Home / اسپيشل افيئر / گم ٿيل کٿابي جهادي مائٽ رهو حلال ٻوٽيون حرام!
above article banner

گم ٿيل کٿابي جهادي مائٽ رهو حلال ٻوٽيون حرام!

Amir Bux Sharهاڻي ڀانيان ٿو ته انهيءَ ڳالهه کي پندرهن کن ورهيه ٿيندا جو اسان جي راڄ جو هڪڙو ڇوڪرو جنهن کي مائٽن قرآن پڙهڻ لاءِ ڪٿي ويهاريو هيو سو پڙهندي پڙهندي اتان وڃائجي ويو هيو، وڏي وٺ پڪڙ ۽ ڳول ڳولان هلي هئي، راڄن تي ووڙون رکيون ويون، پر همراھ ايئن گم ٿيو جيئن ڍڳيءَ جا مٿيان ڏند گم ٿيا. اصل ۾ ٿيو هينئن هيو جو هو ويچارو وڃاڻو ته ڪونه هيو، پر “نئين دور” جي ڪنهن مدرسي جي جهادي مولويءَ جي ورِ چڙهي ويو هيو، جنهن کيس ٻه ٽي سبق پڙهائي، ڪچڙي ذهن ۾ جهادي ڳالهيون وجهي، وڃي ڪنهن جهادي سکيا مرڪز ڀيڙو ڪيو، جتان ماڻهوءَ مار سِکيا حاصل ڪري ، انهن ئي ماسترن ڪجهه ڏوڪڙ ۽ هڪڙي بندوقڙي ڏئي کيس وڃي جواهر لال نهروءَ جي ڏاڏاڻي ڏيهه ڪشمير ۾ جهاد لاءِ پهچايو هيو.

گھڻن سالن تائين مڙس جو ڪو ڏس پَتو ڪونه پيو ته مِٽ مائٽ روئي پِٽي مُئو سهسائي ويهي رهيا. کوڙ ورهين بعد هڪڙي سياري جي ڏينهن هڪڙو همراه پٺاڻڪي صدري ، سينڊل، اڇي ٽوپيءَ ۽ گرم لوئيءَ سان اوچتو اچي وڃايل ڇوڪري جي وارثن وٽ وارد ٿيو، چئي آءُ ئي اوهان جو وڃايل پُٽ عيدن آهيان. حال گهڙيءَ ته ڪنهن کي به اعتبار ڪونه پئي آيو، ٻيو ته ٺهيو پر گهرن جون ننڍيون نيٽيون مايون منهن تي چُني ڏيو چپن ئي چپن ۾ چوڻ لڳيون “مئو لالو الائي ڪيئن گهرن ۾ هليو آيو آ”. هونئن ته نه پر هن جي عيدن هجڻ جي سڀني کي تڏهن پئي پڪ ٿي جڏهن ماءُ کان وٺي مامن توڙي ماسين کي سُڃاڻي نالا وٺي پئي هٿ ڏنا.

ڳوٺ جي ٻارن ۾ ٽاٻڙڪو پئجي ويو، عيدن آيو، عيدن آيو، جا هوڪرا پئجي ويا ته هر گهر مان جوان توڙي جهونڙا کنگهندا نڪتا ، ساڻس ٻکين پوندا ملندا ويا. خبرون چارون ٿيون وڏا احوال ڪيائين، پر گھڻو خوش انهيءَ ڳالهه تي هيو ته اڻ ڳڻيا ڪافر جهنم ڀيڙا ڪري وريو هيو. عيدن، عيدوءَ ۽ عيدل مان ڦري ابو ندال الائي ابو فدا ٿي موٽيو هيو. مڙس جڏهن ويو هيو ته مُڇن جي رِيھ هيس ۽ جڏهن واپس وريو ته مُٺ مُٺ ڏاڙهي ۽ ڀيڏيءَ تي سُٿڻ هجيس. هاٺيءَ ڪاٺيءَ ۾ به جانٺو جوان ٿي موٽيو هجي. حال گهڙيءَ ته مِٽن مائٽن وٽ دعوتن جا ڌوڙيا ٿي ويا. همراھ دعوتن ۾ايندن ويندن کي دين جي حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ هدايتون ڪندو وتي ، پر اهي هدايتون يا صلاحون به حڪم واري انداز ۾ هجن، ۽ چوي ته جيڪو ايئن نه ڪندو سو واجب القتل هوندو. مون سميت سموري خلق اچي پريشان ٿي ته همراھ ڪي کوڙ سارا خون ڪري وريو آهي، رت بگڙيل اٿس ، مورڳهين هڻي نه ڪنهن جي مُنڍي لاهي وجهي. مٿان وري ڏاڍي ذات، سو کانئس غريب ذاتيون ته هونئن ئي ڪئو ڪنديون هيون.

july-31-2014     43

سو هڪڙي ڀيري ڪٿان ڌڪ کائيندو مهمان ٿي اچي مون وٽ ڪڙڪيو، اوطاق تي چانهه آئي ته شرارت ڪندي مُڙس کي چيم يار مون تازي تازي بينڪ جي نوڪري ڇڏي آهي، انهيءَ مان جيڪي پئسا مليا اٿم سي وري ٻيءَ بينڪ ۾ رکيا اٿم، انهن تي ملندڙ“ مَٿڪيءَ” مان گھر جي کنڊ چانهه ٿي اچي، تون مومن ماڻهو آهين تنهنڪري توکي ايترو ٻڌائڻ منهنجو فرض هيو اڳتي تنهنجي مرضي چانهه پيئين يا نه پيئين. ۽ همراھ اُتي جو اُتي کڻي چانھ جي ڀريل ڪوپ مان ٻئي هٿ ڪڍيا هيا. چئي اها ته وياج جي ڪمائي ٿي ۽ پنهنجي دين ۾وياج حرام آهي تنهنڪري اها تو واري چانهه ڪونه پِيئبي.

هيترن سارن ورهين تائين وڃايل مڙس کي شينهن ٿي واپس اچڻ تي راڄ ۾ هيڏيون جو عزتون مليون، ته همراه ڏينهون ڏينهن ڦُنڊبو ويو، ايتريقدر جو پوءِ ته اوڙي پاڙي جي عام غريبن ۽ مسڪينن جي گهرن ۾ ڌُڪو کڻي ڪاهي پوندو هيو، چئي ٽي وي نه وڄايو، ٽيپ نه وڄايو، اها بدعت آهي. ڪٿي ته غريبن جا ٽي وي به سوٽا هڻي ڀڳائين. هڪڙي ڀيري گڏيو ته چيومانس ، ڀائو غريبن جي گهرن ۾ ايئن ڪاهي ٿو پئين، مون وٽ به ٽي وي پئي هلي سا نٿو بند ڪرائين. ته ڏند ٽيڙي چيائين نفعي نقصان مان اسين به سمجهون ٿا.!!. ٻئي هڪڙي ڀيري ڪار ۾ آيس پئي، تنهن ڏينهن گرمي بنهه گهڻي هئي. جان کڻي ڏسان ته اهو ساڳيو جهادي مائٽ روڊ سان پنڌ پيو وڃي. رحم کائي کڻي ڪار ۾ کنيومانس، گاڏيءَ ۾ ويهندي ئي وڄندڙ ٽيپ رڪارڊر جو آواز بند ڪيائين. مون ڀانيو ته همراھ جو هٿ لڳي ويو هوندو. سو آواز کوليم، همراه وري بند ڪيو،پڇيومانس ،هي ڇا پيو ڪرين؟ ته ٺهه پهه وراڻيائين اهو راڳ ٻڌڻ بدعت آهي. چيومانس گرميءَ کان بچڻو اٿئي ته اها بدعت ٻڌڻي پوندئي، نه ته ڀلي پنڌ اچ. همراھ کي گرميءَ اهڙو تپايو هيو جو راڳ ٻڌڻ قبوليائين، پر پنڌ ڪونه ڪيائين.

هڪڙي ڀيري گهڻو بيمار ٿي پيس، اصل اهڙو جو هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي وڃي مَنجو جهليم. مون وارو جهادي مائٽ به الائي ڪٿان رلندو ڦرندو، ڏينهن تتي جو اوطاق تي اچي وارد ٿيو، بک اهڙي لڳل هجيس جو دوڏا نڪري آيا هجنس، مون وارا ڇوڪرا تن ڏينهن ٽٻر ٽٻر هجن، تن کي ڪهڙي خبر ته هيءَ بلا ڪهڙي آهي . همراھ کي کنگهن ئي ئي نه پيا، نيٺ هن ڪنهن طريقي سان مون ڏي نياپو موڪليو، گهر سڏايو مانس ته ايندي ساڻ ئي بک جون دانهون ڪندو آيو، جيڪا رٻ ماني گهر ۾ هئي سا آڻي اڳيان رکيائونس، اڃان پهريون گرھ وات ۾ وجهي تنهن کان اڳ ئي جهيڻي آواز ۾ چيو مانس ڀائو اهو ته يادگيرو اٿئي نه ته هيءُ گهر بينڪ جي نوڪريءَ جي مليل پئسن مان ٿو هلي، جيڪي تنهنجي حساب سان حرام آهن. منهنجو ڪم آهي توکي يادگيرو ڏيارڻ جو متان پوءِ ميارون ڏئين. هاڻ تنهنجي دل ماني کائين يا نه کائين. مون ڏٺو همراھ کي بُک اهڙو ته ڇتو ڪيو هيو جو منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي ماني کائي ويو، هٿ ڌوئڻ مهل چوڻ لڳو ڀائو بک ۾ حرام کائڻ به جائز آهي.

جهاديءَ جو سڳو نانو گذاري ويو، اوڙي پاڙي کي ڄاڻ ٿو، سڀڪو ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ لاءِ رڙهي وڃي رَسيو. ناني جي جنازي نماز جهادي ڏوهٽي ئي پڙهائي، پاڻ واري پراڻي ريت کان هٽي هڪڙي طرف تي سلام واري دعا لاءِ ٻڪ ڪونه کنيائين. ۽ ڪانڌين کي جنازي کڻڻ جو حڪم ڏنائين، ڊوڙي وڃي پاسو ورتو مانس ڀائو ملان چون ٿا ته جنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن نماز پڙهندي نه ڏٺو هجي ته مُئي پُڄاڻان انهيءَ جي جنازي نماز نه پڙهائڻ گهرجي. تنهنجي ناني ته ڀُلجي ڪڏهن عيد جي نماز به ڪونه پڙهي هئي، پوءِ تو هن جي جنازي نماز ڪيئن پڙهائي. همراھ کي کوڙو لڳو ، جهٽ ۾ آسمان ڏي هٿ کڻي چوڻ لڳو توبهه منهنجا رب، مونکي معاف ڪجانءِ مون هڪڙي منڪر جي جنازي نماز پڙهائي ڇڏي. چيو مانس مجاهد مرڻ وارو تنهنجو سڳو نانو هيو ، آئون انهيءَ ڳالهه جي ساک پت تي گواهي ڏيندس ته مرهيات ، ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ته ڇا پر پکيءَ پکڻ يا جيت جڻي کي ڪونه ڪهڪايو هيو، تون مئي پڄاڻان مسڪين کي منڪر ته نه چئو، تنهن تي وراڻيائين جهڙو هوندو تهڙو ته سڏبو نه .

تنهن وچ ۾ هن جون ارڏايون بنهه گهڻيون وڌنديون ويون، نيٺ ماڻهن تنگ ٿي حد جي پوليس ڪمانيءَ کي دانهيو، تنهن آفيس ۾ گهرائي چڱيرڙو دٻڙاٽ پَٽرايس تڏهن وڃي همراھ ڪجهه ڍرو ٿيو. پوءِ ته الائي ڪٿان اچي رب راضي ٿيس عرب سڳورن جي ملڪن مان درهم ۽ ريال ڌڙاڌڙ ورڻ لڳس، ڪيڏي مهل ڏس ته هِت بيٺو مدرسو جوڙائي، ته ڪيڏيءَ مهل ڏس ته هُت بيٺو جامي جوڙائي. گڏوگڏ ٻنيون به پيو مقاطعا کڻي ته هِت هُت ڌنڌن ۾ پئسا به پيو سيڙائي.

چون ٿا ته هاڻي ڏينهون ڏينهن زماني جي هوا سان گڏ مڙس پاڻ به ڪڏهن بهه سئو روپيا مڻ خريدي ٻه سئو روپين ۾ وڪڻي، ڪڏهن موٽر سائيڪل پنجاھ هزار ۾ خريدي ستر هزار ۾ اوڌر تي وڪڻي ته ڪڏهن پئٽرول سئو اٺ روپيا لٽر خريدي سئو ويهه ۾ وڪڻي، معنيٰ ته مڙس مَٿڪيءَ تي گذارو ڪرڻ وارو ٿي پيو آهي،

انهيءَ کي هو ڪڏهن گهاٽيِءَ واڌِيءَ جي زمري ۾ ڪونه ٿو آڻي، ۽ هاڻ ته منهنجي گهر جي به ماني کايو وڃي، پر ماڻهن کي اڃا به چوندو آهي ته کيس منهنجي مسلمانيءَ ۽ ايمان ۾شڪ آهي، ڇو جو منهنجي گهر ۾ هُن جيڪي به ڪتابن جا ڪٻٽ ڏٺا آهن تن کي هو ڪافرن جا ڪتاب سمجهي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو