Home / اسپيشل افيئر / پاڪستان ڪنهن ٺاهيو؟
above article banner

پاڪستان ڪنهن ٺاهيو؟

Irshad Memonفرض ڪيل ڳالهه يا جنرلائزيشن چئجيس. اسان جي دماغ ۾ سا ويهي رهي آهي. معاف ڪندا هڪ نه پر اڃا وڌيڪ. پاڻ کين ڌار بحث هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ٽيڪا ٽپڻي شايد مناسب محاورو نه هجي. اسين انهن معاملن آڏو بيهڻ جي سئي ۾ هونداسين. نازڪ پر چڀندڙ سوالن جي سامهون اچڻ پڻ همت وارو ڪم آهي. نٻلتا ماريا سنڌي ماڻهو هر ٻڌل بات تي ٻڪري وانگر ڪنڌ ڌوڻيندا پسجن.

ليکڪ جي الٽر ايگو، جنهن کي همزاد ڪوٺجي، ڊاڪٽر سلمان شيخ اندر جي لفظن جو روپ ڏيندي ننڍڙن ننڍڙن ڪاڳرن تي ڪجهه سٽون لکيون آهن. ايمانداري جي گهرج هئي ته ڄاڻايل ويچارن کي مڪمل تحرير جي شڪل ۾ پڙهندڙ جي مطالعي لاءِ پيش ڪجي. هُو ڪيرمڙس آهن، اوهان هنن ئي صفحن تي راوي جي گذريل ڪٿا ۾ نهاري سگهو ٿا. تنهن لکت ۾ سندس پاران پڇيل سوال کي سوچ جي دائري منجهه آڻڻ ڪاڻ هٿ پير هنيا ويا آهن- پاڪستان ٺهڻ سان سنڌي مسلمانن ۽ خاص طور تي اڀرندڙ وچولي طبقي لاءِ ڀلائي جون راهون نه کليون آهن ڇا؟

مانواري سلمان سان ڪپت جو سلوڪ ڪندي، هن جي قلم مان نڪتل پئرائن جي مدد سان آءُ هي لکڻي تيار ڪري رهيو آهيان. اميد ته جلد ڊاڪٽر جي فڪر جا ڪيئي پاسا اوهان تائين باقائدي مضمون بڻجي رسندا. توهان جي ذهن ۾ موجود مفروضن يا جنرلائزيشنز سان ڇيڙ ڇاڙ کان ڪين ڪيٻائيندا. ڀاونا اٿم ته ڪنهن ريت هتي هن جي اٿاريل سوالن کي سندن پوري وزن سميت قدر لائق قاري جي روبرو پيش ڪرڻ ۾ سڦل ٿجي.

دنيا ۾ مذهبي تضاد ڪيتريون اونهيون پاڙون رکي ٿو، الحاد ۽ سماجواد لاڙن جي پاڻ حوالي ڪندڙ فئشني ڪامريڊ. کي تنهن مامري جي تکائيءَ جو شايد ئي احساس هجي ۽ هاڻ ته سي ناستڪ به الوپ ٿي ويا. هندستان جي تاريخ جون گذريل انيڪ صديون ان ٽڪراءُ جي نتيجي ۾ جنم وٺندڙ ڀوڳنا ۽ خونريزي ۾ سانوريون، ڪاريون ۽ ڳاڙهيون ڏسي سگهجن ٿيون جهيڙو جنهن جو انت ڏور افق تائين نظر ۾ نه ٿو اچي. زمانو ڪيترو به جديد هجي، شدت ڀريا ڌرمي اڌماهر دفعي نئون ويس ڍڪي ڏانئڻ وانگر خلق منجهه گهڙيو وڃن. نوري ۽ ناريءَ جو ڦڏو سدائين سائو، سر سبز. اهڙو جو اهڙو. ايشيا يورپ، اولهه اوڀر. دور ڪهڙي ۾ به. منبر آهي جنهن جي اشاري تي ڪنڌ ڪپجندا رهيا، رهن پيا ۽ ايندڙ وقت پڻ رت جي راند ڪڏندو رهندو. ديوتا تنهن ورنهه ۾ پاڻ وندرائيندا، مسڪرائيندا کلندا. ٽهڪ ڏيندا وتن.

ننڍي کنڊ اندر اهڙي ٽڪراءُ جي هڪڙي فصل طور پئدا ٿيندڙ ورهاڱو. سنڌ جي تازو اک پٽيندڙ ۽ اڃا اسرندڙ مسلمان مڊل ڪلاس وري وري اها ڳالهه فخر سان پئي ورجائي آهي ته پاڪستان ٺاهڻ وارا سنڌي ۽ بنگالي هئا. ڊاڪٽر سلمان شيخ ان طرح جي لٻاڙ سان صفا سهمت ڪونهي. روشن ۽ گهرين نگاهن سان هو پوئتي آل انڊيا مسلم ليگ جوڙڻ سندي واقعي ڏانهن نهاريندي چوي ٿو- مسلمانن ڪاڻ جدا رياست جي گهر شروعات ۾ ته هئي ئي ڪانه. هندن جي مقابلي ۾ مسلم آبادي لاءِ معاشي ۽ سماجي اوسر جي حاصلات مقصد هئي. هندو گهڻو اڳ صنعتي دور ۾ داخل ٿي چڪا. مڊل ڪلاس مکيه طبقو هجي ٿو. مسلمانن ۾ ان جي پئدائش خاطر سڀ کان اول، تعليم جي ضرورت هئي. آل انڊيا مسلم ليگ جي ابتدائي مول متن ۾ محمدن عوام ڪاڻ علم پرائڻ جا هندن جي برابر موقعا ميسر ڪري ڏيڻ جي انگريز سرڪار کان گهر هئي.

تضاد ختم نه ٿيو. گڏيل هندستان ۾ مسلمان آبادي جي سماجي واڌ ويجهه ۾ لڳاتار رنڊڪون وڌيون ويون. ايئن ڌار اليڪٽوريٽ ۽ پوءِ الڳ رياست جي طلب محسوس ٿين. انگريزن مان جان آجي ڪرائڻ سان گڏ هندو گهڻائي کان ڇوٽڪاري جي جدوجهد ڪر کنيو. انجام ته ستيتالهه ۾ هڪ ٻيو اوڙاهه انتظاري ڏٺائون. نئين مسلم اسٽيٽ انهن علائقن تي مشتمل ٿيڻي هئي جتي مسلمان اڪثريت ۾ هجن. سنڌ ۽ بنگال کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته رڳو اهي پرڳڻا مثالي نه هئا. ڊاڪٽر سلمان وٽ لک شاباشون اتر ۽ وچ انڊيا جي انهي لوڪ لاءِ به آهن جيڪي اتهاس جي ڊگهي تسلسل ۾ ۽ باقائدي تاريخي عمل هيٺ علم ۽ هنر حاصل ڪري مڊل ڪلاس جو روپ وٺي چڪا هئا. اسلام جا مڃيندڙ ۽ هندو گهڻائي وچ ۾ اقليتي حيثيت رکندڙ. ڄاڻ هئن ته پاڪستان ٺهڻ جي صورت ۾ سندن علائقا نڪور مسلم رياست جو ڀاڱو نه هوندا. گهر گهاٽ، ڪاروبار ۽ استحڪام ڀري زندگي کي الوداع چوڻو پوندن. لڏ پلاڻ، سمجهيائون پئي تنهن هوندي به هو هن ملڪ کي وجود ۾ آڻڻ ڪاڻ سڀني کان سرس سر گرمي رکندڙ هئا. ورهاڱي کان پهريائين مسلمانن جي سياست ۾ مڙني صوبن جي نسبت چست قيادت اوهان کي ڄاڻايل علائقن مان اڀري آيل نظر ايندي. جتان جي عوام کي آخر ڪار به اباڻا ڪک ڇڏڻا هئا ۽ ڇڏيائون پڻ. ياد رکڻ کپي ته جوءِ مٽائڻ جو اهو مرحلو رت جا درياهه پار ڪري پورو ٿيو.

july-31-2014     41

پاڪستان جي حق ۾ سنڌ اسيمبلي مان منظور ٿيل ٺهراءُ جي ترڪتال جو جائزو وٺندي ۽ پوئتي پيل، اٻوجهه هتان جي مسلمانن جو نئين رياست ڪاڻ جوش پرکيندي، ليکڪ، سلمان شيخ سان اتفاق ٿو ڪري. ان تي ته هن ملڪ کي جنم ڏيڻ جو ڪريڊٽ رڳو سنڌ ۽ بنگال ڏانهن نه ٿو وڃي. مٿي ذڪر ڪيل اتر هندستاني مسلم آبادي ۽ خاص طور تي ان جي گهڻو سڌريل مڊل ڪلاس کي پڻ مارڪون ڏيڻ کپن. ۽ شايد ٻين کان وڌيڪ حق هجين. انصاف پسندي جي گهرج آهي.

اڪثريتي صوبن جي مسلمانن کي گهر وٿاڻ، ڇڏي لاڏائو ڪين ٿيڻو پيو ۽ نه ئي سندن رتو ڇاڻ ۽ بلادڪاري جي فرات مان گذر ٿيو. تنهن جي ابتڙ هنن غير مسلم پر هم زبان ۽ ساڳئي ڪلچر سان تعلق رکندڙ پاڙيسرين ڪاڻ پان وٽ ڌرتي ٽامو ڪري ڇڏي. کين سرحد پار ڀڄايائون. ويندي انهن جي ڳاڙهي خون سان وحشت جي اڃ اجهايائون. مذهب جي بنياد تي بغض سبب ايئن ٿيو. ڀاءُ ڀاءُ جو ويري. جنهن کي جتي وارو مليو ان اتي ڌڪ ڪيو. پاڳل پڻي ڀريل باب آهي. هسٽري مٿس ”هندستان جو ورهاڱو“ عنوان رکيو آهي.

بيان کي سهيڙجي ته مانواري ڊاڪٽر جي اهڙي راءِ ۾ سگهه ڀائنجي. پاڪستان ٺاهڻ جا موڙ فقط سنڌ ۽ بنگال کي پارائڻ نه کپن. جيڪڏهن اهو ايڏو ئي فخر لائق ڪم آهي ته بعد وارن نتيجن تي سنڌين ۽ بنگالين کي رانڀاٽ ڪندي ڇو ڏٺو ويو؟ ملڪ، رياستون ڌرم جي بنياد تي ڪو نه جڙنديون آهن. مذهبي ڪروڌ جي اوساري سبب انڊيا ٻه ڀاڱا ٿيو. اولهه ۽ اوڀر پاڪستان کي ڳڻجي ته ٽي حصا. پوءِ جيڪي ڪجهه ٿيو سو ورهاڱي جي واردات جو منطقي تسلسل هئو. سنڌ ۽ بنگال سان واسطو رکندڙ مسلم ليگي سياستدان ڇا ايترا موڳا هئا جو کين بٽائي پڄاڻان پيش ايندڙ امڪاني اگرين حالتن جي ڪا ڄاڻ ئي نه هئي؟ حقيقت اها ته هو پڻ هڪڙي انڌ ۾ هئا. ڌرمي جنون جي پٽي سڀني جي اکين تي ٻڌل هئي. هندو، مسلمان، سک- حواسن ۾ ڪوئي نه هئو.

اڄوڪي زماني ۾ سو ڏوراپو ته پاڪستان کي وجود ۾ آڻڻ ڪاڻ سنڌي مسلمانن ڪا وڏي کاٽي کنئي. سندن نام ڪٺين قربانين جو لحاظ ڪندي. هاڻوڪي رياستي ڍانچو ساڻن شانائتي روش اپنائي جيڪڏهن لاڀ ڏئي سگهي ٿو، علم ارواح وارن کي ڏيندو. جيئرا جاڳندا انسان جنهن پڄر ۾ آهن کين سولو ڪرڻ خاطر گهڻ طرفي حڪمت عملي، ڏاهپ ۽ ارپنا گهرجن ٿيون. مان ۽ منهنجي پود، تن خصلتن کان وانجهيل پسجن. ايندڙ نسلن تي ٿو ڇڏجي ته هو ڪيترا هرڻ ٿا مرين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو