Home / اسپيشل افيئر / هڪ اهم سوال!
above article banner

هڪ اهم سوال!

Irshad Memonحيدرآباد ڄائو منهنجو سنگتي ڊاڪٽر سلمان شيخ وائڙو ٿي ويو. هو تنهن سوال لاءِ بنهه تيار نه هئو. ورهاڱي وقت اتر پرديش کان لڏي آيل نهايت تهذيب ڀريل، اردو ڳالهائيندڙ ڪٽنب جي فرد ۽ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سلمان کان ڌرتي ڌڻي هئڻ جو حق ڪير کسي سگهندو؟ نادرا آفيس ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ گهڙي آءُ ساڻس جوڙ هئس جو اداري جي سنڌي ڪارندي ڪمپيوٽر مان اک نه ڪڍندي کانئس پڇيو- پوئتي (انڊيا ۾) اوهان جو تعلق ڪهڙي علائقي سان؟ هزارين ماڻهن جون شناختي ڪارڊ واريون درخواستون تصديق ڪندڙ هُن ۽ مون کي ساڄاڻ ڀلي ڀت هئي ته نادرا جي سافٽ ويئر ۾ اهڙو ڪو ڪالم ڪونهي جنهن موجب مٿي ڄاڻايل آڏي پڇا جو جواز پيدا ٿئي. اسان ڪراچي جي سنڌي گهڻائيءَ جي وسندي ۾ قائم دفتر منجهه حسب نسب ڳڻائي رهيا هئاسين. اريگيشن ڪالوني ۽ آسپاس جي ماحول ۾ جوان ٿيندڙ ڊاڪٽر لاءِ سا جانچ سوال ڪاري ضرب هئي، جنهن جو پڙاڏو سندس پونئر پڻ سڻندا رهندا. نه وسارڻ کپي ته هو شاندار پروفيشنل آهي. ايماندار پيءُ جو فرزند ۽ پگهر جو پورهيو کائڻ ۾ يقين رکندڙ.

نوڪريءَ جو موچارو عرصو سنڌي ماڻهن جي سيوا ڪندي گذاريو اٿائين. حق سچ جو ساٿ ڏيڻ جي عيوض ظاهري طور ذهني ناچاقي جي شڪار، جج ٻين سان گڏ مٿس به قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو. رڳو ۽ رڳو درست پوسٽ مارٽم رپورٽ لکڻ جي پاداش ۾. مجهول معاشرو پنهنجي ڏانهن ۽ سدورن پٽن سان ڪيئن ڪٺورتا سان پيش اچي ٿو. سلمان شيخ جي معاملي ۾ چٽو پسي سگهجي ٿو.

معمار جي رهائشي حصي جي ڀڪ سان قائم سڀيتا جي بلڪل هيٺين سطح تي حياتي گذاريندڙ، بجنس بدبودار سنڌي ڳوٺ آهي. سلهه، سيني جي بيمارين ۽ ميڊيسن جي ٻين شعبن ۾ مهارت سانڍيندڙ سلمان گذريل پندرهن سالن کان اتي شام جي ڪلينڪ ڪندڙ آهي. نه جهڙي معاوضي تي ۽ اورچائي سان اڻ پڙهيل آبادي جي خدمت ۾ رڌل. کين تعليم پرائڻ جي مستقل تلقين سان گڏ. بي دردي سان پيش آيل ڌاڙي ۾ گهر کي ٻهاريندو نهاريندڙ. هو اسان جي ڪالوني ۾ ريگيولر بنيادن تي ايندڙ آهي. هڪ ڀيري سوال پڇي منهنجا ترا ڪڍي ڇڏيائين. هو ان واهڻ جي ننڍن وڏن مامرن کان گهڻو باخبر آهي. قومپرستي جي آڙ وٺي جوڌن جي ناپاڪ ڪاررواين جي ڄاڻ اٿس. رهائشي ماڻهن جي جيئندان تاراج ڪرڻ کان نياڻين جي پڙهائي ڪاڻ ٺهندڙ سرڪاري انٽرميڊيٽ ڪاليج جي پلاٽ مٿان قبضي خاطر چوديواري ڊاهي پٽ ڪرڻ وارين ڪڌين حرڪتن تائين. نج سنڌي سوسائٽي مان اٿندڙ اختلافي آواز کان واقف آهي. ٿورڙن پر سڄاڻ انسانن جي غلامي جي نئين انداز خلاف جهد جو اکين ڏٺو شاهد. سندن لاءِ ممڪن انديشن، خطرن ۽ نقصانن کي ويچاري بي چين ٿيندڙ. هنن جي درد کي پنهنجو ڏک سمجهندڙ.

july-15-2014    42

ڊاڪٽر جي جنهن سوال سامهون پاڻ کي مائوف ڏٺم سو هن ريت پر تفصيل سان لکڻ ڏيوم- اوهان سئو سيڪڙو سنڌي آبادي ۾ رهو ٿا. هيٺئين وچولي طبقي جا ماڻهو. آءُ انيڪ ڀيرا اتي آيو آهيان. اٽڪل هر گهر آڏو هڪ يا وڌيڪ گاڏيون بيٺل ڏٺيون اٿم. ڪار، جيپ. ڪيترن ئي گاڏين تي سرڪاري نمبر پليٽ هجي ٿي. آر سي سي تعمير سان گرائونڊ ۽ مٿي گهڻ ماڙ عمارتون رهواسين جي ستابي هئڻ جي علامت آهن. سنڌي لوڪ اڪثر ڪري رياست مخالف سوچيندڙ گڏجي ٿو. مان وٽ سوال اهو ٿو اٿي ته ورهاڱو نه ٿئي ها ۽ پاڪستان وجود ۾ نه اچي ها ته ڇا اوهين سنڌي مسلمان ڳوٺاڻي تمدن مان چاڙهو ڪري ڪراچي جهڙي شهري زندگي ۾ اربن ٿي وڃڻ جا مزا ماڻيو ها ۽ 47ع کان اڳ واري صورت ۾ جڏهن سنڌي هندو اوهان جي رستا روڪ ڪيو بيٺا هئا؟- معلوم اٿس ته اسان جي ڪالوني ۾ رهندڙن جي خوشحالي هرو ڀرو حق حلال جي ڏوڪڙن وسيلي نه آهي. پاڪستان ٺهڻ ۽ 1970ع کانپوءِ واري ڦر مار واري جهان ۾ سنڌين کي محرومي جو احساس بحث جوڳو معاملو آهي. ڪيترا آهن جيڪي ٻي طرح جي راءِ رکن ٿا. غلط پڻ نه چئجن. سنڌي ماڻهن جي بدحالي جو ماتم عام سڻجي ٿو. فقط اسان جي رهائشي سوسائٽي کي مثال نه ٺاهجي. هزارين ننڍا ڳوٺ، پَڊ ۽ نيم شهري علائقا تباهيءَ جي ڪنڌي بيٺل آهن. غربت، جهالت، روزگار جي اڻهوند، جياپي لاءِ لازمي گهربل سهولتن جي اڻاٺ اتي وسندڙ ڪروڙين ارواحن کي نپوڙي رهيون آهن. سندن ايترو پوئتي رهجي وڃڻ جي ذميواري اوس به رياستي ڍانچي مٿان لاڳو ٿئي ٿي. اسٽيٽ ايپريٽس جنهن جو ڀاڱو سنڌي خود به آهن.

ويچار ونڊ ميرٽ تي ٿيندي ته سڀ پاسا نهارڻا پوندا. نااهل ۽ چور هيٺيون وچولو طبقو شهري زندگاني جو لطف وٺي رهيو آهي. پيپلز پارٽي جي ڇانو ۾ ڏوڪڙ ڏاندارين سان ميڙجي رهيا آهن. لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾ عوام جي ادا ڪيل محصول مان کربين روپين جي آمد جو نتيجو خلق ڪاڻ سنجهاين جي صورت ۾ نه نڪتو سو نه نڪتو. نام ڪٺي سول سوسائٽي مڱڻهارڪو راڳ ڳائڻ ۾ رڌل. قومپرست پر پارلياماني سياست ڪندڙ طاهر القادري جهڙن مدارين جي ڀڳت جو حصو ٿيڻ لاءِ بي آرام. آجپي پسندن خاطر ڏاڍ تي مبني رياست سونا آنا ڏيندڙ ڪڪڙ. لوڪ ڪهڙي حال ۾ ؟- پڇبن ووٽ ڪنهن کي ڏيندا. اڌ ڦاٽل گوڏ سان اوگهڙ ڍڪڻ جي سسئي ڪندي وراڻيندا- پي پي کي!

سچ اهو آهي ته جي ورهاڱو نه ٿئي ها. کنڊائپ ڀريل واڻيو راهه خالي نه ڪري ها. پاڪستان نه ٺهي ها ۽ 70ع کان بعد واري ڦرمار جي موڪل نه ملي ها. ڪوٽا سسٽم جو بنياد نه پوي ها. جناب ذوالفقار علي ڀٽو ميدان تي نه اچي ها. پيپلز پارٽي کي وري وري سرڪار ٿيڻ جو موقعو نه ملي ها. قومي ڪارڪن ڌنڌي پويان نه لڳن ها. پارلياماني سياسي ڪندڙ قومپرست مدارين پويان ڍولڪ نه وڄائي ها. سول سوسائٽي ڏڪار جي اوٽ ۾ ڀڀ ڀرڻ م مصروف نه هجي ها. ته، مون جهڙا بي پهچ ۽ نا لائق انسان ڪراچي منجهه پڪا گهر اڏي، ٿڌي مشين هلائي سيٽيون ڪين وڄائين ها. تنگ نظر ٿي نه سوچجي ۽ ميرٽ جي قائدي موجب ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ته ڊاڪٽر سلمان شيخ جو مٿي لکيل سوال سئو سيڪڙو جائز آهي. چڱو ٿيندو ته آءُ لڄ وچان، ڪنڌ نمائي سندس روبرو بيهي “نه” چوان. تاريخ پاڻ کي ڍونڍ ڀريل اونداهي ۽ بند گهٽيءَ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. حقيقت کان انڪاري ٿيڻ سان سچ پنهنجي هوند وڃائي ويهندو ڇا؟

فوٽ نوٽ هيٺ اضافو ته گذيل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان آءُ کيس وڏي اڻ تڻ ۾ ڏسي رهيو آهيان. پٺاڻن جي ملڪ ۾ فوجي آپريشن بعد سندن ڪراچي پهچڻ بابت چنتا ۾ آهي. گڏاپ ۽ شهر جي ٻين ٻهراڙين ۾ حياتي گذاريندڙ هي شخص کوڙ وقتن تي پنهنجي ڳڻتين جو اظهار ڪندو رهيو آهي.

اڪثر ڪري سندس انومان درست ثابت ٿيندي مون پاڻ نهاريا آهن. سنڌ جي راڄڌاني کي پشتون گهڻائي واري شهر ۽ طالبان حوالي ٿيڻ جو عمل اسان آڏو جاري آهي. اسي کان سرس عمر واري وڏي وزير جا اترين علائقن کان ايندڙ لوڌ ڪاڻ آجيان سندا بيان منهنجي هيئنڙي ۾ وڍ ته وجهي چڪا آهن پر اندر ڊاڪٽر سلمان شيخ جو پڻ ڳاري ڇڏيو اٿن. ياد رهي ته هو مذهبي خيال رکندڙ منش آهي. جنم ڀومي سان رشتو مون پارن الاهي چُهڙن کان وڌيڪ پختو پالي ٿو. حياءُ وڃائيندس جيڪڏهن آءُ سندس لاءِ محاوارا “مهاجر” ۽ “پناهگير“ ڪتب آڻيان.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو