گرهڻجي پنهنجو تاريخي اتهاس به وڃائي ويهندو، هتي جو عوام عيدون هجن توڻي هولي ۽ ڏياري جا تهوار ڇو نه هجن پر غير مشروط محبت جي مالها ۾ پرويل مڻين جيان خوشيون گڏيل طور ئي ملهائيندو آهي پر نه ڄاڻ ڇو ۽ ڪير عمرڪوٽ کي نفرت جي اوڙاهه ۾ اڇلائي رهيو آهي.

31 جولاءِ 2014ع تي شام ڌاري عمرڪوٽ جي ٽي تلوار چوڪ لڳ موجود درويش جهونجهار فقير جي مزار واري پاڙي ۾ موجود شيواڻي محلي ڏانهن ٻه واپاري ڀائر هيرا لال مالهي ۽ اشوڪ ڪمار مالهي پنهنجي گهر وڃي رهيا هئا ته کين موٽر سائيڪل سوار هٿيار بند ڦورن روڪي ڦر ڪئي ۽ مزاحمت تي کين سڌيون گوليون هڻي آساني سان فرار ٿي ويا. ننڍي ڀاءُ اشوڪ ڪمار ٿڏي تي ئي دم ڏنو جڏهن ته هيرالال کي سول اسپتال عمرڪوٽ پهچايو ويو پر اهو به زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

ٻنهي ڳڀرو ڀائرن جي ٻٽي قتل جي خبر ته ڄڻ جهنگ جي باهه جيان هُلي وئي پر قتل جو اهو پڙاڏو سندن گهر ۾ موجود پنجن ڀينرن تائين ان وقت پهتو جڏهن اهي سنڌي سڀيتا ۾ ڀيڻ ڀاءَ جي اٽوٽ انگ واري هفتي کن ۾ ايندڙ تهوار ”رکشا ٻنڌڻ“ جي سلسلي ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ پيارن جي ٻانهن ۾ راکي ٻڌڻ لاءِ ريشم جون گوٽيون سلجهائي مٿن پشم جهڙا گل چٽي رهيون هيون ۽ پوءِ سڀ ڪجھه ماتم ۾ تبديل ٿي ويو. ڀينرون ۽ ونيون توڙي وارث بيحال ٿي ويا ۽ انهن اوڇينگارون ڏيندي چيو ته ” چوٽي ٻڪ ٻهار جا پاتم ڇاڻي پاتم ڇار ڇتن ۾، سي ته وڃين ها پريتم پائي رهجي ويا جي هار هٿن ۾“.

هيرالال مالهي ۽ اشوڪ ڪمار مالهي 80 سالن جي پيرسن ڪاڪي سترام داس جا ڳڀرو پٽ آهن کيس اولاد ۾ چار پٽ ۽ پنج ڌيئرون آهن. جن ۾ هيرالال ۽ اشوڪ ڪمار کي انسانيت جي ويرين قتل ڪري ڇڏيو. سترام داس واڙيون پوکي امراڻي جي مارڳن تي گل ۽ ڀاڄيون وڪرو ڪندو هو سندس وڏي پٽ هيرالال کي هن شهر ۾ ڳاهه جو دڪان کولي ڏنائين جتي محنت ۽ مزدوري ڪري جڏهن اهو ڪنفيڪشنري جو هولسيلر شاهوڪار سيٺ بڻيو ته وحشين کيس ۽ ڀاءَ کي گولين جو بک بڻايو.

بدبو دار سياسي ڪلچر جي ور چڙهيل عمرڪوٽ ۾ هيرالال ۽ ڀاءُ جو نه ڪنهن سان کاتي جو تڪرار هيو ۽ نه وري ذاتي يا معاشي تڪرار جو ڪڏهن سندن بابت ڪو شاهدي ڏي ٿو. پر لاتعداد سوال اهڙا آهن جيڪي جيءَ کي جھوريندڙ آهن الائجي ڇو ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ ٻنهي ڀائرن جي ٻٽي قتل وارو اهو ڪيس به سياست جي ور چڙهي ويو هجي. واقعي واري رات جڏهن مڇريل ماڻهن سول اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ته ان وقت چون ٿا ته ڊاڪٽر موجود نه هو (هونئن به هتان جي ڊاڪٽرن کي سرڪار جي پگهار کڻڻ ۽ ڪم پنهنجي نجي ڪلينڪس تي ڪرڻ جو کليل لائسينس مليل آهي). پوليس پاڻ بچائي لڪي گم ٿي ويو. علائقو پريس ڪلب چوڪ کان وٺي سول اسپتال تائين ڄڻ ميدان جنگ بڻجي وئي ٻه ڏينهن هڙتال رهي سڄو ضلعو بند رهيو ٽائر سڙيا، ڌرڻا لڳا، روڊ بلاڪ ٿيا، سياسي پارٽين توڙي فوٽو سيشن وارن سياستدانن جون لينڊڪروزر اچڻ ۽ وڃڻ لڳيون، اقليتي برادري جا پنچائتي اڳواڻ پارليامينٽرينز ۽ ٻين جي بيانن جي وٺ وٺان شروع ٿي وئي پر هي ليک لکجڻ تائين ڪو به قاتل گرفتار ٿي نه سگهيو هو. افيئر کي مليل ڄاڻ موجب ڊي ايس پي عمرڪوٽ جي اڳواڻي ۾ جوڙيل جانچ ٽيم شڪ جي بنياد تي 15 کن ڏوهن ۾ ملوث رهندڙ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي ۽ سنڌ جي سرداري گهراڻي سان تعلق رکندڙ ايس پي عمرڪوٽ غير متحرڪ نظر آيو جيڪو سلسلو سندس مقرري واري وقت کان ئي هلندڙ آهي. چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته کيس ڪير به هٽائي نٿو سگهي ڇاڪاڻ جو ايس پي پاڻ سنڌ حڪومت آهي. ”والد ايم پي اي ڀاءُ پ پ جو ضلعي صدر ۽ پاڻ ايس پي پڇاڻو ڪير ڪندو“.

july-31-2014     16

ٻنهي ڀائرن جي قتل جا اصل ڪارڻ ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟ هن بابت ٿڏي کان ئي معاملو ٽيڙو ڪيو ويو صورتحال کي هروڀرو منجھايو ويو عمرڪوٽ ۾ عام لوڪ وٽ اهي ڳالهيون وڏي تعداد ۾ گردش ڪري رهيون آهن ته هڪ ٻئي تي سياسي نشاني بازي سان مقتولن جو ڪيس ڪمزور ٿي ويندو. لوڪ مک موڪ آهي سندن چوڻ آهي ته اهڙي موقعي تي پي ٽي آءِ ايم اين اي لال مالهي کي فوري طور سمورا الزام پ پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سيد علي مردان شاهه جي کاتي ۾ نه وجهڻ گهرجن ها. ڇاڪاڻ جو ٻن ڳڀروئن جي قتل جو معاملو آهي ۽ ان کي نج ”ڪرمنل ايڪٽ تحت“ کڻڻ گهرجي ها جڏهن ته هيل تائين واضح طور ميڊيا ۾ اهو پڻ رپورٽ نه ٿي سگهيو آهي ته قتل ٿي ويلن جي مقامي سطح تي سياسي وابستگي پ پ سان رهي آهي ۽ اهي لال مالهي جي ڪئمپ ۾ ناهن رهيا. احتجاجي سياست جي سينورجي ويل ماحول ۾ ڪٿي ائين نه ٿئي جو اصل جوابدارن جا پيرا ئي گم ٿي وڃن. ٻي طرف صوبائي وزير سيد علي مردان شاهه سمورن الزامن جو جواب ڏيندي ائين چوندو رهيو ته عوام مون کي 85ع کان ووٽ ڏئي رهي آهي. 5 ڀيرا ايم پي اي ۽ صوبائِي وزير رهيو آهيان لاشن تي سياست ڪندڙن کي عوام 50 هزار ووٽن جي ليڊ سان ڪامياب ناهي ڪندو. بحرحال معاملو ڇا به هجي پر جڏهن پ پ جي شريڪ چئرمين آصف علي زرداري پاران اماڻيل ڪميٽي جا ميمبر پ پ سينيٽر هري رام ڪشوري لال، ايم اين اي لالچند اڪراڻي، صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي، ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر، مير منور ٽالپر، پير آفتاب شاهه جيلاني، صوبائي وزير علي مردان شاهه ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر ۽ ٻيا جڏهن مقتولن جي تڏي تي تعزيت لاءِ پهتا ته اتي اڳ ۾ ئي نواز ليگ جو ايم اين اي ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي پي ٽي آءِ جو ايم اين اي لال مالهي ۽ شهر جا سوين ماڻهو پڻ موجود هئا ۽ جڏهن هري رام ڪشوري لال ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ان کي نواز ليگ جي ايم اين اي ۽ ٻين ڳالهائڻ کان روڪي ورتو ۽ بار بار اشارن ۾ ۽ ڳالهائيندي اهو چيو ته اسان جو ٻي ڪنهن تي به اعتبار ناهي سواءِ نواب يوسف ٽالپر جي صرف اهو ڳالهائي ۽ اسان ان جي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار آهيون، ڇاڪاڻ جو اهو پ پ جو ايم اين اي هجڻ باوجود قومي اسيمبلي جي اجلاسن ۾ باربار اهو چوندو رهيو آهي ته عمرڪوٽ ۾ هندو برادري سان وڏو ظلم جاري آهي. نواب يوسف ٽالپر تي اعتبار ۽ اعتماد جي اظهار دوران اتي موجود هڪ ٻن پ پ اڳواڻن سرٻاٽ ڪندي چيو ته ”پوءِ ڇا اسان ٻيا سڀ چور آَهيون ڇا؟. پٿر پرائو سور پنهنجا جيان فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ ۽ سينيٽر سيد مظفر حسين شاهه پڻ عمرڪوٽ جا سياسي اختيار جادم مڱريو کان پاڻ وٽ پهچڻ بعد پهريو ڀيرو عمرڪوٽ ياترا ڪئي ۽ مقتولن جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهايو جهيڻي لهجي ۽ تجربي وارين پختين ڳالهين مان ائين لڳو ڄڻ سائين سڳوري کي پڻ تازو ف ليگ لاءِ ٽف ٽائيم بڻيل ايس پي عمرڪوٽ تي ڪاوڙ وڌيڪ هئي.

نواز ليگ جي ايم اين اي ڀاون ڪمار ۽ گڏ آيل مرڪزي اڳواڻ کيئنل داس ڪوهستاني پڻ وارثن جي تڏي تي پهچي مقتول ڀائرن جي خاندان سان همدردي ڪرڻ کان پهرين فوٽو سيشن کي ترجيح ڏني ۽ نواز ليگ جي آفيس تي ريفريشمينٽ ۽ پريس ڪانفرنس ڪرڻ بعد قافلي جي صورت ۾ تڏي تي پهتا. قتل واري واقعي جي ٻي ڏينهن عمرڪوٽ ٿاڻي تي مقتولن جي ڀاءُ سريش ڪمار جي فرياد تي گناهه نمبر 2014/94 تحت پنج نامعلوم جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي ان ۾ قلم 396 پي پي سي ڦر دوران مزاهمت تي قتل وارو تذڪرو موجود آهي 8 لک روپيه ۽ ٻيو سامان ڦر ڏيکاريو ويو آهي.

گذريل ٻن اڍائي ڏهاڪن کان عمرڪوٽ ۾ جيڪي اقليتي برادري جي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جا واقعا ٿيا تن ۾ 80 واري ڏهاڪي دوران شو مندر تي چار مشهور ڀگتن کي رات جي اونداهي ۾ ننڊ ۾ ستل هئڻ دوران ذبع ڪري قتل ڪيو ويو غلام نبي شاهه ۾ راج ڪمار مالهي کي قتل ڪيو ويو، رام مهيشوري، نهالچند مالهي، گينو ڀيل ڪيلاش مهيشوري سميت لڳ ڀگ هڪ ڊزن کان وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا اهڙي ڀيانڪ صورتحال سبب هتي اهو تاثر پڻ اڀريو آهي ته هندو اقيلتي برادري سنڌ ڇڏي پرڏيهه وڃي رهي آهي پر اهڙي خطرناڪ صورتحال کان بچڻ بابت قومپرستن، سول سوسائٽي توڙي باشعور ماڻهن مان ڪنهن به ڌر ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ بابت ڪو به ڌيان ناهي ڏنو جيڪو هڪ وڏو قومي الميو ٿي سگهي ٿو.

بحرحال صورتحال ڪهڙي به هجي قاتل گرفتار ٿيڻ گهرجن سياسي حملا بند ڪري ڏوهارين کي ڳولهڻ گهرجي باقي هندو ڌرم موجب پونم، پڙواءَ، ۽ ٻيج بعد هاڻوڪي آچر کان سرامڻ جي ٽيج وارو هيلوڪو تهوار ڪير ملهائي ته کڻي وڃي ملهائي پر اهو سرامڻ جو مهينو هلڪيون بوندون ۽ رم جهم بادل برسڻ وارو هي هيلوڪو تهوار انهن پنجن ڀينرن هيرالال جي اڪيلي ڌيءَ مقتول ڀائرن جي ونين ۽ وارثن کان ريسارو ٿي حليم باغي جي سٽن جيان ”هائي هٺيلا هوڏي پريتم مند ملهاري تون ريسارو“ ٿي ڪوهين ڏور هليو ويو آهي. رکڙي پونم جي رسمن سميت ڄڻ سڀ ڪجھه ”وڌوا ماحول جي ور چڙهي ويو آهي هر طرف آهون، ڪوڪون ۽ اوڇنگارون آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو