Home / سنڌ افيئر / ڏٿ نه ڪٽي ڏوٿين
above article banner

ڏٿ نه ڪٽي ڏوٿين

Noor Ahmed Jinjheڪافي وقت کان ٿر۾ پئدا ٿيل ڏڪار واري صورتحال جو چئو ٻول آهي، هرهڪ چئنل تي ويٺل هرفن مولا ميزبان ٿرڏڪار جي لات لنئي رهيا آهن ته ڪي وري اهڙي صورتحال ۾ پئدا ٿيل کاڌ خوراڪ جي کوٽ تي ڊگها بحث ڪري رهياآهن. امداد جون ڳالهيون به ٿيون . واهر ٿي پر تمام ٿوري پئماني تي. هاڻي وري بحالي بابت حال احوال ڪندي ٿر ۾ مستقل طور انهي ماحول ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جا سانباها ڪيا وڃن پيا. امداد جو به گهڻو تڻو محور شهري آباديون رهن ٿيون ڇو ته اتي مختلف ميڊيا چئنلس جون ٽئنڪن وانگر هر وقت بيٺل گاڏيون گردش ۾ اچي ٿيون وڃن ۽ جيڪا ڌر امدادي سامان ورهائي ٿي اها پنهنجي خبر ڇپرائي باقي ذميواري۽ کان آجي ٿي وڃي ٿي. اهڙي طرح گاڏو ڌڪجي رهيو آهي ماڻهن وٽ به اهڙي ڪا مضبوط سماجي جوڙجڪ يا ڍانچو ناهي جنهن وسيلي اهي هن سموري عمل مان ڪو مناسب لاڀ پرائي سگهن. تنهنڪري ٿرين جي غريبي دور ٿئي نه ٿئي باقي ٻين گهڻن جي غريبي دور ٿي ويندي. اڄ کان 50 سال اڳ جي غربت ۽ موجوده غربت ۾ فرق آهي.اڳي اناج جي ايتري شديد اڻاٺ هوندي هئي جو ڪاري ڏڪار دوران ماڻهو وڻن مان ملندڙ اپت واپرائي وقت ڪاٽيندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته مسڪين مارن کي وڻن جا ڇوڏا کائڻا پوندا هئا. هن وقت ڪوبه وڻن جا ڇوڏا نٿو کائي. ان وقت ٿيندڙ کاڌي جي کوٽ دوران ماڻهو ان جو واپراج سان ڪندا هئا ۽ باقي سندن گذران ڏٿ تي هوندو هو. اچو ته ڏسون ڏٿ ڇا آهي؟ ڏٿ جهر جهنگ جي وڻن مان ملندڙ اهڙي اپت آهي جنهنکي هڪ رڇ خور ڪچو به کائي سگهجي ٿو ته ٻاڦي يا رڌي کائي سگهجي ٿو يا سڪائي کائي سگهجي ٿو. ڏٿ اهڙي قدرتي وٿ آهي جيڪا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود هوندي آهي پوءِ ڪهڙو به ڪارو ڏڪار ڇو نه پوي. ڏٿ ڳولهڻ لاءِ جهر جهنگ رلڻو پوي ٿو ۽ ڏونگر ڏورڻا پون ٿا. کاڌي جي کوٽ جو پورائو ڪرڻ لاءِ هيءُ مقامي اُپاءُ آهي جيڪو هٿ هيٺ وسيلن کي ڪتب آڻيندي معمولي لاڳت سان عمل ۾ آندو ويندو آهي.ايئن ڏٿ ڏورڻ جي انهي وارتا کي ڀٽائي هن طرح بيان ڪيو آهي؛

پارئان پُڇي آءُ، خبر کاهوڙين جي،

ڏوٿين ڏونگرئان، ڪنهن پرڏورئو ڏٿ کي.

ايئن ڏاکڙن سان ڏوريل ڏٿ جي غذائي ڪٿ تمام ملهائتي آهي. ڏٿ ۾ وٽامن، پروٽين، فائبرسميت اهي سموريون شيون آهن جيڪي پيٽ جي دوزخ کي ترت ڀرڻ لاءِ ڪافي آهن. ڏٿ جي ٻي وڏي خاصيت اها آهي جو اهو اڪيلي طور واپرائي سگهجي ٿو. پاڻ کاڌو آهي ته پاڻ ئي اولڻ آهي.اچو ته ڏسون ڏٿ ڪهڙين وٿن جو اجتماعي نالو آهي. ڏٿ ۾ پاڙون، ميوا، ڦل ۽ پن شامل آهن، جن کي مجموعي طور ڏٿ چئبو آهي.

july-31-2014     37

پاڙدار ڏٿ ۾ پپون ۽ ڪونڊيرشامل آهن. اهي مرٽن ۽ سيڻن جي پاڙن ۾ ٿيندا آهن. پپون سائي رڱ جو پاڙون آهن جيڪي پهرين برسات پوڻ سان مورجي اچن ٿيون. پپن کي ڪچو به کاڌو ويندو آهي ته سلاد طور به.. ڪونڊير به مرٽن ۽ سيڻن جي پاڙن ۾ ٿيندڙ اهڙا پاڙونڊا آهن جيڪي ننڍڙا پٽاٽا لڳندا آهن. انهن کي به ڪچو استعمال ڪيو ويندو آهي. پنن واري ڏٿ ۾ مريڙو، ٻگرو ۽ سالارو مشهور آهن جن کي ساڳ طور پچائي کاڌو ويندوآهي. آرهڙ جي ڏينهن ۾ جڏهن لڪون لڳنديون آهن ۽ لڪ تپندا آهن، زمين شعلا پيئي اوڳاڇيندي آهي تڏهن به ٿر۾ ڪجهه وڻ آهن جيڪي ڏٿ جي فطرتي دولت سان جنجهه ٿي پونداآهن ۽ مارو ماڻهو ان مان سڱر، گل ۽ ميوا پٽي پاڻ به قوت ڪندا آهن ته ڌڻ ڀٽاري کي به کارائيندا آهن ۽ مال نه رڳو متارو ٿي مچي پوندو آهي پر کير مان به وهي اٿي هلندو آهي. ڪنڊي ٻور ڇڻڻ کان جلد ئي سڱر لڳندو آهي ۽ ڪچيون سڱريون جن کي ٽويا چونداآهن تن جي ڀاڄي تمام گهڻي سوادي ۽ سوساڏي ٿيندي آهي. ٽويا پچي سڱر ٿينداآهن ته به ماڻهو ۽ مال ٻئي شوق سان کائيندا آهن ۽ سگهڙ عورتون سڱر کي ٻاڦي پوءِ سڪائي رکنديون آهن جيئن اَڻمندائتا ڪم اچن. سڱر پچي کوکا ٿيندو آهي جيڪي ٻار شوق سان کائيندا آهن . اهڙي طرح ساڳي موسم ۾ ڪرڙ جي وڻ ۾ ڦل ٿيندا آهن تن کي پُسي چئبو آهي. انهي کي به رڌي کاڌو ويندو آهي جنهن جي سٺي غذائي ڪٿ آهي. پُسيءَ مان ڏونرا نڪري نروار ٿيندا آهن جيڪي پچائي يا ٻاڦي کائڻ سان گڏو گڏ سنڌيا ويندا آهن يعني انهن جو سانڌاڻو تيار ڪيو ويندو آهي. ڏونرا پچي پڪن ۾ تبديل ٿيندا آهن جن کي ٻار ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن ته پٺاڻ ۽ پڪن وارو ٽوٽڪو به ٿر ۾ مشهور آهي. ڄار هڪ اهڙو وڻ آهي جنهن جي ٿرجي ڌرتيءَ سان ڄائي ڄم کان نسبت آهي. ٿر ۾ مٺي ڄار ٿئي ٿي باقي ڪس واري علائقي ۾ ڪٿي ڪٿي کارا کٻڙ پڻ ڏيک ڏين ٿا. ٻور ڇڻڻ سان ڄار ۾ ڪڪڙ لڳن ٿا جيڪي ٿورو وڏا ٿين ٿا ۽ منجهن پاڻي پوي ٿو ته انهن کي ماڇڪ چيو ويندو آهي. ماڇڪ وڏا ٿي پيرونءَ ۾ تبديل ٿين ٿا ۽ انهن پيرن جا رنگن مطابق مختلف نالا ٿين ٿا جهڙوڪ؛ رتيا (ڳاڙها پيرون) سيڙهيا (پيلا ۽ اڇاڻ مائل پيرون) کهنبا (کهنبي رڱ وارا). پيرون پچڻ دوران وڏي تفريح وارو ماحول هوندو آهي ڇاڪاڻ ته اهڙن ڏکين ڏينهن ۾ واحد رسدار ميوو وڻن ۾ ٿئي ٿو. ڪنواريون گهر جي وڏين عورتن سان گڏجي پيرون چونڊڻ وينديون آهن ۽ ان دوران جيڪي ڳيت ڳائينديون آهن تن کي ڏورڪي سڏيو ويندو آهي، جيڪي انهن هڪجيڏين ۽ سرتين لاءِ ڳايون وينديون آهن جيڪي کانئن ڏور هونديون آهن. اهي ڏورڪيون ايتريون درديليون هونديون آهن جن کي سڻي من ميڻ ٿي پوندو آهي. پيرون مال کي به کاڌي طور ڏنا ويندا آهن. پيرن مان ڳڙ ٺاهيو ويندو آهي جيڪو انتهائي لذيذ ٿئي ٿو . پيرن کي سڪائي ڪو ڪڙٺاهي محفوظ ڪري رکيو ويندو آهي جيئن ڪمندائتو کائي سگهجي. ائين ساڏوهين جي ڏنگن ڏارن ۾ ٿيندڙ هي املهه ڏٿ به مارن لاءِ وڏي وٿ رهيو آهي.

گاهن ۾ به ڪافي اهڙا گاهه آهن جيڪي جتي مال جو چارو آهن ته ماضيءَ ۾ ڏٿ جي شڪل ۾ انسانن به ان کي کاڌي طور واپرايو آهي. ڀُرٽ، مُرٽ، ٻَرُو، سائون اهڙن گاهن ۾ اهم آهن. انهن جي سنهڙن سنگن مان سنهڙن داڻن کي وڏي محنت سان ڪڍي پوءِ ان کي پيهي ان جي اٽي جي مانيپچائي کائڻ وڏو محنت طلب ڪم آهي پر انهي جو سواد ۽ غذائي ملهه اپر آهي.

ان کان سواءِ وسڪاري جي مند ۾ ٿيندڙگوار، ڇانهان، چڀڙ، گدريون ڪٽي سنهيون سنهيون ڦارون ڪري سڪايا ويندا آهن جن کي ڪاچريون سڏيو ويندو آهي. اهڙي طرح محفوظ ٿيل ڪاچريون به ڪمندائتيون کائي سگهجن ٿيون ۽ ڪنهن سڙيل ٽماٽي يا گٽر جي پاڻي ۽ هٿراڌو ڀاڻ تي ٿيندڙ ٻين ساين ڀاڄين کان سئو ڀيرا سُٺيون آهن. ڦوڳن جي ڦوڳيسي به رڌي کائڻ ۾ سوادي ٿئي ٿي . اها الڳ ڳالهه آهي ته ڦوڳ يا ته اُڌڙي ختم ٿي ويو آهي يا باقي ورلي ڪٿي ڪو وڃي بچيو آهي. ڪنهن وقت ته ٽوهن کي زمين ۾ ٻوري ڪريون مٺيون ڪري ان جي اٽي مان ماني پچائي ويندي هئي، جيڪا پنهنجو مٽ پاڻ هئي.

انهي ڏٿ سان گڏوگڏ ٿري ماڻهو ڪونڀٽن جو کونئر پڻ رڌي کائيندا هئا جنهن مان سندن جسم کي سگهه ملندي هئي ته جسم جي سورکان به اهي بچيل رهندا هئا.

ڏٿ ڏورڻ ڏکيو آهي پر هن دور ۾ جڏهن دنيا مارڪيٽ اڪانامي جي ڪاڪ محل ۾ ڦاسڻ کان پوءِ وري به فطرت ڏانهن مائل آهي ته هنن املهه وٿن يعني ڏٿن جي اهميت وڌي ٿي وڃي. دنيا ۾ ڀاڻ کانسواءِ اپايل ڀاڄيون مهانگي اگهه تي خريد ڪيون وڃن ٿيون ته پوءِ اسان کي هن قدرتي دولت کان ڪو سيڪو يا عار نه ڪرڻ گهرجي. هن وقت ٿر ۾ جيئن کاڌي جي کوٽ ۽ ٻارن جا موت موجوده صورتحال جا محرڪ ٿيا آهن ۽ ٿر جهڙي نڪور ڌرتيءَ تي جيڪا چرپر ٿي رهي آهي سا ان کي وڏي مارڪيٽ ۾ تبديل ڪرڻ ڏانهن وٺي پيئي وڃي. بازاري معيشت جي انهي دوزخ ۾ ٿرجي صورتحال هونئن ئي تبديل ٿيڻي آهي. ٿي سگهي ٿو ٿر ٻيهر اهڙو خوشحال ٿي پوي جهڙو اهو 2000 ورهيه اڳي هو ، جنهن ۾ پاري نگر کان وٺي راهو مڪي بازار تائين وسنڊڙ سامونڊي ڪنارو هو جنهن ۾ ڪجلاسر جهڙا ترڻ تلاءَ هوندا هئا جن ۾ بنا ڪنهن جهل پل جي هرڪو وهنجندو هو. ان وقت ۾ شايد يورپ ۾ به ايڏي چرپر نه هوندي هئي. ڏٿ جي تڏهن به اهميت هئي ته اڄ به ڏٿ وڏي وٿ آهي. اسان کي پنهنجي ڌرتي ۽ ان تي موجود قدرتي دولت جي مالڪي ڪرڻ جو سوچڻو آهي، ڀريءَ بازار ۾ ڏٿن ، ڏونرن کي استعمال ۾ آڻيندي نه رڳو انهن کي بچائڻو آهي پر پنهنجي ڏيا، ڏات ۽ ڪاريگري کي ڪم آڻيندي دنيا جي تيز هلندڙ چرخي سان قدم ۾ قدم ملائي هلڻو آهي. اهڙي اڙانگي سفر ۾ اسانکي لطيف سائين جو کاهوڙين جي صورت ۾ڏٿ لاءِ ڏوريل ڏاکڙو ياد رکڻو پوندو.

جيڪو ڏٿ ڪري، ته ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو،

ڇپرڪين ڏي، سوکڙيون سُتن کي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو