Home / ڪور افيئر / امپائر جي فيصلي جو انتظار!
above article banner

امپائر جي فيصلي جو انتظار!

Fayaz Naichهي سٽون لکڻ تائين پاڪستان جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ آزادي مارچ ۽ انقلاب مارچ وارن جا ڌرڻا جاري آهن. ساڳي وقت قومي اسمبلي جو اجلاس به جاري آهي جنهن ۾ وزير اعظم ميان نوازشريف ٻه ڏينهن مسلسل شرڪت ڪئي ان اجلاس ۾ محمود خان اچڪزئي پاران پيش ڪيل قرارداد متفقه طور تي پاس ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو هيو ته وزيراعظم کان استعفيٰ جو مطالبو غير آئيني آهي. ان قرارداد جي حمايت ڪندڙ ميمبرن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ، جي يو آءِ، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم سميت سموريون پارٽيون شامل آهن. آمريڪا، برطانيه ۽ يورپي يونين پاڪستان ۾ جمهوري عمل جي حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو ڪنهن به غير آئيني قدم جي حمايت نه ڪندا.حڪومت ۽ پي ٽي آءِ توڙي پي اي ٽي وچ ۾ ڳالهيون به هليون پر انهن جو ڪو نتيجو هيل تائين سامهون نه اچي سگھيو آهي.ڌرڻو هڻندڙ ٻنهي ڌرين جي مطالبن ۾ بلڪل هڪجهڙائي آهي ٻئي ڌريون وزيراعظم جي استعيفا جو مطالبو ڪري رهيون آهن ۽ ان سان گڏوگڏ اليڪشني سڌارن کانپوءِ نئين سر چونڊن جو مطالبو پڻ سندن چارٽر جو حصو آهي.

ان حوالي سان سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ملڪ اندر چونڊن کي رڳو هڪ سال ٿيو آهي ۽ ان هڪ سال جي اندر حڪومت جي ڪارڪردگي ڀلي مثالي نه به هجي تنهن هوندي به اهڙو ڪو وڏو سانحو بهرحال ڪون ٿيو آهي جو حڪومت جي استعيفا جا مطالبا ڪيا وڃن ته پوءِ آخر انهن ٻنهي پارٽين جي قيادت اهڙا مطالبا کڻي اها تحريڪ ڇو شروع ڪئي آهي؟ اها سندن پنهنجي ايجنڊا آهي يا ان جي پٺيان ڪي ٻيون ڌريون آهن؟ان ڳالهه جو جائزو ٻن ٽن پاسن کان وٺي سگھجي ٿو. هڪ ته “انقلاب” ۽ “آزادي” ڌرڻن جي اسٽيج تي اسان کي جڏهن شيخ رشيد ۽ چوڌري ڀائر نظر اچن ٿا ته ان وقت ئي انقلاب ۽ آزادي جهڙن خوبصورت ۽ دل کي وڻندڙ ڳالهه جو مزو ٿورو ڦڪو ٿي ٿو وڃي . ڇاڪاڻ ته اهي قوتون ته هر دور ۾ پنڊي واري سرڪار سان واڳيل رهيون آهن تنهنڪري اهي جنهن انقلاب يا آزادي جي اسٽيج تي هونديون ان کي اتان جي آشيرواد ضرور حاصل هوندي.

August 15, 2014   18

هونئن به ان سڄي ڊرامي کان اڳ اهي خبرون ته باربار آيون پئي ته چونڊيل حڪومت ۽ فوجي قيادت وچ ۾ ڪيترن ئي معاملن تي اختلاف هئا جن ۾ چونڊيل حڪومت پاران پرويز مشرف تي ڪيس هلائڻ، ويڙهاڪن سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ هندستان سان لاڳاپيل دوستاڻا بنائڻ ۾ تيزي ڏيکارڻ توڙي جيو ٽي وي پاران حامد مير تي ٿيل حملي کانپوءِ ڊي جي آءِ ايس آءِ تي سڌن الزامن بابت حڪومتي پاليسي تي دفاعي قيادت ناراض هئي. ان کان سواءِ به هڪ ڳالهه اهم آهي ته ايوب خان جي مارشلا کان وٺي هيل تائين پاڪستان جي فوج سڌي يا اڻ سڌي طرح ملڪ جا معاملا پاڻ هلايا آهن.سواءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جي پهرين ٻن سالن جي. تنهنڪري دفاعي ڪنهن به سول حڪومت کي ملڪ جي اهم معاملن ۾ مداخلت جي اجازت ڏيڻ گوارا نه ڪندي آهي تنهن ڪري ئي هنن زرداري صاحب جي پوئين سرڪار کي پنج ئي سال سوئس ڪيس، ميمو اسڪينڊل ۽ ٻين معاملن ۾ اهڙو ته ڦاسايو جوکيس هندستان سان نيوڪليئر حملي ۾ پاڪستان پاران ڳرائي نه ڪرڻ جي يقين دهاني کان وٺي هڪ سگهاري اداري کي رحمان ملڪ جي گھرو کاتي جي ماتحت ڪرڻ واريون سموريون مهم جويون وسري ويون. ميان صاحب جو ته وري ان حوالي سان رڪارڊ ڪافي “خراب” رهيو آهي. تنهنڪري “اصلي تي وڊي سرڪار” کيس سول مينڊيٽ جي حقيقت سمجھائڻ لاءِ ڪو ٽريلر ڏيکارڻ چاهي ٿي يا وري ماڳهين جيو ٽي وي وانگر “صفحهءِ هستي تان مٽائڻ ” چاهي ٿي. اها ڳالهه ميان نواز شريف به سمجھي ٿو ته انهن ڌرڻن واري ڊرامي جي هدايتڪاري ڪٿان پئي ٿئي،ان ڪري حڪومت ڌرڻي وارن سان ڳالهائڻ کان وڌيڪ اصل واڳ ڌڻين سان ڳالهائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي ۽ ميان شهباز شريف ۽ چوڌري نثار آرمي چيف سان ٽي چار ملاقاتون ڪري چڪا آهن.

حڪومت پاران جيو ٽي وي ۽ سگهاري اداري واري جهيڙي ۾ جتي فوج سان سندس لاڳاپن کي وڌيڪ خراب ڪيو اتي ملڪ جي ٻين ميڊيا هائوسز سان سندن لاڳاپا به ڪافي خراب ٿي وياان جھگڙي ۾ به ڪپتان خان کلي ڪري جيو جي مخالفت ڪئي جنهن جي ڪري ملڪ جا ٻيا ميڊيا هائوس هڪ طرف حڪومت کان پري هليا ويا ته ٻي طرف ڪپتان خان ۽ سندس هدايتڪارن جي ويجھو پڻ هليا ويا. جنهنجي ڪري ئي انهن ٻنهي ڌرڻن جي ڪوريج لاءِ لڳ ڀگ سمورن ميڊيا هائوسز خاص بندوبست ڪيا آهن. پاڪستان جي “نيشنل ميڊيا” هائوسز جي غيرجانبداري ته اڳواٽ ئي ڪيترا ڀيرا پڌري ٿي چڪي آهي جڏهن بشير خان قريشي عمران ۽ قادري کان ڪئي ڀيرا وڌيڪ ماڻهن جو انبوهه گڏ ڪري گلشن حديد کان تبت سينٽر تائين مارچ ڪيو هيو. وڏي ڳالهه اها آهي ان مارچ جو نالو به آزادي مارچ هيو پر ان جي ڪوريج ڪرڻ بجاءِ سمورن“نيشنل ميڊيا هائوسز” تي اهي خبرون هلنديون رهيون ته ماڻهن کي تڪليف آهي، ٽريفڪ جام آهي، ڪجهه شر پسند عورتن ۽ شهرين سان بدتميزي پيا ڪن. ايئن ئي بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس کڻي ماما قدير جي اڳواڻي ۾ جڏهن بلوچ نياڻيون نڪتيون ته ان جي ڪوريج به معمولي ڪئي وئي هئي، صرف حامد مير انهن کي پنهنجي پروگرام ۾ گھرايو هيو جنهن جو جواب کيس حملي جي صورت ۾ مليو. تنهنڪري هن سڄي معاملي ۾ به ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي جيڪا چوويهه ڪلاڪ انهن ڌرڻن کان سوا ٻي شئي ڏيکارڻ لاءِ تيار نه آهي.

ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته ڪجهه عرصي کان وٺي ملڪ جي اندر فيصلا جي ٽي روڊ جا لانگ مارچ ڪري رهيا آهن. ججن جي بحالي واري تحريڪ هجي يا انقلاب ۽ آزادي مارچ هجن جنگ جو ميدان جي ٽي روڊ آهي لاهور کان اسلام آباد تائين وارو سينٽرل پنجاب ۽ پوٺوهار وارو اهو علائقو ئي آهي جتان سان دفاعي اداري جي تمام وڏي اڪثريت تعلق رکي ٿي ۽ اهو ئي اهو علائقو آهي. جتي هنن طاهرالقادري کان وٺي حافظ سعيد ۽ ان طرح جا ٻيا ڪيترائي انقلابي تيار ڪري ڇڏيا آهن جيڪي 18 هين ترميم وسيلي 58_2 بي جي خاتمي کان پوءِ سندن ڪم کي سولو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. تنهنڪري هاڻ ملڪ جي اصل اقتدار ڌڻين عوامي جدوجهد وسيلي انقلاب جا ڪارڊ به پنهنجن هٿن ۾ رکي ورتا آهن. هاڻ شايد ون يونٽ ۽ ايم آرڊي جهڙين عوامي جدوجهدن جو محور ۽ مرڪز سنڌ يا ڪو ٻيو صوبو نه ٿي سگھي ۽ جيڪڏهن اتي ڪا جدوجهد طاقتور به ٿئي ٿي ان کي “نيشنل ميڊيا” اهڙي نموني نظرانداز ڪري ڇڏيندي جنهن جو مثال بشير خان ۽ ماما قدير جا مارچ آهن.

هاڻ اچون ٿا آخري سوال تي ته ان منظرنامي جو ڊراپ سين ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟ان بابت ڪپتان خان بار بار چوي ٿو ته امپائر پنهنجي آگر مٿي کڻي ڇڏي آهي تنهنڪري نواز شريف کي وڃڻو پوندو. پر امپائر طرفان ڪپتان خان کي جيڪڏهن ايتري پڪ ڪرائي وئي آهي ته پوءِ اڃا تائين دير ڇا جي آهي؟ يا شهباز شريف جون ملاقاتون ڪو رنگ لائينديون ۽ نواز حڪومت مالڪن جي شرطن تي پنهنجي حڪومت لاءِ جيئدان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو ان ڳالهه جو فيصلو بهر حال “امپائر” کي ڪرڻو آهي.

fayaznaich@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو