Home / ڪور افيئر / سياسي ٿيئٽر ۾ مدارين جو کيل!
above article banner

سياسي ٿيئٽر ۾ مدارين جو کيل!

Abbas Jalbaniسياست مفادن جي راند آهي. ان جا پنهنجا طور طريقا آهن، پنهنجي Dynamics آهي. وفاداري جو ته ان ۾ ڪو تصور ئي ڪونهي، شاطر راند يگرن لاءِ. جنهن جو جتي داءُ لڳي، هڻبو. موقعو ملڻ تي ان جا ترا ڪڍڻ ۾ به دير نه ڪبي، جنهن اوهان کي مٿي چڙهايو ، منظر عام تي آندو.

جوڻيجي، ضياءَ سان ڇا ڪيو؟ جنيوا ڪنوينشن تي صحيح ڪري سندس پر ڪٽي ڇڏيا ۽ سوويت يونين کي افغانستان مان باعزت واپسي جو رستو ٺاهي ڏنو نه ته اڄوڪن يارن وانگر تڏهوڪن پيارن جي به خواهش هئي ته سوويت ”رڇ“ افغانستان ۾ ئي رهي ته جيئن ”جهاد“ جو هٿ هلائڻ لاءِ کين ڊالر ۽ ريال ملندا رهن.

نواز شريف کي به سياست ۾ جنرل ضياءَ (معنيٰ فوج) ئي متعارف ڪرايو کيس پنجاب جو وڏو وزير ۽ پنهنجي مسلم ليگ جو ليڊر بڻايو، پر جنرل ضيا جي آمريڪا کي پيارو ٿي وڃڻ کانپوءِ سندس فوج سان ٽڪراءُ اڻٽر ٿي ويو.

ڇاڪاڻ ته هو پنجابي سرمائيدارن جي نمائندگي ڪري ٿو، جن جو مفاد هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ دشمني جو خاتمو ۽ دوستي جي شروعات سان آهي ته جيئن سندن واپار وڌي ۽ آنا ٻچا ڏي. ظاهر آهي ته اهو سڀ ڪجهه دفاعي اداري کي ڪيئن قبول ٿي سگهي ٿو. اهو ته هلي پيو هند تڪرار تي ٿيو.

اهو ئي ڪارڻ آهي ته جڏهن گذريل نواز سرڪار نيو دهلي سان لاڳاپن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي ته جنرل مشرف جا ڪمانڊوز ٽپو ڏئي وڃي ڪارگل جي چوٽي تي ويٺا ۽ کين اتان لهڻ لاءِ سولين سرڪار کي وڏا وس ڪرڻا پيا. هن واقعي نواز شريف ۽ جنرل مشرف کي هڪ ٻئي جو دشمن بڻائي ڇڏيو. نتيجي طور 2000ع جي بغاوت ٿي ۽ شريف خاندان جبري طور جلا وطن ڪيو ويو.

اهو ئي سور کڻي نواز شريف جڏهن ڏهاڪو کن سالن بعد ملڪ موٽيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي رت جي ريج سان ملڪ ۾ جمهوريت جو ٻوٽو وري اسريو . آصف علي زرداري تي لک نه ڪروڙ تنقيدون بڻجن ٿيون پر هن ٻه ڪم اهڙا ڪري ڏيکاريا جو واهه واهه. هڪ ته 18 هين آئيني ترميم ذريعي ڪنڪرنٽ لسٽ جو خاتمو آندو ۽ ٻيو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سندس صدارت ۾ هڪ چونڊيل حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو. گذريل چونڊ ڪرائي اقتدار ٻي چونڊيل حڪومت حوالي ڪيو.

اهي ڳالهيون ئي دفاعي اداري کي ٽانڊا ڏيڻ لاءِ ڪافي هيون جو نواز شريف اچي مشرف ۾ به هٿ وڌا. کيس ٻڌي وڃي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريائين پوءِ بلي بلي نه ٿي ته ڇا ٿئي؟ پنهنجي ڪمانڊر کي ”ڀڄڻ جو باعزت رستو“ ڏيارڻ لاءِ سويلين سرڪار کي پنهنجي ”حد“ اندر رکڻ لاءِ ڳجهين طاقتن پنهنجا مهرا ميدان ۾ آندا. اتي واپسي ٿئي ٿي علامه طاهر القادري ڪينيڊوي جي.

هاڻ وٺو هن ڳالهه کي نه ته پي ايم ايل اين، پيپلز پارٽي آهي جيڪا حالتن جي ڪڙاهه مان ڪيئي بار لنگهي آهي جنهن جي ڪري ان ۾ وڏي سهپ پيدا ٿي وئي هئي ۽ نه ئي نواز شريف آصف زرداري جهڙو سمجهدار سياستدان آهي. ڏٺو وڃي ته هن لاهوري بادشاهه جي مزاج ۾ آمريت شامل آهي جيڪا موقعو ملڻ سان وجهه وٺي ظاهر ٿي پئي ٿي.

ڪهڙي ضرورت هئي طاهر القادري جي ماڊل ٽائون(لاهور) واري رهائشگاهه ٻاهر سندن ڪارڪنن تي پوليس جي ڪڙڪڻ جي ۽ عورتن سميت ڪيترائي مرد ڪيرائڻ جي ۽ طاهر القادري جي جهاز کي زوري اسلام آباد کان لاهور نيڻ جي. انکان اڳ طاهر القادري وٽ ڪي سياسي Credentials ڪونه هئا. لاهوري لٺ کيس زيرو کان هيرو بڻائي ڇڏيو.

وري يڪ ته شد دو شد جي پٽاندڙ ڪپتان به ميدان ۾ لهي آيو. طاهر القادري جي عوامي تحريڪ جي شو جيان عمران خان جي تحريڪ انصاف جي 14 آگسٽ واري مارچ کي به حڪومت مِس هينڊل پئي ڪري، جنهن ڪري هن فلم ۾ ايڪشن جا ٺڪاءُ وڌي ويا آهن.

هي سٽون لکڻ تائين صورتحال اها آهي ته نواز شريjuly-31-2014     20ف هڪ پاسي ته پيپلز پارٽي کي پئي ليلائي ته ٻيلي عمران خان کي روڪيو ۽ ٻئي پاسي هن پلان بي جوڙي ورتو آهي جنهن تحت عمران خان جي مارچ ۽ متوقع ڌرڻي کي روڪڻ لاءِ طاقت جو هٿيار به استعمال ٿي سگهي ٿو. اهو ٽڪراءُ ڪهڙا رنگ ڏيکاريندو، اها ته 14 آگسٽ تي ئي خبر پوندي. جڏهن وڏي وقت کان پوءِ لاهور ملڪ جي سياسي ٿيئٽر جو اسٽيج بڻجندو.

اتي مون کي ياد پئي اچي 1988ع ۾ سندس پهرين جلا وطني کانپوءِ بينظير صاحبه جي واپسي، جڏهن لاهور ۾ جمهوريت جي جيالن جو سمنڊ بڻجي ڇلڪي پيو. هن تاريخي آجيان کي پنهنجي اکين سان ڏسندڙ شاهدن جو چوڻ آهي ته ان ڏينهن جيڪڏهن ڀٽي جي نياڻي انقلاب جو سڏ ڏئي ها ته سڄو نظام واري جي ڀت وانگر ڦهه ڪري اچي پٽ ٿي پئي ها.

مگر يه هونه سڪار اور اب يه عالم

ڪه تو نهين تيرا غم تيري جستجو ڀي نهين

مون کي ياد پئي اچي 1980ع جي ڏهاڪي جي هڪ 14 آگسٽ، جڏهن ايم آر ڊي لاهور ۾ جلسي جو اعلان ڪيو هو ۽ ان کي ناڪام بڻائڻ لاءِ نواز ليگ ساڳي ڏينهن ساڳي جاءِ تي جلسي جي ڌمڪي ڏني هئي ۽ سمجهداري جو مظاهرو ڪندي ايم آر ڊي پنهنجو جلسو لاهور کان ڪراچي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو پر جڏهن اها خبر پئي ته جلسي گاهه لاءِ ڪڪري گرائونڊ جي چونڊ ڪئي وئي آهي ته اسان لياري جي ڪارڪنن چيو ته هن ميدان ۾ جلسو ڪرڻ ڏيندا ئي ڪو نه، ٿيو به ائين. ڪڪري گرائونڊ جي گيٽن تي هڪ رات اڳ فوج وڏا زنجير توڙي تالا هڻي ڇڏيا ۽ ميدان ۾ پاڻي جو وسڪارو ڪري ملڪ ملير ڪري ڇڏيو هو.

اسان اڌ ڪلاڪ ۾ چاڪيواڙا چوڪ تي اسٽيج تياري ڪري ورتو جتي مير غوث بخش بزنجو ۽ معراج محمد خان ۽ ٻين اڳواڻن جو قافلو سندس رهائشگاهه 70 ڪلفٽن تان نڪتو ته هر چوڪ تي پوليس ۽ فوج بيٺي هئي، ڳوڙها گيس اڇلايائون قافلو رستا مٽائيندو، ور وڪڙ روڊ تان ٿيندو جڏهن چاڪي واڙا چوڪ تي پهتو ته اهڙي شيلنگ ٿي جو اک نه پڇي گوڏي کي. اسان 83 جي تحريڪ جي مجاهدن به ڪڏهن ايڏي ڇتي شيلنگ نه ڏٺي هئي. نوان نوان شيل ها، نيلا پيلا دونهان، تکا وات اکيون ڪڙا ڪري ڇڏيندڙ.

اسان اهي مزا جام ڪيا آهن، اوهان به ڪيو لاهوري سڄڻوَ! اسان تماشو ڏسنداسين، آهي به تماشو ڀولڙي جو. ڪڏهن رٺل زال کي پرچائڻ لاءِ ساهرين ٿو وڃي. ڪڏهن وردي پائي سپاهي بڻجي بندوق ٿو کڻي. ڊگ ڊگ، ڊگ ڊگ ڊگ – ٺڪ ٺڪ ٺڪ، ٺڪ ٺڪ…..

ليکڪ سينيئر صحافي ۽ انگريزي اخبار ”ڊان“ سان لاڳاپيل آهي. هي ليک خصوصي طور تي ”افيئر“ لاءِ لکيائين

abbasjalbani@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو