Home / ڪرنٽ افيئر / ڌارين جي لوڌ جي سنڌ آمد خلاف قومپرستن جا اثرائتا ڌرڻا!
above article banner

ڌارين جي لوڌ جي سنڌ آمد خلاف قومپرستن جا اثرائتا ڌرڻا!

Naseem Bukhari3 جولاءِ 2014ع تي حيدر منزل ڪراچي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني هيٺ متحرڪ ٿيل سنڌ بچايو ڪميٽي پاران ضرب عضب آپريشن سبب متاثرن جي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ خلاف دنيا جيڪا دانهن لاڳيتو ڇهه ڏينهن نٽهڻ اس ۾ ڏٺي آهي. اها وفاقي سرڪار کي وائڙو ڪري يا نه پر عالمي طور تي جهنجوڙي وئي آهي.

9 جون تي ڪمون شهيد نيشنل هاءِ وي ۽ ڊيرا موڙ انڊس هاءِ وي تي جنهن جذبي ۽ جوش سان اڳ ئي ستايل ۽ سورن جي گهيري ۾ آيل سنڌ امڪاني خطرن خلاف اٿي کڙي ٿي آهي، ان جو اهو احتجاج مستقبل جي سنجيده حڪمت عملي جو اهڃاڻ ثابت ٿي سگهي ٿو. 10 جولاءِ تي گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ وارا ڌرڻا هجن يا 11 تاريخ تي شڪارپور ۽ ٻٻرلوءِ باءِ پاس جا ڌرڻا. 12 تاريخ تي رتوديرو، راڻيپور، 13 جولاءِ تي نصير آباد ۽ فيض گنج 14 تي دادو، مورو يا پندرنهن تي سڪرنڊ وارو ڌرڻو، مٿيان سمورا ڏينهن چوويهن چوويهن ڪلاڪن جا لڳل ڌرڻا وزيرستان جي متاثرن لاءِ اهو نياپو ڇڏي ويا آهن ته عالمي يتيم خاني ۾ بدلجي ويل سنڌ هاڻ ڌاري آبادڪاري جي وڌيڪ سٽ نه ٿي ساري جو ايڏي وڏي آبادي جو بار هوءَ اڪيلي سر برداشت ڪري سگهي.

سنڌ ۾ پورا ست ڏينهن آپريشن متاثرين جي رستا روڪ لاءِ جيڪا سياسي پارٽين طرفان گڏيل طور تي جدوجهد ٿي آهي، تنهن ڌارين کي سنڌ جي مزاج ۽ مرضي جي جهلڪ ڏيکاري ڇڏي آهي.

شڪارپور واري ڌرڻي دوران 236 وزيرستان کان آيل ماڻهن کي روڪيو ويو، انهن کي منجهند جي ماني کارائي، شام جو وري روزائتن کي افطاري به ڪرائي وئي ۽ کين عزت سان سورنهن ڪوچن ۾ واپس موڪليو ويو. هنن کي سمجهايو ويو ته توهان جي ڏک ۾ سنڌ برابر جي شريڪ آهي پر ڪي پي ڪي ۽ پنجاب لتاڙي سڀني متاثرن کي سنڌ ڏانهن ڌڪڻ ڏاڍائي آهي ٻيا صوبا ان حوالي سان ڇو پٺتي بيٺا آهن؟

سنڌ ۾ لڳل ڌرڻن ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جي وڏي انگ ۾ شرڪت نظر آئي ۽ ان حوالي سان جسقم ناري تحريڪ جي اڳواڻ ۽ ليکڪا ناياب سرڪش سنڌي جو خصوصي ذڪر ڪري سگهجي ٿو، حيدرمنزل تي ٿيل گڏجاڻي ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي قيادت موجود هئي پر عملي طور تي ڌرڻن ۾ ان جي شرڪت ڏسڻ ۾ نه آئي، سنڌ ترقي پسند، قومي عوامي تحريڪ، سنڌ نيشنل پارٽي به انهن کي شريڪ ٿيڻ کپندو هو پر پٺاڻن خلاف احتجاج جو حصو نه بڻجڻ ڪيترائي سوال اٿاري ٿو جڏهن ته مٿيون پارٽيون لوڪل آرڊيننس وقت گڏ هيون پر خبر نه آهي ته قادر مگسي، اياز لطيف پليجو هاڻ ان تي ڇو پٺڀرا ٿي بيٺا آهن. ان ڏس ۾ جيڪڏهن ڪا راءِ يا وضاحت آڏو آئي به آهي ته اها اختلافي ۽ موقعي ۽ مهل جي حوالي سان نامناسب آهي، جنهن جو سنڌ جي اجتماعي مفادن سان ڪو ليکو لهڻو نه آهي.

july-15-2014    16

19 جولاءِ تي ڌرڻن کانپوءِ واري حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ جيڪو ڪٺ حيدرمنزل تي ڪوٺايو ويو آهي تنهن ۾ ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي ٻاهران يا وزيراعليٰ هائوس آڏو هزارين سنڌين کي گڏ ڪري چوويهن ڪلاڪن تائين ڌرڻي هڻڻ واري رٿ تي ڪير ڪيترو رڙي ڪوڪي ٿو ۽ ان ڏس ۾ ڪهڙي لاڀائتي خبر آڏو اچي ٿي تنهن بابت پاڻ ڪو به تبصرو نه ٿا ڪريون پر اهڙي عاليشان ۽ منظم احتجاج جي ضرورت پوري شدت سان محسوس ٿي رهي آهي، ڇو ته ان جي ذريعي ئي گڏيل قومن ۽ عالمي ميڊيا آڏو سنڌ جي درد کي ڀرپور نموني سان پهچائي سگهجي ٿو. جيئن مرحوم بشير قريشي ڪراچي ۾ فريڊم مارچ ڪيو هو هاڻ به ان سطح واري احتجاج جي ڪراچي ۾ گهرج آهي ۽ ان عمل سان قائم علي شاهه کي به ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ايندي جيڪو چوي ٿو ته قوم پرست مٿي ۾ سور نه وجهن جيڪو پريشر پوڻ تي پنهنجي موقف تان ڦري وڃي ٿو ۽ ضرب عضب آپريشن متاثرن لاءِ سنڌ سرڪار جي خزاني مان پورا ڏهه ڪروڙ واڳ ڌڻين کي ڏئي اچي، ڪا هٻڪ ۽ جهجهڪ محسوس نه ٿو ڪري، جنهن جون ڌارين جي آمد تي اکيون ٿڌيون آهن. جيڪو اڃا به سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان نه رڳو خواب ڏسي رهيو آهي پر عملي طور ان جو اظهار به ڪري چڪو آهي. جڏهن ته خورشيد شاهه قومي اسيمبلي فلور تي اهو چئي چڪو هو آهي ته ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ پٺاڻ رهن ٿا ايترا پشتون ته خيبر پختون خواهه ۾ به ناهن. لڳي ايئن ٿو قبلي سائين قائم علي شاهه جو شايد خيال اهو آهي ته ڪراچي جيترا پشتون سنڌ جي هر شهر ۾ اچي آباد ٿين ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ضلعي هيڊڪواٽرن ۾ ايم پي ايز جي بنگلن ٻاهران زبردست احتجاج ٿيڻ کپي. انهن تي دٻاءُ وجهجي ته اهي سنڌ کي مذهبي شدت پسندي ۽ بارود جي ڍير ۾ بدلائڻ وارين سازشن جو حصو نه بڻجن. ان سلسلي ۾ هڪڙي راءِ اها آهي ته سندن گهرن آڏو توا ٽنگي سگهجن ٿا. هنن جو سماجي بائيڪاٽ به ڪري سگهجي ٿو.

پورا ست ڏينهن سنڌ ۾ جيڪي ڌرڻا لڳا تن ۾ پارٽين جو قيادتون گم هيون، ان حوالي سان جسقم چيئرمين صنعان قريشي، رياض چانڊئي، جسم اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجي جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو. سيد جلال شاهه جي سرواڻي ۾ لڳل ڌرڻن دوران پنجاب ۽ خيبرپختون خواهه جي ٽريفڪ ۽ ڪارگو سروس هلندي رهي جڏهن ته انهن ٻنهي صوبن تي دٻاءُ جي لاءِ ان کي روڪڻ ضروري هو. اهڙي راءِ رکندڙن جي چڱي ڀلي اڪثريت جو اهو به خيال آهي ته تازن ڌرڻي دوران، سرڪار ۽ متحرڪ پارٽين ۾ جيڪو مفاهمتي لحاظ ڏسڻ ۾ آيو سو به ڪيترائي سوال اٿاري ويو آهي. هڪ اهڙي دور ۾ جڏهن پي پي او لاڳو ٿي چڪو آهي ۽ ان خلاف هاءِ ڪورٽن توڙي سپريم ڪورٽ ۾ در کڙڪايا ويا آهن ڇا وزيرستان جي متاثرين بابت به ڪا درخواست داخل نه ٿي ڪري سگهجي. جيئن سنڌ ۾ ٻٽي نظام خلاف بئريسٽر ضمير گهمرو عدالت ۾ ويو هو، ايئن هاڻ به عدالتي در کڙڪائڻ جي ضرورت آهي گهٽ ۾ گهٽ ان حوالي سان ايترو ضرور ٿئي ها ته سرڪاري موقف ۽ ڌارين جي آبادڪاري جي حوالي سان ڪي انگ اکر ته آڏو اچن ها؟

ڌرڻن دوران ڪٿي به ڪا بد نظمي ۽ ڪا ڇڪتاڻ نظر نه آئي ڌرڻن ۾ سنڌ جي عوام جي ڀرپور شرڪت هڪ خواب رهي.

حقيقت اها آهي ته قومپرست پارٽيون پنهنجي پارٽي اندر ته متحرڪ ڏٺيون ويون آهن پر هنن ڪا اهڙي سرگرمي نه ڪئي جنهن سان هزارين لکين خلق گڏ ٿئي ها.

سنڌ ۾ وزيرستان مان آيل آبادي واري معاملي تي اردو آبادي جي شرڪت کي به يقيني بڻائي پيو سگهجي. جيئن سنڌ قومي اتحاد وقت سائين جي ايم سيد ڪيو هو. حقيقت اها آهي ته سنڌ سان وڙهي به طالبان ٿو ۽ هتي اڪثر لڏو کڻي اچي آباد به طالبان ٿو ٿئي جن خلاف سنڌ جي سمورين ڌرين کي سندرو ٻڌي ميدان ۾ نڪري اچڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽين، جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ شفيع ڪرناڻي ۽ صفدر سرڪي گروپ، جيئي سنڌ محاذ جوڻيجو گروپ، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، سنڌ نيشنل موومينٽ ۽ سنڌي ادبي سنگت اهي سڀ جو سڀ ڌريون ڌرتي جي دانهن بڻجي جيئن اڳتي وڌيون آهن تيئن اهي رياست ۽ سامراجي توقن لاءِ اک جو ڪنڊو به بڻيون آهن. انهن سمورن پارٽين پاران سنڌ بچايو ڪميٽي جي نالي ۾ جڙيل پليٽ فارم جيئن پوئين ڀيري لاڀائتي حيثيت ماڻي هئي هاڻ به اهڙي اميد رکڻ گهرجي.

ڊاڪٽر قادرمگسي عيد کانپوءِ ڌارين جي آمد خلاف احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. قومي تحريڪ به پنهنجي دڳ سان آهي، سوال اهوآ هي، ته هر ڪا ڌر پنهنجي پنهنجي طور تي انفرادي حيثيت ۾ احتجاج ڪري ڇا گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهي ٿي؟

ڇا سنڌ جا مفاد اسان کي سياست ۽ انفرادي مفادن جي قرباني لاءِ اتساهن ۽ همٿائن نه ٿا ۽ اسان جا اڪيلي سر احتجاج دشمن لاءِ چٿر جو سبب بڻجن ٿا، ان ڪري گڏيل احتجاج ئي ڪي نتيجا ڏئي سگهي ٿو.

bukharinasim@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو