Home / سياسي افيئر / وڌيڪ صوبن جو راڳ ۽ نالي ۾ نام نهال دانشور!
above article banner

وڌيڪ صوبن جو راڳ ۽ نالي ۾ نام نهال دانشور!

Abdul Khaliq Junenoڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته ”سٺو ڪم به جيڪڏهن حد کان وڌيڪ ڪيو وڃي ته اهو خراب بڻجي ويندو آهي“. اها چوڻي سنڌين تي ۽ انهن جي مهمان نوازي واري خاصيت تي پوري اچي ٿي. سنڌي ماڻهو دنيا ۾ جن خاصيتن سان سڃاتا وڃن ٿا انهن مان هڪڙي مهمان نوازي به آهي. پر اها مهمان نوازي انهن ايتري گهڻي ڪئي آهي جو اها هاڻي سندن ڳچي ۾ پئجي وئي آهي. ”ڪو نه پڇي ٿو ذات جيڪي آيا سي اگهي ويا“ واري صورتحال لڳي پئي آهي. بنا پڇا ڳاڇا ۽ ليکي چوکي جي ٻاهران ايندڙ ماڻهن کي اسان ڀليڪار چوندا رهيا آهيون، ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته نه رڳو تعداد ۾ ” مهمان“ اسان جي گهر جي گنجائش کان گهڻا اچي چڪا آهن پر ڪردار جي حوالي سان به انهن مان ٿورا اهڙا آهن جن سنڌ جي سونهن ۽ خوشحالي ۾ واڌارو ڪيو آهي. جڏهن ته وڏي اڪثريت اهڙن جي آهي جيڪي نانگ بڻجي ڏنگيندا رهن ٿا. انهن پهرين ته گهر ڌڻين جي ٽپڙن (ملڪيت، نوڪري، زمين، ڪارخانن وغيره) تي قبضو ڪيو ۽ هاڻي ماڳهين گهر (سنڌ) تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا. جيڪڏهن سڄي سنڌ تي قبضو نه ٿي سگهي ته ان کي حصن ۾ ورهائي ان جي ڪجهه حصن کي پنهنجي ملڪيت قرار ڏجي. يعني هزارن لکن سالن جي فطري عمل ذريعي وجود وٺندڙ سنڌين جي مادر وطن کي 67 سال اڳ ۾ ٺهندڙ ملڪ جو هڪڙو صوبو قرار ڏئي ان کي وڍي ٽڪي ان مان ٻاهران آيلن لاءِ الڳ صوبو يا صوبا ٺاهيا وڃن.

سنڌ ۾ الڳ صوبي جو اهڙو راڳ به ڪو نئون ڪونهي. مختلف وقتن تي مختلف ماڻهن ۽ گروهن طرفان مختلف شڪلين ۾ مختلف نالن ۽ نعرن سان سنڌ کي ورهائڻ واري مرلي وڄندي رهي آهي. هاڻي ان ڳالهه جا ٻه پاسا آهن. هڪڙو سنڌين جو ۽ ٻيو ٻاهران آيل ”مهمانن“ جو. پهرين ته اسان سنڌين کي وقت ۽ حالتن مان سبق سکڻ گهرجي ۽ فيصلو ڪرڻ گهرجي ته ”گهڻو ٿي چڪو“ (Enough in enough). انهي خوشفهمي کي ختم ڪجي ته دنيا اسان کي مهمان نواز چوي. پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي مستقبل کي درپيش خطرن کي محسوس ڪندي ۽ سمجهندي پنهنجي گهر(سنڌ) جي هوشيار چوڪيدار وانگر حفاظت ڪريون.

جيستائين ٻاهران آيلن جو تعلق آهي ته انهن پنهنجي اصليت، پنهنجي نيت ۽ پنهنجو ڪردار ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي اسان تي آهي ته انهن کي ڪيئن ٿا منهن ڏيون. جيئن مٿي چيو ويو ته اهي ڌاريا مختلف شڪلين ۾ ۽ مختلف طريقن سان مختلف ميدانن ۾ اسان سان وڙهندا ٿا رهن. هڪڙا سياست جي ذريعي اسان جي ڌرتي تي قبضو ڪرڻ ٿا چاهن ته ٻيا وري پاڻ کي ”دانشور“ سڏائي قلم ۽ ڪتاب ذريعي وڙهڻ ٿا چاهن. آهن اهي سڀ هڪ پر ظاهر جدا جدا شڪلين ۽ ٽولن ۾ ٿا ٿين ۽ پنهنجي مقصد خاطراهي ڪڏهن سچا مسلمان ٿيو وڃن ته ڪڏهن وري پڪا پاڪستاني ته وري ڪڏهن ماڳهين سنڌي سڏائڻ شروع ٿا ڪن. ڪڏهن مضبوط مرڪز جاگيت ڳائن ته وري ڪڏهن ڦير کائي گھڻن صوبن ۽ اختيارن جي ورهاست جا حامي بڻجيو وڃن. اسان کي به انهن سان هر ميدان تي ۽ هر طريقي سان منهن ڏيڻو پوندو.

july-31-2014     23

سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ بابت تازي گوهر افشاني”دانشورن“ جي هڪڙي ميڙ ۾ ڪئي ويئي جيڪي خليل نيني تال والا جي لکيل ڪتاب ”صوبي ڪيون ضروري هين“ (صوبا ڇو ضروري آهن) جي مهورتي تقريب ۾ سنڌ جي گادي ڪراچي ۾ گڏ ٿيا هئا. ڪتاب ۾ ليکڪ جي تعريف ۾ ڳالهائيندڙ همراهه، هڪ کان سواءِ، سڀ مهاجر هئا. جيڪي وڏي پر جوش انداز ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جي حق ۾ دليل ڏئي رهيا هئا. هڪ مقرر، سينئر صحافي محمود شام اهو سوال اٿاريو ته ليکڪ اهڙي وقت گهڻن صوبن جو سوال اٿاريو آهي جڏهن خود ملڪ جي صوبن وٽ اهميت ختم ٿيندي پئي وڃي.

سڀ کان پهرين نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته 17 صوبن جي وڪالت ڪندڙ اهي همراهه جڏهن هندستان کان هتي آيا هئا ته انهن جو اهو ورد هوندو هئو ته “ هڪ الله، هڪ رسول، هڪ قرآن ۽ هڪ ملڪ“. انهن وٽ صوبن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ ڪفر جي برابر ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ يڪجهتي کي هاڃو رسائيندڙ ڳالهه هئي. اهي صوبا جن پاڪستان ٺاهيو ۽ جن جي سرزمين تي اهي اچي آباد ٿيا جهڙوڪ سنڌ ۽ بنگال: انهن پاڻ کي سنڌي يا بنگالي نه سڏرايو ۽ چوندا رهيا ته اسان صرف پاڪستاني آهيون. جيتوڻيڪ ”دشمن ملڪ“ (هندستان) جي شهرن جي نسبت سان پنهنجا تخلص وڏي فخر سان پنهنجي نالن سان اڃا تائين لڳايو اچن جهڙوڪ نينيتال والا، اجمير والا، امروهوي، مراد آبادي وغيره.

انهن ”دانشورن“ جو چوڻ آهي ته گهڻا۽ ننڍا صوبا ٺاهڻ سان پاڪستان مضبوط ۽ خوشحال ٿيندو ۽ ماڻهن کي به سٺي حڪمراني ملندي. اهي ساڳيا ماڻهو آهن جن سڄي عمر مرڪزيت پسند ۽ آمر حڪمرانن جي خوشامد ڪئي ۽ ملڪ جي موجوده صوبن (قومن) جي عوام جي مطالبن کي چيڀاٽڻ ۾ انهن جو ساٿ ڏنو. اها اڃا ”ڪالهوڪي“ ڳالهه آهي ته مقررن مان هڪڙو معين الدين حيدر ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جو ويجهو ساٿاري هو. اهو مشرف جيڪو وڏي فخر سان چوندو هو ته صوبائي حقن لاءِ وڙهندڙ بلوچن کي ماري ڇڏيندو ۽ جنهن سنڌي ماڻهن تي ٺٺولي ڪندي چيو هو ته: سنڌي اڻپڙهيل ۽ جاهل آهن.

ڪتاب جي ليکڪ خليل نيني تال والا بابت سڄي دنيا کي خبر آهي ته هن هميشه انهن غير نمائنده ۽ آمريتي حڪومتن جي خدمت ڪئي جيڪي ملڪ کي مضبوط مرڪز ذريعي هلائيندا هئا. اها ساڳي صورتحال رضوان صديقي ۽ طاهر اي خان جهڙن ٻين مقررن جي رهي آهي.

هاڻي اوچتو ۽ هڪدم اهي همراهه صوبن جا ۽ صوبن جي حقن ۽ اختيارن جا چيمپين ٿي پيا آهن. ان سان يقيني طور موجود تاريخي صوبن (قومي وحدتن) جي ماڻهن وٽ انهن جي ارادن، مقصدن ۽ ڪردار بابت سوال اٿن ٿا، خاص ڪري سنڌ جنهن انهن ماڻهن کي ان وقت پناهه ڏني جڏهن اهي پنهنجي ڌرتي کان بيدخل ٿي چڪا هئا ۽ هوا ۾ ڪک پن وانگر اڏامي رهيا هئا، ان سنڌ جا رهواسي ضرور سوچين ٿا ته اهي ملڪ جي ڀلائي جي نالي تي ڪم ڪندڙ نام نهاد دانشور ڪنهن جي راند کيڏي رهيا آهن ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ۽ ٽيڪ سان سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

چيو ويندو آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن نقطئه نگاهه جي وڪالت ڪندو آهي ته ان ۾ غلطيون به ڪندو آهي ۽ ان جي موقف جا تضاد به کلي سامهون ايندا آهن. اها صورتحال هنن همراهن سان به آهي. انهن مان هڪڙو مسٽر رضوان صديقي ڀارت جو مثال ڏيندي چوي ٿو ته ”اتي چاليهه صوبا آهن ۽ اتي تمام سٺي نموني انتظام هلائي رهيا آهن“. مزي جي ڳالهه ته سندس اڳيو جملو اهو آهي ته ”صوبا ٻولي يا نسل جي بنياد تي نه هجڻ کپن“. مطلب ته انتظامي بنيادن تي هجن. مسٽر صديقي کي شايد خبر ڪانهي ته ڀارت ۾ صوبن جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي ئي ٻولي، ڪلچر ۽ نسل جي بنياد تي وئي. اهو ئي سبب آهي ته “اهي بهتر نموني انتظام هلائي رهيا آهن. ”حقيقت اها آهي ته ٻولي ڪلچر جي بنياد تي صوبن (رياستن) جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ سان ڀارتي ليڊرن (جن ۾ جواهرلال نهرو اڳرو هئو) انگريز سامراج جي ڪيل غلط ڪم کي درست ڪيو. انگريزن پنهنجي بيٺڪي مقصدن خاطر تاريخي قومن جي وطنن کي ڊاهي انتظامي بنيادن تي نوان ۽ غير فطري صوبا ٺاهيا هئا.

انتظامي سهولتن جي بجاءِ ٻولي ۽ ثقافت جي بنياد تي رياستن جي جوڙجڪ ڪرڻ واري پاليسي جو ئي نتيجو آهي جو ڀارت ۾ سڪم (آبادي پنج لک)، ميزو رام (آبادي اٺ لک) ۽ ارونا چل پرديش (آبادي ڏهه لک) جهڙيون ننڍيون رياستون به آهن ته وري اتر پرديش جهڙي ازدها رياست به آهي جنهن جي 18 ڪروڙ آبادي موجوده سڄي پاڪستان جي برابر آهي. جيڪڏهن ڀارت هنن ”ڪراچي والا“ دانشورن جي نسخي تي هلي ته پوءِ ته رڳو اتر پرديش مان ئي 17 صوبا ٺاهڻا پون.

ٻي انتهائي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي همراهه پاڪستان کي مضبوط، خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ خاطر گهڻا صوبا ٺاهڻ جي ڏس ۾ افعانستان جي مثال تي عمل ڪرڻ جي صلاح ٿا ڏين جيڪو دنيا جي غريب ترين، سڀ کان پٺتي پيل ۽ سڀ کان وڌيڪ بدامني جو شڪار ملڪن مان هڪڙو آهي. ايئن اهي ان ڪري ٿا ڪن ته افغانستان ۾ صوبا انتظامي بنيادن تي ٺهيل آهن ۽ اهي ذري گهٽ هتان جي ضلعن جي برابر آهن.ا تي اهي برطانيه جو نالو ٿا وٺن جيڪو دنيا جو سڀ کان ترقي يافته، طاقتور ۽ بهترين انتظاميه وارن ملڪن منجهان هڪ آهي، ان ڪري ته اتي آئيني وحدتون انتظامي بنيادن تي نه پر زبان، ڪلچر ۽ تاريخي حقن تي بيٺل آهن. اهو ئي بنياد آهي جو اسڪاٽلينڊ 60 لک جي آبادي سان هڪ جدا وحدت آهي ۽ انگلينڊ ٻي وحدت آهي جنهن جي آبادي اٽڪل 5 ڪروڙ آهي.

اها سڄي صورتحال هڪ بنيادي سوال کي جنم ٿي ڏئي جنهن جو جواب سڀ کان پهرين انهن رولاڪ، ”دانشورن“ کي ڏيڻ کپي ۽ ان سان گڏ هن ملڪ ۾ رهندڙ سمورن معقوليت پسند ۽ جمهوري سوچ رکندڙ ماڻهن کي پڻ ان سوال بابت غور ويچار ڪرڻ گهرجي ته ان ذهنيت جي پويان ڪهڙو منطق آهي جو يا ته چئجي ته هڪ وحداني طرز جو انتهائي مرڪزيت پسند رياستي نظام ملڪ جي بهترين مفاد ۾ آهي (جهنهن ۾ صوبن جو وجود ئي نه هجي ته بهتر ڇاڪاڻ ته جڏهن تاريخي صوبن جي سڃاڻپ ۽ وجود ختم ڪري ون يونٽ ٺاهيو ويو هئو ته اهي ”مهاجر دانشور“ ان جا وڏا حمايتي ۽ وفادار هئا) يا وري 180 ڊگري جي قلابازي کائي چيو وڃي ته 17 (يا ان کان وڌيڪ) صوبا ٺاهڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪندو ۽ ماڻهن کي حق ملندا جڏهن ته موجوده تاريخي صوبن (قومن) جي حقن ۽ اختيارن حاصل ڪرڻ واري جدوجهد جي هميشه مخالفت ڪئي وڃي؟

بهرحال هر خراب صورتحال مان به ڪو نه ڪو سٺو پهلو نڪرندو آهي. سو انهن همراهن جي اهڙين حرڪتن سان سنڌي ماڻهن تي اها ڳالهه اڃا وڌيڪ چٽي ٿي ويئي ته اهي هندستان جي ڌرتي سان دغا ڪندڙ انتشار پسند ماڻهو سنڌ جي ڌرتي سان وفادار ڪو نه ٿيندا.

junejolaw@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو