Home / سياسي افيئر / … ۽ جڏھن لکين پنجابي پناھگير سنڌ موڪليا ويا
above article banner

… ۽ جڏھن لکين پنجابي پناھگير سنڌ موڪليا ويا

Naseer Ejazٽن ڏھاڪن کان به وڌيڪ وقت ٿي ويو آھي جڏھن مسعود کدرپوش ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ملڻ آيو ھو. ڪميونسٽ لڏي سان واڳيل صحافين کيس ڪلب اچڻ جي دعوت ڏني ھئي جو کدرپوش ڪميونسٽ اڳواڻ ھو ۽ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ھاري تحريڪون ھلائڻ لاءِ سرگرم گھٽ ۽ مشھور وڌيڪ ھوندو ھو. ھُو اصل پنجابي ھو ۽ 1947 ۾ نوابشاھه جو ڪليڪٽر ھوندو ھو. ڪامورڪي زندگيءَ مان ڪميونسٽ ۽ ھاري اڳواڻ وارو ويس ھن رٽائرمينٽ کانپوءِ مٽايو ھو پر ڪليڪٽر جي حيثيت ۾ مٿس لڳل داڳ ڪڏھن به ڌوپجي نه سگھيا جو سندس ھٿ نوابشاھه ۾ سنڌي سِکن ۽ ھندن جي رت ۾ رڱيل ھئا. کدرپوش اھو شخص ھو جنھن پنجابي پناھگيرن لاءِ سنڌ ۾ جاءِ پيدا ڪرڻ خاطر نوابشاھه ۾ سنڌي سِکن ۽ ھندن تي خوني حملا ڪرائي سندن ڪوس ڪرايو. حياتي بچائڻ لاءِ گھر گھاٽ ۽ الھه تلھه ڇڏي ٻارين ٻچي ٽرينن جي بوگين ۾ لڪڻ، اُتي به مٿن ڪاسائين واري ڪار ڪرڻ، ٻارن ۽ عورتن جون ڪيھون اڄ به ڪن انھن سنڌين کان نه وسريون ھونديون جيڪي ھندستان جي ڪنھن علائقي ۾ حيات ھوندا. معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جون ڪِيھون اڄ به سندن ڪنن ۾ گُونجنديون ھونديون. ستھٺ ورھيه اڳ جا ٽرينن وارا اھي گاڏا ته سلامت ڪونه ھوندا، پر جيڪڏھن زبون حالت ۾ اھي گاڏا ڪٿي پيل ھوندا ته انھن جي فرش ۽ ڀتين تي ھاريل سنڌين جي رت جا نشان اڃا به موجود ھوندا. مون سنڌين جي رت ۾ رڱيل کدرپوش جي ھٿ سان ھٿ ملائڻ پسند ڪونه ڪيو ھو. کدرپوش 1985 ۾ مري ويو پر تاريخ کيس سدائين سنڌين جي خونيءَ طور ملامت ڪندي رھندي. سنڌين جي ڪوس کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سيپٽمبر 1947 ۾ “سنڌ مينٽيننس آف پبلڪ سيفٽي آرڊيننس” لاڳو ڪرڻو پيو ۽ انتھائي قدم کڻندي نيٺ 4 سيپٽمبر 1947 تي نوابشاھه ۾ ڪرفيو ھڻڻو پيو ھو.

تاريخ جو ٿورڙو به جائزو وٺڻ سان اندازو ٿي ويندو ته سنڌ اندر رت جي انھيءَ راند ۾ کدرپوش اڪيلو ڪونه ھو. پنجاب جي سموري ڪاموراشاھي ۽ سياسي قيادت توڙي سندن ساٿاري اھي سياسي اڳواڻ ۽ ڪامورا به ان سازش ۾ شامل ھئا جيڪي يوپي، سي پي، دھلي ۽ بِھار وارن علائقن مان آيل ھئا. ملڪ جو پھريون وزيرِاعظم لياقت علي خان به اوڀر پنجاب جي علائقي ڪرنال جو ھو جيڪو ورھاڱي کانپوءِ اوڀر پنجاب ۾ نئين ٺاھيل صوبي ھريانه ۾ شامل ڪيو ويو. 1947 ۾ ورھاڱي جي نتيجي ۾ جيڪا لڏپلاڻ ٿي تنھن کي تاريخ جي سڀ کان وڏي لڏپلاڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. پر مخصوص مفادن تحت لڏپلاڻ جي تاريخ سان وڏي جُٺ ڪندي نه رُڳو سرڪاري طور سدائين غلط انگ اکر پيش ڪيا ويا پر آزاد محققن به ھوائي ڳالھيون ڪري وڌائي سڌائي انگ اکر ٻڌايا، بلڪل ايئن جيئن اڄڪلھه ڪراچيءَ جي آبادي وڌائي ٻه ڪروڙ يا اڍائي ڪروڙ ٻڌائي وڃي ٿي. 1959 ۾ اڳوڻي اولھه پاڪستان جي اطلاعات کاتي پاران ڇپرايل گزيٽيئر ۾ ھندستان مان پاڪستان ڏانھن لڏپلاڻ ڪندڙن جو انگ نوي لک لکيو ويو آھي. جڏھن ته ايوب خان واري حڪومت جي ئي خرچ تي انگريز آفيسر ايڇ ٽي سورلي جي تيار ڪيل گزيٽيئر (1968 ۾ ڇپيل) ۾ پناھگيرن جو تعداد سٺ لک لکيو ويو آھي. پر ڪي آزاد محقق ۽ تاريخ نويس پناھگيرن جو تعداد اڃا وڌيڪ ٻڌائن ٿا. ھڪ آمريڪي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ۽ محقق وزيره فضيلا يعقوب علي زميندار پنھنجي ڪتاب

july-31-2014     26

The Long Partition and Making of Modern South Asia: Refugees, Boundaries, Histories

۾ به پناھگيرن جو تعداد ٻه ڪروڙ ٻڌايو آھي جڏھن ته ٻين آزاد ذريعن جو چوڻ آھي ته ڪُل ھڪ ڪروڙ چاليھه لک ماڻھن لڏپلاڻ ڪئي جن مان ستر لک انڊيا مان پاڪستان لڏي آيا ته ستر لک ماڻھو پاڪستان مان انڊيا ڏانھن لڏي ويا. بھرحال ڪير به پناھگيرن جو حقيقي انگ طئه نه ڪري سگھيو آھي. اھو اندازو بھرحال ضرور ٿئي ٿو ته اھا انگ اکرن جي ھيرا ڦيري آھي جنھن جي پٺيان مخصوص مفاد سرگرم رھيا آھن. اھم ڳالھه ھيءَ آھي ته پاڪستان آيل سمورن پناھگيرن مان وڏو انگ پنجابي پناھگيرن جو ھو جيڪي اوڀر پنجاب (انڊيا) مان اولھه پنجاب (پاڪستان) لڏي آيا. سينئر صحافي بابر اياز ڪجھه ورھيه اڳ پناھگيرن بابت پنھنجي ھڪ مضمون ۾ لکيو ھو ته: ڪُل پناھگيرن مان ستر سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻھو انڊين پنجاب مان پاڪستاني پنجاب ڏانھن لڏي آيا ۽ اُتي آباد ٿي ويا جو سندن ٻولي ۽ ثقافت ۾ ڪوبه فرق ڪونه ھو. آمريڪي پروفيسر وزيره به پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿي ته لڏپلاڻ ڪندڙ ٻه ڪروڙ ماڻھن مان ھڪ ڪروڙ 20 لک ماڻھو پنجاب جا ھئا. ھوءَ لکي ٿي: “انڊيا ۽ پاڪستان اتفاق ڪيو ھو ته پنجاب جي ٻنھي حصن مان مذھبي بنياد تي مڪمل لڏپلاڻ ڪرائبي. باقي علائقن لاءِ ڪوبه ٺاھه نه ٿيو ھو.” وزيره پنھنجي تحقيق ۾ سرڪاري رڪارڊ به ڦلهوڙيا آھن جنھن سان پنجاب جي بيوروڪريسي ۽ سياستدانن جي رٿا بنديءَ جا اھي راز ظاھر ٿين ٿا جنھن تحت ھنن پنجابي پناھگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ جاءِ پيدا ڪري ورتي. وزيره موجب 1947 ۾ ملٽري اويڪيوئيشن آرگنائيزيشن ٺاھي وئي ھئي جنھن جي فراھم ڪيل انگن اکرن موجب پنجاب ۾ 12 لک وڌيڪ پناھگير آيا. انھن پناھگيرن کي ٻين صوبن ۾ ورھائڻ لاءِ 22 ۽ 23 نومبر 1947 تي لاھور ۾ سمورن ضلعي آفيسرن جي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنھن ۾ پنجابي ڪامورن پنج لک پنجابي پناھگيرن کي سنڌ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. ان ڪانفرنس لاءِ انگ اکر ۽ ٻيو مواد بورڊ آف اِڪنامڪ انڪوائري پنجاب جي پروفيسر ايم حسن تيار ڪيو ھو. سندس خيال ۾ ست لک اسي ھزار ھندو سنڌ ۾ آباد ھئا جن کي سنڌ ڇڏڻي ھئي ۽ سندن جاءِ تي پنجاب جي پناھگيرن کي آباد ڪرڻو ھو. “سنڌ جي سياسي قيادت پنج لک پناھگير وٺڻ کان انڪار ڪيو ھو. اھا وڌ ۾ وڌ لک ڏيڍ پناھگير وٺڻ تي راضي ھئي. ان وقت جي وڏي وزير محمد ايوب کھڙي جناح کي خط به لکيو ھو ته: سنڌ ۾ 14 لک ھندو رھن ٿا ۽ پروفيسر ايم حسن جا انگ اکر غلط آھن. سنڌي ھندن جي زمين تي وڌ ۾ وڌ پنجاھه ھزار پناھگير آباد ڪري سگھجن ٿا،” وزيره لکي ٿي. ان مھل تائين چار لک پناھگير بنا روڪ ٽوڪ سنڌ ۾ پھچي چڪا ھئا. شايد ھي اھو وقت ھو جڏھن ٽرينن ۾ سٿجي آيل پناھگيرن کي پنجاب ۾ چيو ويندو ھو ته “پاڪستان اڀي آگي ھي”. ايڇ ٽي سورلي به اولھه پاڪستان گزيٽيئر ۾ لکي ٿو ته 1948 ۾ مرڪزي حڪومت پنجاب جي ڪئمپن مان ٻه لک پناھگير ڪڍي سنڌ ڏانھن موڪليا جنھن سان سنڌ صوبي لاءِ مسئلو اڃا وڌي ويو. فيبروري 1948 ۾ سنڌ اسيمبليءَ مرڪز جي مداخلت خلاف ھڪ ٺھراءُ به بحال ڪيو ھو.

سرڪاري دستاويزن مان ملندڙ تاريخي ثابتيون ٻڌائين ٿيون ته ڪرنالي پنجابي وزيرِ اعظم لياقت علي خان سنڌ پاران پنجاب مان موڪلجندڙ پناھگيرن جي مخالفت سبب ايوب کھڙي تي ڪاوڙيل ھو. ھن جنوري 1948 ۾ ھڪ ڪابينا گڏجاڻيءَ دوران کھڙي کي چيو ھو: “ڪراچي خالي ڪري حيدرآباد يا ٻئي ڪنھن ھنڌ وڃي صوبائي گادي ٺاھيو.” گڏجاڻيءَ ۾ محمد علي جناح به ويٺو ھو پر ھو ماٺ رھيو. مرڪزي حڪومت ڪراچيءَ کي ڪنٽرول ۾ وٺي الاٽمينٽ شروع ڪري ڇڏي ۽ ايوب کھڙي کي حڪومت ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. اپريل 1948 ۾ ڪراچيءَ کي باقاعده مرڪز جي حوالي ڪيو ويو ھو.

ورھاڱي جي نتيجي ۾ فساد ۽ رتوڇاڻ پنجاب ۽ اپر انڊيا ۾ ٿي ھئي پر ھندستان جي ٻين علائقن مان به لڏپلاڻ ٿي ۽ اھي پناھگير کوکڙوپار ۽ ٻين رستن کان سڌو سنڌ ۾ گھڙي آيا.سنڌ حڪومت کي تڏھن انھن لوڌن کي روڪڻ لاءِ کوکڙوپار جوڌپور ريلوي سروس بند ڪرائڻي پئي ھئي. سنڌ ۾ رتوڇاڻ تڏھن شروع ٿي جڏھن پناھگير آيا ۽ ھنن سنڌي ھندن تي حملا ۽ سندن ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ نتيجي ۾ سنڌي ھندن ۽ سکن کي پنھنجي ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. “ڪراچي ھڪ وڏي پناھگير ڪئمپ ۾ بدلجي وئي ھئي ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پناھگيرن سنڌي ھندن کي گھرن مان تڙڻ شروع ڪري ڇڏيو ھو،” ڊاڪٽر حميده کھڙو پنھنجي ھڪ ڪتاب ۾ لکيو ھو.

پناھگيرن ڪراچيءَ جي تاريخ ۾ رت جي راند 6 جنوري 1948 تي ئي شروع ڪري ڇڏي ھئي جڏھن ھنن لٺين ۽ ڇُرين سان حملا ڪري گُرومندر جي علائقي ۾ سنڌي سِکن کي قتل ڪيو ھو. ايڇ ٽي سورلي واري گزيٽيئر ۾ ٻڌايو ويو آھي ته 1941 جي انگن اکرن موجب اڳوڻي خيرپور رياست ۾ 31 ھزار 11 سِک ۽ باقي سڄي سنڌ ۾ 6 ھزار 616 سِک آباد ھئا جيڪي ورھاڱي کانپوءِ انڊيا لڏي ويا.

لڏپلاڻ لڳاتارچار سال جاري رھي ھئي ۽ جڏھن ان ۾ ڪجھه جھڪائي ٿي ته انڊيا ۾ 1950 ۾ وري فساد ٿيا ۽ کوکڙوپار سرحد وٽان وري پناھگيرن جون لوڌون سنڌ ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون ھيون. انڊيا ۾ فساد ھڪڙن علائقن ۾ ٿيا ته لڏپلاڻ ٻين ھنڌن تان ٿي. صحافي بابر اياز ان صورتحال جو جائزو وٺندي لکي ٿو: “پناھگيرن جي سنڌ ڏانھن لڏپلاڻ جا ٽي ڪارڻ ھئا. ھڪ اقتصادي موقعا، ٻيو ذاتي تحفظ ۽ ٽيون اھا سوچ ته مسلمان ھڪ قوم آھن. پر انھن مان ڪوبه اھو مڃڻ لاءِ تيار ڪونه ھو ته اھي اقتصادي موقعن جي چڪر ۾ ھتي آيا. اھي مذھب جي نالي کي لڏپلاڻ جو ڪارڻ سڏڻ کي وڌيڪ مناسب سمجھڻ لڳا. ” سندس ان ڳالھه کي ھٿِي ايڇ ٽي سورلي جي گزيٽيئر مان به ملي ٿي جنھن ۾ ٻڌايو ويو آھي ته پاڪستان حڪومت ھندن جون ڇڏيل زرعي زمينون، رھائشي جايون، دُڪان، ڪاروبار، ٻيون عمارتون ۽ ڪارخانا پناھگيرن کي ڏيڻ شروع ڪيا. “کين اجازت ڏني وئي ته ھو ھندن جي ڇڏيل زمينن، ڪاروبار، گھرن، دُڪانن ۽ ڪاروبار تي قبضا ڪن،” سورلي لکي ٿو. 1951 جي آدمشماريءَ جو حوالو ڏيندي ھو ٻڌائي ٿو ته اڳوڻي خيرپور رياست ۾ ھڪ لک تيرھن پناھگير آباد ڪيا ويا جڏھن ته باقي 5 لک 40 ھزار 278 پناھگير سنڌ جي ٻين علائقن ۾ آباد ٿيا.

سواءِ درسي ڪتابن ۽ سياسي بيانن جي ٻيو ڪٿي به لکيل ڪونھي ته ھتي لڏي آيلن جو پاڪستان جي ھلچل سان ڪو واسطو ھو. آل انڊيا مسلم ليگ جي آفيس سيڪريٽري شمس الحسن جي پُٽ خالد شمس الحسن 1990 واري ڏھاڪي جي وچ ڌاري پنھنجي والد جي دستاويزن تي مشتمل ڪتاب ڇپرايو ھو، جنھن ۾ شمس الحسن جو چوڻ ھو ته 1947 ۾ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي جيڪا لڏپلاڻ ٿي، تنھن ۾ اھڙا ماڻھو پاڪستان لڏي آيا جن جو پاڪستان جي تحريڪ سان ڪو به واسطو ڪونه ھو. جن ماڻھن ان ھلچل ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو ھو، تن پنھنجو مال ملڪيت ڇڏي پاڪستان اچڻ پسند ڪونه ڪيو.

july-31-2014     27

حقيقت به اھا ئي ھئي جو مالِ غنيمت انھن ماڻھن کي سنڌ ڏانھن ڇڪي رھيو ھو. ان جو اندازو اولھه پاڪستان گزيٽيئر (1959 ) ۾ ڏنل انگ اکرن مان ٿئي ٿو. گزيٽيئر موجب 1948 ۾ متروڪ جائداد جو تعداد ڪل 341000 ھو پر 13 لک 86 ھزار ڪليم داخل ڪيا ويا. 1956 ۾ وري ٻيھر ڪليم گھرايا ويا ته 11 لک 956 درخواستون آيون. 1959 ۾ ٽيھر پناھگيرن کي ڪليم داخل ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته جيئن مروڪ ملڪيتن تي سندن قبضي کي پڪو ڪري سگھجي. ان مھل حڪومت وٽ 59000 رھائشي ۽ 3200 صنعتي متروڪ ملڪيتون موجود ھيون. مقامي ھارين جي ھارپي ھيٺ زمينون به پناھگيرن لاءِ کسيون ويو جڏھن ته مقامي ماڻھن کي ھندن جي ڇڏيل دُڪانن تي به حق نه ڏنو ويو. بيروزگار پناھگيرن کي ھر شعبي ۾ نوڪريون ۽ ھندستان مان نوڪريون ڇڏي آيلن کي سندن اُتان جي نوڪرين مطابق سينارٽي ڏني وئي.

ايئن منظم سازشن ھيٺ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪرائي سنڌ ۾ ھڪ پاسي دھلي، يو پي، سي پي ۽ بِھار ۽ ھندستان جي ڏاکڻن علائقن مان پناھگيرن جون لوڌون آنديون ويون ته ٻئي پاسي اوڀر پنجاب جا پنجابي پناھگير سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا. سنڌ مان لڏپلاڻ سان رُڳو ھتان سنڌي ھندو ڪونه ويا پر سنڌ جي معيشت به تباھه ٿي جو سنڌ جا مواصلاتي رابطا، مارڪيٽ، صنعتي ۽ تجارتي ادارا، انشورنس ڪمپنيون، بينڪون ۽ ٻيا ادارا به تباھه ٿي ويا ۽ واپارين، وڪيلن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن وغيره جي کوٽ پيدا ٿي وئي.

ھاڻي ھڪ ٻي راند شروع ٿي. اھي پناھگير پنجابي، اردو، ڪاٺياواڙي، گجراتي، ڪڇي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ ھئا پر کين “مھاجر” جو نالو ڏئي ھڪ نئين قوم ٺاھي سنڌ تي مڙھڻ ۽ سنڌين کي پوئتي ڌڪڻ جي نئين منصوبي تي عمل شروع ڪيو ويو. ھندستان ڇڏي سنڌ ۾ اچڻ کانپوءِ سندن سياسي ۽ ڪامورڪي قيادت مقامي ماڻھن سان کين گڏجي رھڻ ۽ ھتان جي ثقافت ۾ جذب ٿيڻ نه ڏنو. نتيجو مقامي ماڻھن ۽ پناھگيرن وچ ۾ ڦوٽ جي شڪل ۾ نڪتو. ايڇ ٽي سورلي ان صورتحال کي واضح ڪرڻ لاءِ محمد ايوب کھڙي (جيڪو ٻيھر وڏو وزير ٿيو ھو) جي 1954_ 1955 واري بجيٽ تقرير جو حوالو ڏنو آھي جنھن ۾ ھن چيو ھو: “منھنجي حڪومت نَوَن سنڌين جي بحالي ۽ آبادڪاريءَ کي اوليت ڏيندي. مسئلو وڏو ۽ مونجھارا گھڻا آھن. ڪن ڌرين مسئلي کي وڌيڪ منجھائي ڇڏيو آھي جو اھي پراڻن ۽ نَوَن سنڌين وچ ۾ ويڇا پيدا ڪري رھيون آھن. مسئلو سلجھائڻ سولو ٿي پوندو جيڪڏھن نوان آبادڪار پاڻ کي سنڌي سڏائن ۽ ڌار سڃاڻپ قائم رکڻ کان پاسو ڪن. نَوَن آبادڪارن جون ڌار فرقيوار، سماجي ۽ سياسي تنظيمون ٺاھڻ سان پراڻن سنڌين ۾ ناراضپو پيدا ٿي رھيو آھي.”

سنڌي مھاجر ڦوٽ کي ايوب خان جي زماني ۾ به استعمال ڪيو ويو. صحافي بابر اياز، جيڪو سنڌ ۾ ئي ڄائو نپنو ۽ پڙھيو، لکي ٿو ته ايوب خان جي حڪومت ۾ به منظم نموني “مھاجرن” جون تنظيمون ٺھرائي سنڌ جي آباديءَ ۾ ويڇا وڌا ويا. ان کي ھو ھن طرح بيان ڪري ٿو:

During Ayub Khan’s military dictatorship, we witnessed the civil administration dividing the people of Sindh by creating Muhajir students and political organisations to weaken the movement for the restoration of democracy. In Sukkur, our Students’ Action Committee against Ayub Khan was divided following the same policy by the Deputy Commissioner and in Hyderabad a Karachi-Hyderabad-Muhajir-Punjabi-Pakhtun Mahaz (Front) was established by the Commissioner through Information Department official Ishtiaq Azhar. Azhar latter joined the Muhajir Rabita Committee (Muhajir Coordination Committee) in the 1980s and supported the MQM.

اڄ سنڌ جنھن صورتحال جي شڪار آھي، تنھن کي ان پس منظر ۾ ڏسجي ته گھڻيون ڳالھيون سمجھه ۾ اچي وينديون. (ليکڪ جو نوٽ: ھيءُ موضوع ھڪ آرٽيڪل ۾ سمائجي نٿو سگھي تنھنڪري مختصر ڪري ڳالھه کي کُٽايو ويو آھي. ھن مضمون ۾ ليکڪ جي پنھنجي راءِ ۽ مختلف محققن، تاريخ نويسن ۽ ليکڪن جا حوالا مدد طور ڏنل آھن.)

(خاص ”افيئر“ ميگزين لاءِ لکيل)

nasiraijazpk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو