Home / اسپيشل افيئر / گهوٽڪي وارو ڪفيل ڀائي ڪٿي آهي؟
above article banner

گهوٽڪي وارو ڪفيل ڀائي ڪٿي آهي؟

Nadeem F parachaگهوٽڪي تعلقو سنڌ جي اترين ضلعن ۾ هڪ ننڍو ٽائون آهي. هتي آباد ماڻهن جي گهڻائي مقامي سنڌين جي آهي، ليڪن هن ٽائون ۾ مهاجر، بلوچ، پختون ۽ پنجابي به وڏي انگ ۾ رهن ٿا. سڄي ضلعي گهوٽڪي وانگر گهوٽڪي تعلقو به گهڻو تڻو انڊسٽريل ٽائون آهي جتي مينو فيڪچرنگ ۽ پراڊڪشن پلانٽس ۽ فيڪٽرين جو وڏو تعداد موجود آهي. ان هوندي به 1980ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۽ وچ ڌاري گهوٽڪي شهر ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري مشهور ٿيو جنهن جو فيڪٽرين سان اچي نه وڃي.

تمام گهڻن پاڪستانين رنگين پينٽنگس سان سينگاريل ٽرڪن ۽ لارين جي پويان لکيل ان تحرير تي غور ڪرڻ شروع ڪيو “ڪفيل ڀائي گهوٽڪي وارو… رائيٽ آرم ليف آرم اسپن بالر”. جڏهن پاڪستان جي روڊن تي وڏي تعداد ۾ انهن لفظن سان سينگاريل ٽرڪون ۽ لاريون نظر اچڻ لڳيون ته تجسس ورتل موٽرسٽ انهن ٽرڪ ڊرائيورن کي روڪي سوال ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا ته آخر اهو ڪفيل ڀائي آهي ڪير (۽ هي رائيٽ آرم ليفٽ آرم اسپن بالر آخر ڇا بلا آهي؟)

مزي جي ڳالهه اها آهي ته شروع ۾ گهڻا ڊرائيور ان ڳالهه کان لاعلم هئا ته سندن ٽرڪن جي پويان پينٽ ٿيل رنگ برنگي تصويرن هيٺان هي تحرير به موجود آهي. جڏهن ان عمل بابت هڪ علائقائي سنڌي اخبار تحقيق ڪئي ته کين معلوم ٿيو ته ڪفيل ڀائي گهوٽڪي جي ورڪنگ ڪلاس سان تعلق رکندڙ ڪرڪيٽ جو شوقين ۽ هڪ باصلاحيت پينٽر آهي.

july-15-2014    47

1970ع ۽ 1980ع جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري هو پاڻ کي کاٻي ۽ ساڄي ٻنهي هٿن سان تباهي مچائيندڙ آف اسپن بالنگ ڪرائيندڙ اڪيلو بالر سمجهندو هو، کيس گهوٽڪي جي ڪجهه ڪرڪيٽ ڪلبز ۾ ته جاءِ ملي وئي جتي هن ڪرڪيٽ جي گندن ميدانن ۾ پنهنجي منفرد صلاحيت ڏيکارڻ جي به ڪوشش ڪئي. هو ٻنهي هٿن سان بالنگ ته ڪري وٺندو هو پوءِ اها الڳ ڳالهه آهي ته بال مشڪل سان ئي ٽرن ٿيندو هو ۽ اڪثر ڪري ايئن ٿيندو هو ته بيٽس مين کيس ڪلينرز وٽ وٺي ويندا هئا.

نچڻ نه اچي، اڱڻ ٽيڙو جي مصداق ڪفيل ڀائي پنهنجي ناڪامي جو الزام گهوٽڪي جي بيڪار وڪيٽن کي قرار ڏيندي سنڌ جي چمڪندڙ شهر ۽ راڄڌاني ڪراچي جي ڪرڪيٽ ميدانن ۾ قسمت آزمائڻ جو فيصلو ڪيو.

ڪراچي ۾ به کيس ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، هو ڪنهن به ڪلب ۾ جڳهه نه ٺاهي سگهيو ان ڪري مايوس ٿي گهوٽڪي واپس موٽي آيو، هن پنهنجو پاڻ اهو باور ڪرائڻ شروع ڪيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سندس منفرد صلاحيتون سمجهڻ کان قاصر آهي. گهوٽڪي اچي ڪفيل ڀائي هاءِ وي تي موجود پيٽرول پمپس سان گڏوگڏ ٺهيل چانهه جي هوٽلن ۽ ڇاپڙا هوٽلن تي وقت گذارڻ شروع ڪيو.

july-15-2014    46

اهي چانهن جا هوٽل ۽ ڇاپڙا اهڙن ٽرڪ ڊرائيورن جو آماجگاهه هئا جيڪي ڪراچي (ڏکڻ ۾ ، کان پشاور اتر۾ ) تائين صنعتي سامان، ڪڻڪ ۽ ڪمند وغيره کڻي ايندا ويندا هئا، انهن مان اڪثر ٽرڪن تي نقشا نگار ٺهيل هوندا هئا. ڪفيل ڀائي انهن ٽرڪن کي ٽارگيٽ ڪيو جيڪي ساديون هيون ۽ جن کيس پينٽ ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي. هن فقط ٽرڪ ڊرائيورن کان رنگن ۽ برشن جا پئسا گهريا.

ٽرڪ ڊائيورن کي سندس ڪم ڏاڍو وڻيو، گهڻو تڻو اڏامندڙ بازن، گهوڙن، مشهور گلوڪاره ميڊم نور جهان ۽ ليڊي ڊائنا جي تصويرن تي سندس آرٽ مشتمل هوندو هو. ليڪن جيڪو راز مٿس به نه کلي سگهيو اهو هي هو ته ڪفيل ڀائي پنهنجي ڪم سان گڏ انهن ٽرڪن تي پنهنجي صحيح به ڪري ڇڏيندو هو. “ڪفيل ڀائي گهوٽڪي وارو… رائيٽ آرم، ليفٽ آرم اسپن بالر” .

جڏهن 1987ع ۾ ڪجهه مين اسٽريم اردو هفتيوار رسالن ۾ ڪفيل ڀائي تي هڪ ٻه فيچر شايع ٿيا، ٽرڪ ۽ وين ڊرائيور زور زبردستي ڪري پنهنجي گاڏين تي ڪفيل ڀائي کان دستخط ڪرائڻ لڳا ته تڏهن به هن پنهنجي ڪم جا پئسا وٺڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. اجرت ۾ هو رڳو ڪجهه رنگ ۽ برش، ڪڏهن ڪڏهن ڇاپڙا هوٽل تان چانهه جو هڪ ڪوپ پيارڻ جي فرمائش ڪندو هو. تيستائين ڪفيل ڀائي دستخط ۾ ڪافي تبديلي آڻي چڪو هو. هاڻي هو لکڻ لڳو؛ “مشهور زمانه اسپن بالر “ڪفيل ڀائي کي سلام”.

هاڻي سوال اهو آهي ته هو پنهنجي گذر سفر لاءِ آخر ڇا ڪندو هو؟ ڪجهه به نه، سندس کاڌ خوراڪ جو خرچ اهي ٽرڪ۽ لاري ڊرائيور ڀريندا هئا جن جون گاڏيون ڪفيل ڀائي پينٽ ڪندو هو.

1992ع ۾ ڪفيل ڀائي شهرت جي بلندين تي پهچي ويو جڏهن فرينچ آرٽ ميگزين سندس “ ٽرڪ آرٽ” جون ڪجهه تصويرون شايع ڪيون. فرينچ مردن ۽ عورتن جو هڪ گروپ ساڻس گهوٽڪي ملڻ به آيو، انهن ڪفيل ڀائي کي فرانس هلڻ جي آڇ ڪئي جتي هو پيرس جي ڪجهه پبلڪ بسن ۽ ٽرڪن تي پينٽنگ ڪرائڻ چاهين پيا.

ڪفيل ڀائي اها ڳالهه مڃي ته ورتي ليڪن هڪ شرط تي، آءُ اهو ڪم ان صورت ۾ ڪندس جڏهن مون کي فرانس جي سمورين ٽرڪن ۽ بسن تي دستخط ڪرڻ جي اجازت هجي. سندس فرينچ سرپرستن ان ڳالهه جي ضمانت ڏيڻ کان معذرت ڪئي باقي بهترين معاوضو ڏيڻ جو واعدو ضرور ڪيو. اهو ٻڌي ڪفيل ڀائي فرانس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو!

ڪفيل ڀائي هاڻي ٽيهن ورهين کان مٿي جو ٿي چڪو هو، هڪ ڏينهن هن پينٽنگ ڪرڻ بند ڪري ڇڏي. پنهنجي هڪ چاهيندڙ کان ڪجهه ڏوڪڙ اوڌارا وٺي هن فرنيچر جو دڪان کوليو. ڪاروبار هلي پوڻ کانپوءِ هن شادي جو ارادو ڪيو، پوءِ اوچتو 2000ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ هو سڀ ڪجهه کپائي گهر واري سان گڏ ڪراچي منتقل ٿي ويو.

هاڻي ڪنهن کي به خبر نه آهي ته ڪفيل ڀائي ڪراچي ۾ ڪٿي آهي ۽ ڇا ٿو ڪري. هن منظر عام تان غائب ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ گڏو گڏ هوريان هوريان ٽرڪن تي ٺهيل تصويرون ۽ دستخط به غائب ٿيندا ويا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو