Home / پروفائيل / ارشاد مستوئي: صحافت جو شهيد!
above article banner

ارشاد مستوئي: صحافت جو شهيد!

Yaseenپهاڙن جي پاڙ ۾ وسندڙ ڪوئيٽا، مقامي ماڻهن لاءِ محبوبا جي وڏين اکين جهڙو جادو ڪندڙ شهر آهي. سرد شامن ۾ قهوا چانهن جي سِپ ڀري جناح روڊ تي پسار ڪرڻ جي اڄاتي احساس کي، اسمگل ٿي ايندڙ ڪمبل ۽ ڪمپيوٽر خريدڻ لاءِ ايندڙ اجنبي به پُرفريب محسوس ڪندا آهن. شهرن جي انفراديت کي سمجهي سگهندڙن لاءِ هي شهر اڃا به هڪ پرولي آهي، ان پِروليءَ جي معنيٰ بلوچ سردارن جي هر مهيني تبديل ٿيندڙ دشمنين ۽ دوستين جي ڪري به، ڪڏهن ساڳي نه رهي آهي. بلوچ سردار، چاهي شهيد هجن يا غازي ڪڏهن به عام فهم ناهن رهيا. دانشوراڻو بحث وڃي ان نڪتي تي ڇيهه ڪندو ته، تعليم جي گهٽتائيءَ سبب سردارن جي ڳالهه جيئن جو تيئن مڃڻ عام ماڻهن لاءِ مقدس فرض جي ادائيگيءَ جيان آهي، ذميواري شعور جي کوٽ تي وجهجي يا قبائلي رواجن جي لڙيءَ ۾ پوئجي حيات گذارڻ تي، ان کان وڌيڪ مشڪل ڳالهه اها نظر آئي آهي ته هزارين ماڻهن جي ڪلهن ۾ هٿيار لڙڪائي سردار پهاڙن تي چڙهن ٿا يا جلاوطنيءَ جي درد ۾ دُکن ٿا. بغاوتن جي بهتان هيٺ اچي ذاتي ۽ اجتماعي تڪليفون سهڻ تي ساڻن مڪالمو ڪبو ته جواب ساڳيو 40 سال پراڻو ملندو ته “بلوچن جي اجتماعي حق حاڪميت ۽ ڌرتيءَ جي وسيلن جي مالڪيءَ لاءِ ڪشالا ڪڍڻا پون ٿا”. بغاوتن جا فصل پوکيندڙ سردارن جي ان جواب ۾ ڪوئي الميو لڪل ناهي، الميو اهو آهي ته بلوچن جي حاڪميت ۽ سرزمين تي حق واري جدوجهد قبيلن جي تفرقي جي وَرِ چڙهي سدائين بي فيض رهي آهي. الميو اهو به آهي ته حقن جي حاصلات لاءِ هٿياربندن جا جٿا گڏ ڪندڙ سردارن، منزلن ڏانهن پنڌ جون وکون ڀرڻ کانپوءِ انهن جون “ميزبانيون” به ڪيون آهن جن کي پڙهيو لکيو بلوچ نوجوان سدا “غاصب” سڏڻ پنهنجو قومي فرض سمجهندو ٿو رهي. سردار هٿ يارن جي سهاري کيڏجندڙ پهاڙي راند ڪندي ڪندي وڃي اقتدار جي رنگين راتين جا راهي ٿيندا آهن يا يورپ جي حسين شهرن ۾ وائين پي ايراني بلوچ فنڪارائن پاران ڳايل آزاديءَ جا خوابناڪ گيت ٻڌندا آهن، پر وڏي گهير وارين شلوارن ۽ سوڙهين قميضن پائڻ جو جديد ۽ قديم فيشن گڏ گڏ کڻي هلندڙ بلوچ نوجوان ساڳيا جو ساڳيا باغي رهجي ويندا آهن. فرق ايترو رهجي ويندو آهي ته سردارن جي خاموشي، جلاوطني يا بي وفائي کين انقلابي ڇورو ڇِنو ڪري ڇڏيندي آهي.

August 31, 2014   4

28 آگسٽ 2014 جي شام، ڪوئيٽا جي جناح روڊ جي ڪُنڊ تي واقع ڪبير بلڊنگ ۾ جنهن ارشاد مستوئيءَ کي سندس ٻن ساٿين سميت قتل ڪيو ويو، پيشي جي اعتبار کان صحافي هجڻ باوجود اهو ارشاد مستوئي، پنهنجي پوري پُني وجود ۾ بلوچ قومي حقن جو دليل ڏئي پرچار ڪندڙ هڪ صوفي شخص هيو. شايد اهڙن ئي عام بلوچ نوجوانن جهڙو، جيڪي ڪنهن انقلابي يا “پابندي پيل” تنظيم جا ڪارڪن ته ناهن، نه ئي هٿيار کڻي پهاڙ تي چڙهندا رهيا آهن پر سندن ذهنن ۾ بلوچ قوم جي حق گهرڻ وارن ارادن جا چيچڪا ڇٽيل ملي سگهن ٿا. سندن ڳالهين ۽ دليلن جي منزل ڀلي ته “آزاد بلوچستان” تي نه ئي کٽندي هجي پر هٿيار کڻندڙن لاءِ سندن دل ۾ همدردي ۽ بلوچن سان ٿيندڙ ڏاڍاين تي سندن اکين جون مُشڪون ضرور تاڻجن ٿيون. اهڙا ڪيترائي ٻيا ارشاد، ڪوئيٽا ۾ اڃا به صحافت ڪن ٿا يا راهن ۾ بيڪار رلندا رهن ٿا جن جو بلوچستان جي خوشحاليءَ وارو خواب، اڃا ڪچي ننڊ جهڙي سياسي ماحول سبب اڌ ۾ رُلي ويو آهي. براهمدغ بگٽيءَ ۽ حيربيار مريءَ پاران “فراري” ڪيمپن کي آباد ڪرڻ کانپوءِ بلوچستان ۾ جنهن خوني لهر جي شروعات ٿي، ان جي ڪيترن ئي ٻين رنگن ۾ ڪيترن ئي صحافين جي خون جو به رنگ شامل آهي. گمنام گولين جو شڪار ٿيندڙ صحافين ۾ بلوچ صحافي به هئا ته سيٽلر پنجابي به. فراري ڪيمپن جي قيام بعد ڪوئيٽا، خضدار، قلات، مستونگ، پجگور، تربت ۽ ٻين شهرن جا صحافي چڪيءَ جي ٻنهي پاٽن ۾ ايئن به پِسيا آهن ته سندن خبرن ۾ هنن جو جهُڪاءُ اگر رياست کي للڪاريندڙن ڏاهن ثابت ٿيو ته رياست جا “نظر نه ايندڙ” ادارا سندن وجود جو خاتمو ڪندا رهيا. ساڳيءَ ريت ڪنهن صحافيءَ جي تجزئي مان اگر نتيجو اهو ڪڍيو ويو ته هو رياست جي حمايت ڪري چڪو آهي ته “هٿياربند تنظيمن” پاران کيس گولين جي بک بڻائڻ وارو ڪم قومي فرض طور پورو ڪيو ويو. چڪيءَ جي ٻنهي پاٽن ۾ پسجڻ جي نتيجو اهو آهي ته بلوچستان ۾ صحافت گوشه نشين ٿي وئي آهي. ان گوشه نشينيءَ ۾ ارشاد به ڪيترو ئي وقت گذاريو. پاڪستان سرڪار پاران سال جي بنياد تي ملندڙ مالي مدد وٺڻ واري خابرو ايجنسيءَ ۾ نوڪري، شايد ارشاد جو سهانو سپنو نه هيو. هن کي اها نوڪري پنهنجي خاندان جي پيٽ گذر لاءِ ئي ڪرڻي پئي هوندي. ان نيوز ايجنسيءَ جي مالڪ جي قوميت جي ڪري بلوچستان جا “ويڙهاڪ” ٻين ڪيترن خابرو ادارن جيان ان اداري کي به رياست جي ويجهو سمجهندارهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ارشاد مستوئي ۽ سندس ساٿين کي “آزادي پسندن” آڏو وضاحتون به ڏيڻيون پيون هونديون. پر پنهنجي ذاتي موقف آڌار ارشاد مستوئيءَ جيڪي ڪالم اخبارن يا ميگزينن ۾ لکيا انهن ۾ عام بلوچن جي اهنجن ۽ تڪليفن جو ذڪر ڀرپور انداز سان ڪيو. “افيئر” ۾ شايع ٿيل سندس لکڻيون ان جون شاهد آهن. شايد سندس لکڻين جي تيز ڌار سبب ئي “نظر نه ايندڙ” ادارا به مٿس نامهربان ٿيڻ جو فيصلو ڪري ويٺا هوندا ۽ قاتلن جي ٻن پاٽن واري چڪيءَ ۾ پسجڻ جي ڏاڍي ڏکي راند ۾ ارشاد به سهمجي ويو، گهڻي حد تائين گوشه نشين ٿي ويو. پر هن جي وجود ۾ موجود ارڏائيءَ شايد کيس اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ همٿائيندي هئي. بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جو جنرل سيڪريٽري ٿيڻ به ته ارڏائي هئي. هڪ اهڙي صوبي جي صحافين جي يونين جو عهديدار ٿيڻ جتي صحافي پلصراط جهڙي نازڪ هلڻي هلڻ تي مجبور ڪيا ويا آهن اتي عهديدار اگر صحافين جي قتل تي ئي اگر سچ ڳالهائيندا ته قاتلن سان ازخود دشمنيءَ جو رشتو پختو ٿيندو ويندو. شهيد ارشاد مستوئيءَ جي قاتلن اهڙي ڪا به ثابتي واضح طور ناهي ڇڏي جنهن مان اهو پروڙي سگهجي ته هن کي ڪهڙي ڏوهه هيٺ قتل ڪيو ويو، ڇا ان ڪري ته هو بلوچ هيو ۽ بلوچن جي حقن جو پرچارڪ هيو؟ يا صحافيءَ جي حيثيت ۾ شجِر ممنوع جهڙن موضوعن تي قلم کڻندو رهيو؟ افسوس ته قاتل ايماندار نه نڪتا ۽ بي نشان روايتن کي جاري رکيائون.

ارشاد مستوئيءَ جي شهادت مونکي ويچارگيءَ جي احساس ڏانهن ان ڪري به ڌِڪي ٿي، جو ارشاد منهنجي لاءِ صرف هم پيشه صحافي نه هيو، ارشاد منهنجو دوست به هيو. هن جي شهادت جي خبر مونکي ويچارگي ته ضرور ڏئي وئي ساڻ اهي ڏينهن به ياد ڪرائي وئي جن ڏينهن ۾ اڃا “فراري ڪيمپون” نه لڳيون هيون ۽ اسان بلوچستان يونيورسٽيءَ جي ڇانوَ وارن رستن تي بلوچستان جي پرولي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين. سال 2000 ۾ “ڪاوش” لاءِ خبرون ڳولهڻ جي ذميواري کڻي مان جڏهن هڪ سرد شام جو ڪوئيٽا جي پٿريلي سرزمين تي جسم ۾ ڪنبڻي کڻي لٿو هيس ته ذهن ۾ اها لرزش به هئي ته هن اجنبي ۽ اُجاڙ پهاڙن واري شهر ۾ منهنجو ڪو به ساٿي ۽ دوست نه آهي، منهنجو سونهون ڪير ٿيندو ۽ مان ان کي ڪيئن ڳولهي لهندس!. اجنبيت ۽ “پرديس” ۾ هجڻ واري روايتي سنڌي سوچ ۾ لِڪيو مان “ڪيفي بلديا” جي لان ۾ ويٺو هئس ته ان جهُڙالي منجهند جو ارشاد مونکي اچي ڳولهي لڌو. ڏس پڇائيندي ڳولهي لهڻ جو جواز هن اهو پيش ڪيو ته کيس ڪوئيٽا ۾ هڪ سنڌي صحافيءَ جي آمد جو ٻڌي خوشي ٿي آهي. جيڪب آباد ۾ خاندان جي رهائش واري تعلق سبب ارشاد ۽ سندس ڀائرن جو سنڌ جي سياست ۽ مسئلن سان به ايئن ئي تعلق نظر آيو جهڙو سندس بلوچستان جي معاملن سان هيو. اهو ارشاد ئي هيو جيڪو اجنبي شهر ۾ منهنجو سونهون ٿيو. ڪوئيٽا ۾ وسندڙ سنڌين جا ڏس هن وٽان مليا، بلوچستان جي سياست ڪيئن جاڳندي ۽ ڪيئن بيهوش ٿيندي آهي، اهي بنيادي ڏس پتا به ارشاد ڏنا. تن ڏينهن ۾ هو بلوچستان يونيورسٽيءَ جو شاعر شاگرد هيو. نصابي ڪمن کان وڌيڪ سندس رجحان شاعريءَ، ڪهاڻين ۽ چلوِلن دوستن ڏانهن هيو. تِن ڏينهن ۾ ارشاد ڪڏهن به اهڙو ارادو ظاهر نه ڪيو ته هُو صحافت کي پيشي طور اختيار ڪري وٺندو. لکڻ جو ڏانءُ شايد کيسِ ڏس ڏيندو رهيو ته صحافت ئي هن لاءِ معقول ذريعو آهي ۽ هو ان معقول ذريعه معاش جي مجبورين کي ٻوجهه جيان کڻي به پرجوش رهيو. اڳوڻي وزيراعظم ظفرالله جماليءَ جي دور ۾ وزيراعظم جي دوري وقت ساڻس گوادر ۾ پيش آيل هڪ حادثي سبب هڪ ٻانهن کان محروم ٿيڻ باوجود ارشاد معذوريءَ ۽ مجبوريءَ جو پلي ڪارڊ کڻي ڪا امداد نه ورتي پر ساڳي ئي جرئت سان زندگيءَ جا فرض ادا ڪندو رهيو.

مون کيس جوڀن جي انهن ڏينهن ۾ انتهائي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو جڏهن بلوچ ۽ سنڌي نوجوان خاص ڪري شاگرد سياست ۾ سڌي يا اڻ سڌيءَ ريت ملوث ٿي ويندا آهن.پر ارشاد، بلوچ شاگرد تنظيمن کان به پري ئي نظر ايندو هيو پر ارشاد تنظيمي طور غير سياسي هجڻ باوجود بلوچ عوام جي حقن جو نفيس پرچارڪ هيو. مان اهو اندازو لڳائڻ تي مجبور آهيان ته کيس قتل شايد ان ڏوهه جي پاداش ۾ ئي ڪيو ويو آهي ته بطور صحافي هن بلوچ سياسي ڪارڪنن جا انساني حق لتاڙجڻ تي پنهنجي جذبن جو کُليو اظهار ڪرڻ جي جرئت ڇو ڪئي. ارشاد جي قاتلن جو وائکو ٿيڻ هڪ اڻ ٿيڻي آهي. پاڪستان ۾ اڄ تائين ڪنهن هڪ صحافيءَ جا قاتل قانون جي گرفت ۾ اچي ناهن سگهيا. اختيار ڌڻي شايد صحافين جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ئي نه چاهيندا آهن. ان ڪري ارشاد جو قتل رائيگان ئي ويندو. مان اهي روايتي لفظ چوڻ کي به عيب سمجهان ٿو ته “ارشاد پاران بطور صحافي لکيل ڪالم عوام جي رهنمائي ڪندا رهندا”. وقت گذرڻ سان ماڻهوءَ، هن پاران ادا ڪيل ڪردار ۽ سندس ڪم تي وقت جي دز جي وَرِ چڙهي ويندو آهي. سِڌي ۽ سچي ڳالهه آهي ته منهنجو دوست صحافي ارشاد مستوئي شهيد ٿي چڪو آهي، صحافي تنظيمون ڪجهه ڏينهن سندس قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ بي اثر احتجاج ڪنديون ۽ پوءِ جتي جتي به جڏهن صحافين جو ڪو ڪنوينشن ٿيندو يا اظهار جي آزاديءَ جي ڪا ڪانفرنس، ته ان موقعي تي بس ارشاد جي تصوير به ٻين شهيد صحافين جي تصويرن ۾ شامل نظر ايندي ۽ تصويرن واري ان پينا فليڪس تي لکيل هوندو “شهداءِ صحافت”…

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو