Home / پروفائيل / انيتا غلام علي: ڪجهه يادگيريون!
above article banner

انيتا غلام علي: ڪجهه يادگيريون!

Hamsaffar Gadehiهيءَ 1996ع جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌ جو فقير منش دانشور علي احمد بروهي (مرحوم) شيخ سلطان ٽرسٽ جو ايڊيشنل ايڊمنسٽريٽر هو، بروهيءَ صاحب وٽ اڪثر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. هڪ ڀيري مونکي ڪچهري دوران صلاح ڏنائين ته: “تعليمي ماهر انيتا غلام علي سان وڃي مل ۽ انٽرويو ڪرينس” مون ساڻس هائو ڪار ڪئي، ته هن پنهنجي خاتون سيڪريٽري کي فون ملائڻ لاءِ چيو. ايئن سندس آپا انيتا غلام علي سان رابطو ٿي ويو ۽ کيس منهنجي لاءِ چيائين ته سڀاڻي توهان جو انٽرويو ڪرڻ اچن، تنهن تي ميڊم هائوڪار ڪئي. اڳئين ڏينهن آءُ ۽ منهنجو دلبر دوست ظهير ميراڻي، ٽيپ رڪارڊر ۽ ڪئمرا کڻي بوٽ بيسن ڀرسان سندس موجود آفيس پهتاسين. پاڻ وقت جي ايتري ته پابند هئي جو اسان جي پهچڻ کان اڳ ئي انتظار ۾ هئي. خوش خير عافيت کانپوءِ چانهه جو دور هليو، يقيني طور تي انکانپوءِ انٽرويو جو وارو هو. ان وچ ۾ آءُ سندس آفيس ۾ لڳل پورٽريٽ غور سان ڏسڻ لڳس. اوچتو منهنجي نظر هڪ هٿ سان پينٽ ڪيل تصوير تي وڃي پئي، جيڪا سڱ مان ٺهيل “ناد” وڄائيندڙ جي هئي. ڪمال جي تصوير هئي آءُ اها ڏسي دنگ رهجي ويس ۽ رهيو نه ٿيو، ميڊم کان پڇي ورتم ته اها ناد واري تصوير ڪنهن جي پينٽنگ آهي؟ ٻڌايائين ته “اها ناياب پينٽنگ سندس ڀينرن مان هڪ جي ٺهيل آهي، جنهن جي شادي هڪ اٽالين شخص سان ٿيل آهي ۽ اڄڪلهه روس ۾ رهي ٿي”.

ان کانپوءِ ميديم انيتا سان تمام ڪارائتي ڪچهري ٿي جنهن ۾ هن سنڌي ٻولي، ثقافت، علم، ادب ۽ تعليم بابت نهايت ڪارائتا ويچار ونڊيا. سندس اهو تاريخي ۽ علمي انٽرويو ماهوار ”سنڌ سجاڳ” ۾ شايع ڪيو ويو، ان بعد جڏهن منهنجو ڪتاب ”سنڌ جي ڏاهپ کان سورنهن انٽرويو” شايع ٿيو ته اهو انٽرويو ان ۾ به شامل ڪيو ويو. سندس ڳالهيون پڙهڻ سان ايئن ٿو لڳي ڄڻ سنڌ ۾ اڃا ڪجهه به نه بدليو آهي.

August 15, 2014   44

منهنجي لاءِ، سڀ کان وڏي خوشي جي ڳالهه اها هئي ته هڪ اهڙي علمي ۽ قد آور شخصيت اسان جي سامهون هئي، جنهن جو نانو مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو هڪ نمايان نالو آهي، جنهن نه رڳو ”چچنامي” کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو بلڪه يورپ جي ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل ادب کي سنڌي ٻولي ۾ آڻي وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. نه رڳو اهو پر سندن والد جسٽس فيروز نانا هڪ جج ۽ امڙ شيرين فيروز نانا هڪ سگهڙ عورت هئي جنهن سنڌي ڀرت جي اصليت ۽ حويلي جي رازن بابت ڪتاب لکيا آهن. جڏهن ته سندس امڙ جو پڙ نانو مرزا جعفر قلي بيگ به هڪ غير معمولي شخص هو، جنهن پهرين سنڌي انگريزي ڊڪشنري ترتيب ڏيڻ جهڙو تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو. جڏهن ته رشتي ۾ سندس ٻه نانا (سندس امڙ جا ماما) ٽالپرن جي خيرپور رياست ۾ وزير هئا. جڏهن ته سندس حقيقي نانو بئريسٽر هو، جنهن اردو، سنڌي ۽ فارسي ٻولي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. مطلب ته جارجيا مان سنڌ آيل هي ڪٽنب پنهنجو هڪ ڊگهو علمي پسمنظر رکندڙ آهي. ليڪن جنهن ڳالهه مون کي حيران ڪيو سا اها هئي ته باوجود خوشحال خانداني ۽ علمي پسمنظر جي آپا انيتا وٽ نهٺائي ۽ نماڻائي ڪمال جي هئي. هٺ ۽ غرور نالي شيءَ جو سندس ڊڪشنري ۾ اکر ئي ڪو نه هو. جڏهن ته اسان پنهنجي بيمار سنڌي سوسائٽي ۾ اهڙا کوڙ پوءِ ڍاوا ڪردار ڏسون ٿا جن جو نه ته ڪو علمي، ادبي پسمنظر آهي، نه ڪو سماج لاءِ مثبت ڪردار، پوءِ به اهي عظيم ۽ عاليشان هجڻ کان هيٺ لهڻ لاءِ تيار نه آهن. ڀانيان ٿو ته اهو لحاظ ميڊم انيتا کي پنهنجي وڏڙن کان ئي ورثي ۾ مليو هو، جنهن مثبت ورثي کي هن پنهنجي سڄي ڄمار امانت سمجهي نه رڳو سنڀاليو پر ان تي عمل پيرا به ر هي.

ان هڪ انٽرويو کانپوءِ مون لاءِ ميدم انيتا جي آفيس جا در هميشه کليل رهيا. هن باڪمال عورت هميشه سنڌ جي ٻهراڙين جي تعليمي سڌاري ۽ خاص طور نياڻين کي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي آڻڻ جي وڪالت ڪئي. سندس طرفان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو قيام به ان جي ڪڙي هو. هن هڪ ڀيري مون کي ڪچهري ۾ٻڌايو ته ماڻهن جو اهو خيال درست نه آهي ته: “رڳو هوشيار ٻار ئي زندگي ۾ ڪو غير معمولي ڪم ڪري سگهن ٿا. آءُ پڙهائي ۾ بنهه جڏي هيس سدائين ٿر ڊ ڪلاس ايندي هئس. جڏهن ته مون 1954ع ۾وومين ڪاليج فريئر روڊ ڪراچي مان انٽرميڊينٽ ٻن سالن بدران چئن سالن ۾ پاس ڪئي، ايئن DJ ڪاليج مان BSc به ٻن بجاءِ چئن سالن ۾ پاس ڪيم”

اها ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ اهڙن والدين لاءِ ڪنهن نصيحت کان گهٽ ناهي، جيڪي پنهنجي گهٽ هوشيار ٻارن کي ڊفر ۽ نڪمو سمجهي نظر انداز ڪندا آهن. مئڊم انيتا جو مشاهدو ٻڌائي ٿو ته محنت ۽ جاکوڙ سان گهٽ هوشيار ٻار به زندگي ۾ انيڪ غير معمولي ڪارناما سرانجام ڏئي سگهن ٿا.

اهڙن ماڻهن لاءِ اها خبر يقيني طور حيرتناڪ هوندي، جن ميڊم انيتا غلام علي کي پنهنجي زندگي جي پڇاڙڪن ورهين ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن اندر نهايت ڏٻري حال ۾ ڏٺو هوندو، جڏهن هوءَ ڪمزور ۽ ڏڪندڙ هٿن سان صحيح ڪرڻ جي به قابل نه رهي هئي ۽ کوڙ سارن اهڙن بيڪار ۽ ڪرپٽ ماڻهن جي گهيري ۾ رهي جيڪي سندس نالي تي غلط ڪم ڪندا رهيا ۽ ان اداري جي ساک جيڪا هن نهايت ايمانداري ۽ جاکوڙ سان ٺاهي هئي. ان کي هڪ ڌڪ سان هڻي تهس نهس ڪري ڇڏيو. باقي هوءَ هميشه ايڪٽو رهي، ٻاروتڻ ۾ به. جواني ۾ ۽ عملي زندگي ۾ به، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته هوءَ شاگردي واري زماني ۾ ٽيبل ٽينس ۽ بيڊ مينٽن راند جي ڏاڍي شوقين رهي ۽ ڪيترائي ڀيرا چيمپين به رهي چڪي. پاڻ زندگي جي تند ڇڄڻ تائين اهي رانديون جاڳي به ڏسندي هئي. جڏهن هوءَ اسسٽنٽ پروفيسر هئي تڏهن پاڪستان ٽيچرس ايسوسئيشن جي اڳواڻ جي صورت ۾ هن ڪيترن ئي احتجاجي مظاهرن جي اڳواڻي پڻ ڪئي. ان ئي دور جي ڳالهه آهي ته انتظاميه سندس جج والد جسٽس فيروز نانا تي زور بار وڌو ته اهو پنهنجي ڌيءُ کي اهڙين سرگرمين کان پاسيرو رهڻ جي هدايت ڪري ليڪن سندس والد محترم سمجهداري جو مظاهرو ڪندي اهو چئي انڪار ڪيو ته : “انيتا بالغ ۽ شعور رکندڙ آهي، ان ڪري پنهنجو برو ڀلو بهتر سمجهي سگهي ٿي”. جسٽس فيروز نانا (مرحوم) جي پنهنجي نياڻي ڏانهن اها مثبت ۽ اعتماد واري روش به پنهنجي جوهر ۾ ڪيترائي لازاوال سبق رکي ٿي، جنهن کي دل سان هنڊائڻ جي ضرورت آهي.

مئڊم انيتا جو ننڍپڻ به عام ٻارن جيان گذريو، شرارتون ڪندي: “آءُ ستن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي ڌوٻيءُ جي گڏهه تي شوق سان چڙهندي هئس پر ان کي ڪنٽرول به ڪري سگهندي هيس” هوءَ پنهنجي ٻاروتڻ جون ساروڻيون ساري ٿي.

حقيقت ۾ ميڊم انيتا علم جو اتساهه ڏيندڙ هڪ جاکوڙي عورت هئي. ڀٽائي جي ان سٽ جيان ته ”جان جان هئي جيئري” ورچي نه ويٺي. هوءَ پنهنجي ذميوارين کان تر جيترو به غافل نه هئي. آخر تائين اڀري سڀري حال آهر به SEF سان نڀائيندي رهي. ان اداري سندس سخت ايڊمنسٽريشن ۾ گهڻا سارا مثبت عملي ڪم ڪيا ۽ سڄي سنڌ ۾ علم جي آبيار ڪئي. پر پوءِ جيئن سنڌي چوڻي آهي ته “ هڪ گندي مڇي سڄو تلاءُ گندو ڪري ڇڏيندي آهي”. سو هن علمي اداري سان به اوس اهو ئي ٿيو. ڇو ته ان ۾ اندر اهڙا ماڻهو گهڙي آيا، جن جو ڪم سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تعليمي سرگرمين کي ترقي وٺرائڻ يا ڏتڙيل طبقي جي ٻارن کي تعليم جي زيور سان سينگارڻ گهٽ بلڪه اتي ايندڙ فنڊن تي هٿ صاف ڪرڻ هو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اهو ادارو هڪ بحراني ڪيفيت کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن کي بچائڻ اڄ جي اهم ضرورت آهي.

مئڊم انيتا غلام علي سدائين ڳالهه ٻولهه دوران شاگرد سياست جي تعليمي ادارن ۾ هجڻ جي مخالف ڪندي هئي ۽ چوندي هئي ته: ايوب واري دور ۾ سرڪاري سرپرستي هيٺ تعليمي ادارن ۾ سياست شروع ڪرائي وئي. هڪ اهڙو دور به هو جو سرڪار پنهنجي شاگرد تنظمين کي پرنسپالن هٿان ويهڻ لاءِ الڳ ڪمرا الاٽ ڪرايا. اهڙي طرح تعليمي ادارن کي سياست جو آکاڙو ٺاهيو.

مئڊم سان ڪيئي ڀيرا ڪو ٽا سسٽم بابت به حال احوال ٿيندا رهيا. هوءَ اصولي طور تي ڪوٽا سسٽم جي مخالف هئي. ليڪن ان صورت ۾ جڏهن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ شهرن جيتريون تعليمي سهولتون مهيا ڪيون وڃن. ان کان اڳ ڪوٽا سسٽم ختم ڪرڻ سنڌي ماڻهن سان زيادتي هوندي.

اڄ جڏهن مئڊم انيتا اسان جي وچ مان ڪنهن پرديسي پکي وانگر اهڙي پار هلي وئي آهي جتان ڪير به ڪڏهن واپس ناهي موٽيو، نه ئي موٽي سگهندو. تڏهن سندس سنڌ جي علم، ادب، ثقافت ۽ تعليم لاءِ ڪيل خدمتون ذهن تي تري اچن ٿيون. هوءَ سنڌ جي هزارين انهن نياڻين جي آپا هئي جن ڪڏهن به اسڪول جو منهن نه ڏٺو هو ۽ هزارين انهن مسڪينن ٻارڙن جي آپا هئي جيڪي سندس ڪوششن سبب چار اکر پڙهي پيا. ساڳي وقت هوءَ اهڙن ڪيترن ئي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ به اتساهه جو ذريعو هئي، جيڪي سڌي يا اڻ سڌي ريت ساڻس ملي نه رڳو پنهنجي علمي اڃ اجهائيندا هئا پر گهڻو ڪجهه سکندا پڻ هئا. اهڙن خوشبخت ماڻهن ۾ آءُ پاڻ کي به شامل ٿو سمجهان ڇو ته آءُ به ڊگهي عرصي تائين سندس انهي علمي آشرم جو پانڌيئڙو رهيس، جتي هرڪو اچي علمي ۽ فڪري اڃ اجهائڻ لاءِ آسيس وٺندو هو- ها پر هاڻي مئڊم انيتا نه رهي هن جهان ۾ پر سندس يادگيريون توهان، اسان ۽ سندس چاهيندڙن لاءِ هڪ وڏي وٿ آهن، جيڪي سدا سلامت رهنديون!

hamsafargadehi@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو