Home / ڪتاب / 100 هين جنم ڏهاڙي تي ڀيٽا ابراهيم جويو: هڪ صدي جي تاريخ!
above article banner

100 هين جنم ڏهاڙي تي ڀيٽا ابراهيم جويو: هڪ صدي جي تاريخ!

Hamsaffar Gadehi13 آگسٽ 2014ع تي سنڌ جو اهو جهونو جوڳي هڪ سئو  ورهين جي ڄمار جو ٿي ويندو، جنهن سنڌ، سنڌي سماج، ٻولي، ثقافت، ۽ تاريخ جا ڪيترائي اکين ڏٺا نه  رڳو مشاهدا ڪيا بلڪه عملي طور ڪيترين ئي مزاحمتي تحريڪن ۽ جدوجهد ۾ مک ڪردار پڻ رهيو. سنڌ جو اهو جهونو جوڳي ابراهيم جويو صاحب آهي، جيڪو جتي سنڌ ۽ هند جي ڪيترين ئي قد آور ۽ تاريخي شخصيتن جو گهاٽو سنگتي ۽ همعصر رهيو آهي، اتي سندس سائين جي ايم سيد سان ويجهڙائپ  ۽ ڪردار جي پختگي سندس اعزاز آهي.

جديد سنڌي ادب جو بنياد وجهندڙن جا جڏهن به نالا ڳڻائبا تڏهن ابراهيم جوئي صاحب کي نمايان جاءِ ڏيڻي پوندي ڇاڪاڻ جو هن سنڌي ادب کي جتي علمي لحاظ کان مالا مال ڪيو اتي روشن خيالي متعارف ڪرائڻ جو سهرو به سندس سر تي آهي. ڇو ته هو پنهنجي لکڻين توڙي ترجمن وسيلي سنڌ جي ماڻهن جي فڪري تربيت ڪندو رهيو آهي، سندس اهو قلمي پورهيو جيڪو هن جواني کان شروع ڪيو هو، اڃا به جيئن جو تيئن جاري آهي. هو هڪ صدي جي ڄمار ماڻڻ کانپوءِ به سنڌي ماڻهن جي شعوري ۽ فڪري سجاڳي بابت مسلسل لکندو رهي ٿو جيڪا هر ڪنهن جي ڀيڻي نه آهي.

ابراهيم جويو صاحب جي گهڻ رخي شخصيت بابت سال 2012ع ۾ اردو جي جهوني ليکڪ مظهر جميل هڪ تحقيقي ڪتاب ”محمد ابراهيم جويو: هڪ صدي جو آواز“ لکيو، جيڪو جوئي صاحب جي هڪ صديءَ تي مشتمل ڄمار ۾ ڪيل حاصلات، مزاحمتي تحريڪن ۾ ادا ڪيل ڪردار، علمي ادبي ڪم ۽ ساڃاهه جو مڪمل ريت احاطو ڪري ٿو. جوئي صاحب جي 100هين سالگرهه جي موقعي تي اهو ڪتاب سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ پڻ پڌرو ڪيو پيو وڃي جيڪو ساراهه لائق ڪم آهي.

july-31-2014     50

مظهر جميل جس لهڻي جنهن جوئي صاحب تي ايڏو تحقيقي ڪم ڪري، ڄڻ ته هڪ صدي جي تاريخ کي قلمبندڪري ڇڏيو آهي، جيڪو يقيني طور تي مستقبل جي تاريخ نويس لاءِ هڪ اهم ريفرنس بوڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.

ڪتاب ۾ جويو صاحب بابت مشهور تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي لکي ٿو ته: ”پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جو سماج ڪجهه استحصالي سرگرمين جي نتيجي ۾ بري طرح متاثر ٿيو، جنهن جي خلاف سنڌي عوام ۾ زبردست  مزاحمتي تحريڪ جنم ورتو، جنهن جي زندهه علامت ابراهيم جويو صاحب به آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جويو صاحب جديد فڪري روين، انسان دوست تصور، سائنسي ۽ عقلي نقطئه نظر، سيڪيولر ۽ روشن خيال سوچ تي ٻڌل ماحول پيدا ڪرڻ ۾ غير معمولي خدمتون سرانجام ڏنيون“.

ڪتاب ۾ سنڌي ٻولي جي ماهر ۽ ڪجهه سال اڳ اسان کان وڇڙي ويل سائين سراج ميمڻ جو مهاڳ دراصل هن ڪتاب جو ڳر يا مغز چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هو جويو صاحب کي خراج تحسين پيش ڪندي لکي ٿو ته: ”ابراهيم جويو صاحب منهنجو بزرگ، استاد ۽ اڳواڻ آهي. مون سنڌي ادب ۾ جيڪو به ڪم ڪيو، اهو سندس ڇانو هيٺ ۽ سندس مرهون منت آهي. هو منهنجو وڏو محسن آهي، مون کي سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمت ۾ وٺي آيو، اسان ٻنهي گڏجي سنڌي ادب، سنڌ جي تاريخ، سنڌي لغت، سنڌي لوڪ ادب ۽ ڪلاسڪ جي ترجمن جون اسڪيمون جوڙيون ۽ انهن جي ڇپائي جا عملي پروگرام ٺاهيا“.

انهي کان ڀلا هڪ صديءَ جي هن ماڻهو لاءِ ٻيو ڪهڙو خراج تحسين ٿي سگهي ٿو، اچو ته پڙهون: ” ترڪي جو دانشور ناظم حڪمت اهڙي ئي هڪ بزرگ لاءِ چوي ٿو ته: هو جڏهن جوان هو ته اشارن سان صحيح منزل ڏانهن رهنمائي ڪندو هو ۽ جڏهن پوڙهو ٿيو ته هٿ پڪڙي صحيح منزل تائين پهچائيندو هو. ناظم حڪمت جي اها ڳالهه ابراهيم جويو لاءِ ڄڻ چيل هجي، جڏهن هو جوان  هو ته لاتعداد اشارن سان سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي صحيح منزل جي نشاندهي ڪندو رهيو. هاڻي جڏهن پيرسني کي پهتو آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن کي منزل تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجو همسفر بڻائي ورتو آهي.“ سراج الحق ميمڻ لکي ٿو.

حقيقت ۾ ابراهيم جويو صاحب جو ڪتاب ”Save Sindh, Save Contenant  “ سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ اهم ۽ آدرشي ڪتاب هو. هن شاهه، سچل، سامي کي نئين سر متعارف ڪرائي، وطن جي حب  ۽ محبت کي لا زوال نموني پيش ڪيو. ڪتاب ۾ غلام علي الانا، مهتاب اڪبر راشدي، مسلم شميم، فهميده حسين، سليم ميمڻ، سيد جعفر احمد ۽ ٻين جا ابراهيم جويو صاحب ۽ ڪتاب بابت لکيل رايا به نهايت ڪارائتا آهن.

ڪتاب جي ليکڪ، هي ڪتاب لکڻ لاءِ نهايت جاکوڙ کان ڪم ورتو آهي. ڇو ته ٻئي ڪنهن جي زندگي بابت تحيقيقي ڪم ڪرڻ اڪ جي ماکي لاهڻ برابر ناهي. هن ان لاءِ  ڪيئي ڀيرا حيدرآباد جا پنڌ پڻ ڪيا  ۽ جويو صاحب سان ڊگهيون رهاڻيون پڻ ڪيون. ڪتاب ۾ ابراهيم جويو  جي ٻاروتڻ، سندس ڳوٺ ”آباد“ جون اڻ وسرندڙ آکاڻيون، تعليم جي حاصلات، عملي زندگي، سماجي ۽ سياسي منظر نامو، سنڌي ادب جي مزاحمتي تحريڪ، خانگي زندگي ۽ ٻيا اهم باب شامل ڪيا ويا آهن.

ڪتاب جي ليکڪ نهايت  ايمانداري سان حقيقتن کي پيش ڪيو آهي، جيئن هڪ هنڌ هو لکي ٿو ته: ”پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌي قومپرست هجڻ ڪري ابراهيم جويو کي دربدري جي سزا ڏني وئي، کيس سڀ کان پهرين پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور ۾ 1963ع تائين OSD طور حيدرآباد مان ٽرانسفر ڪيو ويو. 1967ع ۾ کيس وڌيڪ پريشان ڪرڻ لاءِ جيڪب آباد هاءِ اسڪول ٽرانسفر ڪيو ويو. مارچ 1968ع ۾ کيس گورنمينٽ ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج ڪوهاٽ بدلي ڪيو ويو، جتي هو 1971ع تائين رهيو“

اهو نه وسارڻ کپي ته ابراهيم جويو سنڌ، سنڌ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نه رڳو ڪاري پاڻي موڪليو ويو بلڪه پنهنجي ملازمت به وڃايائين. ون يونٽ واري دور ۾ به هو گهڻو تڻو عتاب هيٺ رهيو.

ابراهيم جويو پنهنجي ٻاروتڻ جون يادگيريون ٻڌائيندي چوي ٿو ته: ”اسان جي ڳوٺ ۾ هندن جا چار پنج گهر به هئا، جن ۾ ناني سُکي سان منهنجي ڏاڍي دوستي هئي. صبح ساجهر سندن گهر مان اشلوڪ پڙهڻ جا  پرڪشش ۽ مڌر آواز مونکي ڏاڍو وڻندا هئا. آءُ اڪثر سندس گهر ويندو هئس  ۽ هوءَ منهنجي تريءَ تي هميشه مٺو ۽ مزيدار پرساد رکي ڇڏيندي هئي“. اهي يادگيريون اهو ٿيون ظاهر ڪن ته جويو صاحب جي زندگي جي سيڪيولر ۽ روشن خيال هجڻ پٺيان ٻين سببن سان گڏ هڪ سبب اهو به آهي  ته هو ٻالڪپڻي ۾ پنهنجي پاڙيسري هندو ڪٽنب جي قرب ۽ ڇانو ۾ رهيو. ايئن هن مولوي جا درس به ورتا ته من کي مندر ڪرڻ جو راز به پروڙيو.

حقيقت ۾ مظهر جميل هن ڪتاب ۾ جتي ابراهيم جويو جي ڄمار جا پيرا کنيا آهن، اتي سندس مٿان ٿيل تنقيد کي به نظر انداز نه ڪيو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ”ڪجهه اعتراض“ جي عنوان سان ڏنل مضمون ۾ ابراهيم جويو، شيخ اياز ۽ ٻين ترقي پسند اديبن خلاف 1970ع جي ڏهاڪي ۾ رجعت پسند دانشورن طرفان ڪيل باهوڙ جو تفصيلي ذڪر ڏنل آهي.

جنهن ۾ خاص طور، رشيد احمد لاشاري جي ڪتاب ”ادب جي آڙ ۾” جو ڇيد  ڪيو ويو آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ رشيد لاشاري جو اهو تاريخي اهميت رکندڙ خط به ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ٻي باهوڙ سان گڏ ڪٿي رشيد لاشاري ايئن به لکيو آهي ته : ”منهنجو مقصد عزرائيل جهڙن دشمنن جويو ۽ راشدي جي مٽي پليد ڪرڻ آهي. مون کي شيخ اياز کان ڪا خاص شڪايت نه آهي“.

مطلب ته 755 صفحن تي ٻڌل ڪتاب هڪ تاريخي دستاويز آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ هر علمي، ادبي ۽ فڪري ماڻهو جي لائبريري جي سونهن ضرور هجڻ گهرجي. هن تحقيقي ڪتاب جي قيمت 750 روپيا رکي وئي آهي، جيڪا ڪتاب ۾ سهيڙيل مواد کي ڏسي بنهه معمولي ٿي لڳي، ڪتاب ان قميت کان گهڻو قيمتي ۽ اهم آهي. ان ڪري هڪ ڀيرو نه پر وري وري پڙهڻ گهرجي. هر ڀيري توهان تي نيون حقيقتون پڌريون ٿينديون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو