Home / اسپيشل افيئر / بجلي جو حل: ڪوئلو
above article banner

بجلي جو حل: ڪوئلو

Zofeenحڪومت پاڪستان ۾ توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوئلي سان هلندڙ بجلي جي ڏهه نون پلانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن وقت ملڪ جي ڪجهه علائقن کي ويهه ڪلاڪ روزانو بجلي ميسر ئي نه آهي. پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجه آصف قوم کان معافي گهرندي بجلي جي بحالي ۽ ماڻهن جون مشڪلاتون گهٽ ڪري سگهڻ ۾ ناڪامي جو به اعتراف ڪيو آهي.

پاڪستان وٽ 22797 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي ليڪن ان جي پيداوار فقط 12 هزار ميگا واٽ تائين محدود آهي. سڄي ملڪ ۾ گرمي پد چاليهه ڊگري کان وڌي وڃڻ ڪري بجلي جي گهرج وڌي 19 هزار ميگا واٽ ٿي چڪي آهي. وزير موصوف چيو آهي ته اعلانيل لوڊشيڊنگ جو فيصلو گردشي قرضن جي مسئلي جي ڪري ڪيو ويو آهي جيڪو وڌي ٽي سئو ارب روپيه (ٽي ارب آمريڪي ڊالر) تائين پهچي چڪو آهي. گردشي قرض بجلي جي شعبي ۾ ڪيش فلو جو مسئلو آهي جيڪو خانگي ۽ سرڪاري ڪسٽمرز طرفان بل نه ڏيڻ جي ڪري پيدا ٿيو آهي ۽ جنهن ڪري سبسڊيز ۾ دير ٿئي ٿي. نتيجي ۾ بجلي ڪمپنيون تيل جي ڪمپنين کي ادائيگي نه ٿيون ڪري سگهن ۽ بجلي مهيا ڪرڻ جو سمورو سلسلو متاثر ٿئي ٿو. ان جو ڪارڻ (Fuel)ٻارڻ جي گهٽتائي ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جاواقعا پيش اچن ٿا. هاڻي حڪومت، ماحولياتي ماهرن لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجندي گهٽ لاڳت جي بجلي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ گندي ۽ دقيانوسي ٻارڻ ڪوئلي طرف ڌيان ڏئي رهي آهي. وزيراعظم ميان نواز شريف جي حڪومت ملڪ جي مختلف صوبن ۾ ڪل 12 هزار ميگا واٽ بجلي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪندڙ ڏهن پلانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪا سڄي ملڪ ۾ بجلي جي هاڻوڪي پيداوار کان ٻيڻي آهي. انهن پلانٽس ۾ اڪثر کي چين ۽ ٻين ملڪن جون ڪمپنيون فنڊ مهيا ڪنديون ۽ انهن کي هلائينديون. حڪومت ڪوئلي جي استعمال طرف وڃڻ لاءِ تيل جي سرڪاري پلا نٽس جا شروعاتي منصوبا به ٺاهي رهي آهي.

August 31, 2014   2

بجلي کانسواءِ

پاڪستان ۾ ۾ بجلي جي کوٽ بحراني حدن کي ڇُهي چڪي آهي حالانڪه ستر سيڪڙو خاندان قومي گرڊ سان لاڳاپيل آهن، فقط ڪجهه گهراڻن کي بنا ڪنهن وقفي جي بجلي ملي رهي آهي، بجلي جي لوڊشيڊنگ شهري مرڪزن ۾ ڏهه ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ ويهه ڪلاڪن تائين پهچي چڪي آهي. رٿا بندي جي وڏي پئماني تي کوٽ سبب توانائي جو شعبو وڌندڙ گهرج کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. ماهر ڪيترن ئي سالن کان چئي رهيا آهن ته پاڪستان جي ناهموار توانائي معاملي جو ٻيهر جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان انرجي بڪ 2012ع موجب پاڪستان جي 31 سيڪڙو توانائي تيل، 50 سيڪڙو گئس ۽ فقط 6.6 سيڪڙو ڪوئلي مان پيدا ٿي رهي آهي. ان جي ابتڙ چين ۽ ڀارت ترتيبوار 63 سيڪڙو ۽ 47 سيڪڙو پنهنجي بجلي ڪوئلي مان پيدا ڪري رهيا آهن. تيل ۽ گئس تي انحصار جي ڪري ڪسٽمرز کي تمام گهڻي مهانگي بجلي ملي رهي آهي، ان سان گڏو گڏ پاڻي، ائٽمي توانائي ۽ هوا مان بجلي حاصل ڪرڻ جي ملڪي صلاحيت تمام گهٽ آهي. جڏهن مئي 2013ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ (نواز) حڪومت ۾ آئي تڏهن ان جي سربراهه ميان نواز شريف ٻن سالن اندر اندر بجلي لوڊشيڊنگ جي لعنت ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. پارٽي پنهنجي اوليتن جي فهرست ۾ بجلي جي بحران کي معيشت کانپوءِ ٻئي درجي تي رکيو هو، ان وقت ڪوئلو ڏکڻ آفريڪا، انڊونيشيا ۽ آسٽريليا مان گهرايو ويندو هو، ليڪن پاڪستان وٽ پنهنجا اهڙا وسيلا موجود آهن جن کي استعمال نه پيو ڪيو وڃي. سنڌ جي ريگستان ٿر ۾ ويهه سال اڳ ملندڙ ٻه سئو ارب ٽن ڪوئلي جي وسيلن کي اڃا تائين استعمال ناهي ڪيو ويو. ماهرن جو خيال آهي ته پاڪستان لاءِ بهتر ٿيندو ته اهو سمنڊ پار کان ڪوئلي گهرائڻ بدران انهن ذخيرن کي استعمال ڪري. اسلام آبا د۾ موجود هڪ ٿنڪ ٽينڪ SDPI سان لاڳاپيل توانائي جي ماهر طاهر ڍنڍسا جو چوڻ آهي ته “هي ڪوئلو ٻاڦ بڻجي تيزي سان اڏامندڙ، انتهائي گرم ۽ ان بنيا تي ٻاري سگهجي ٿو جنهن تحت گهٽ ۾ گهٽ گدلاڻ ٿيندي”. ليڪن توانائي جو هڪ ٻيو ماهر ارشد ايڇ عباسي ان ڳالهه کان مطمئن نه آهي. هن جو چوڻ آهي ته حڪومت آبهوا جي تبديلي، ماحوليات ۽ انساني صحت جي تمام وڏي پهلو کي نظر انداز ڪري رهي آهي. هارورڊ اسڪول طرفان 2011ع ۾ ڪيل اسٽڊي ۾ چيو ويو آهي ته ڪوئلي مان هلندڙ هڪ مخصوص پلانٽ هر سال تقريبن 3.5 ملين ٽن ڪاربان ڊاءَ آسڪائيڊ پيدا ڪري ٿو. ان اسٽڊي ۾ ان جي کوٽائي کان وٺي ان جي چر پر ۽ جيستائين ان کي ٻاريو وڃي انساني صحت ۽ ماحول تي ڪوئلي جا تمام منفي اثر پون ٿا. پاڪستان جي توانائي جي مشڪلات کي حل ڪرڻ لاءِ پاڻي مان بجلي حاصل ڪرڻ جي تجويز ڏيندي عباسي چوي ٿو ته وڏن يا ننڍن ڊيمن جي اڏاوت کي غير ضروري طور سياست جي ور چاڙهيو ويو آهي ۽ ان لاءِ آءُ گهڻو تڻو ڊيم مخالف عالمي لابي کي ذميوار سمجهان ٿو. هن سوال ڪيو ته اسان وٽ 12 ئي مهينا وهندڙ درياءَ موجود آهن ته پوءِ اسان ان تي ڪم ڇو نه ٿا ڪريون؟ هو ڍنڍسا سان ان ڳالهه تي اتفاق ڪري ٿو ته پاڻي مان بجلي جي پيدوار هڪ بهتر ترجيح آهي. ٿرڊ پول ڊاٽ نيٽ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته اها انتهائي سستي آهي منگلا ڊيم مان حاصل ٿيندڙ بجلي جي لاڳت 0.0025 سينٽ في يونٽ کان وڌيڪ نه آهي. جڏهن ته ٿرمل پلانٽ مان حاصل ٿيندڙ بجلي جي لاڳت 14 سينٽ في KWH آهي. ان لاءِ فقط شروعاتي سيڙڪاري جي ضرورت آهي جنهن کانپوءِ اها بجلي مفت پوي ٿي ۽ ان جو پاڻي زرعي مقصدن لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.

جيڪڏهن پاڻي مان بجلي پيدا ڪرڻ جا وڏا ۽ ننڍا پلانٽس هنيا وڃن ته پنجاهه هزار ميگا واٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي ليڪن في الحال ان ذريعي فقط ست هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. ڍنڍسا چوي ٿو ته بدانتظامي ۽ بدعنواني ٻه اهڙا سبب آهن جن جي ڪري ڪوئلي کي پاڻي مان بجلي پيدا ڪرڻ تي ترجيح ڏني وڃي ٿي. پاڻي مان بجلي پيدا ڪرڻ جا پراجيڪٽس مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ ڊگهو وقت گهربل هوندو آهي پر چونڊيل حڪومت جو مدو فقط پنج سال هجي ٿو. ٻئي طرف رشوت وٺي ڪوئلي مان بجلي حاصل ڪرڻ لاءِ پلانٽس هڻڻ سان اهي پلانٽس فقط ڇهن مهينن ۾ ڪم ڪري سگهن ٿا.

چين ۽ آمريڪا کان سبق سکو:

سال 2012ع ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ ڪوئلي جو استعمال ڇهه سئو 85 ملين ٽن جي لڳ ڀڳ هو ڀارت ۾ ان جو استعمال 98 سيڪڙو هو. جنهن جو هڪ وڏو حصو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. عباسي چوي ٿو ته ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽس سڀ کان وڌيڪ گدلاڻ ڦهلائن ٿا اهي پلانٽ سياري ۾ ڌنڌ پيدا ڪن ٿا ۽ مون سون برساتن سميت موسمي تبديلي کي پڻ بدلائي ڇڏين ٿا. هن چيو ته اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته گليشئر پگهرڻ جو عمل ڪوئلو سڙڻ جي ڪري ظاهر ٿئي ٿو. ان سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ موجود پنجاب جي حصن ۾ ڌنڌ، ڀارت ۾ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽس جو سڌي ريت نتيجو آهي. هن افسوس ظاهر ڪيو ته پاڪستان پوءِ به پنهنجي پاڙيسرين مان سبق حاصل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. چين ۽ آمريڪا ايترو وڌيڪ ڪوئلو استعمال ڪن ٿا جيترو سموري دنيا گڏجي استعمال ڪندي هوندي. هن ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جي صاف ٽيڪنالاجي بابت معلومات مهيا ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.

چين، آمريڪا ۽ ٻيا ترقي يافته ملڪ زور ڏئي رهيا آهن ته اهي غريب قومن جي مدد دونهين جي نيڪالي ۾ گهٽتائي لاءِ ڪرڻ چاهين ٿا پر اهي جي دونهين نيڪال جا طريقا طئي ڪن ۽ آبهوا جي تبديلي کي اپنائين. ليڪن آمريڪا اهڙو ڪو به واعدو ڪرڻ لاءِ تيارنظر نه ٿو اچي. آبهوا بابت ڊسمبر 2015ع ۾ پئرس ۾ منعقد ٿيندڙ سربراهي اجلاس جو انتهائي اهم ٽارگيٽ گرين هائوس گئسز جي نيڪال ۾ گهٽتائي ۽ عالمي گرمي پد کي هاڻوڪي سطح کان ٻه ڊگري سينٽي گريڊ مٿي تائين محدود رکڻ آهي. چين پاڻ وٽ دونهين جا ٻه هزار پنج KGDP في يونٽ 45 في سيڪڙو نيڪالي کي ٻه هزار ويهه تائين گهٽ ڪرڻ جو واعدو پڻ ڪيو آهي.

پاڪستان جنهن وڏي پيماني تي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڇا اهو ان دٻاءُ هيٺ انهن منصوبن کي ختم ڪري ڇڏيندو؟

ڍنڍيا، ايئن نه ٿو سوچي، ڇو ته وڏي پيماني تي گدلاڻ ڦهلائيندڙ پنهنجي لالچ خاطر ڪوئلي جي ميدان ۾ پنهنجي ترقي جاري رکندا. هن چيو ته اسان کي اهو ئي ڪم ڪرڻ تي پاڪستان کي اکيون نه ڏيکارڻ گهرجن، ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جيترو به دونهون خارج ڪندو اهو فقط هاٿي جي چيلهه تي هڪ سئي جي وزن برابر هوندو. هن وڌيڪ چيو ته ان سان گڏوگڏ پاڪستان کي لازمي طور مختصر ڪاربان نشانن لاءِ وڌيڪ صاف ڪوئلي جي ٽيڪنالاجي اپنائڻ گهرجي.

پاڪستان جي اڳوڻي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وزير پروفيسر عطاءُ الرحمان جو چوڻ آهي ته هاڻي اهڙيون ٽيڪنالاجيز موجود آهن جيڪي چمنين ۾ گڏ ٿيندڙ ڪاري ڪاربان کي هٽائي ڇڏين ٿيون ۽ انهن مان “اڇو دونهون“ خارج ٿيڻ لڳي ٿو، جنهن مان گدلاڻ کانپوءِ گئسون پيدا ٿين ٿيون جن کي موزون ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ تي ان کي گندو تصور نه ٿو ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي لازمي طرح بجلي جي پلانٽس جي منصوباندي انهن کي هڻڻ ۽ انهن جي تصيب لاءِ ملڪي استعداد جوڙڻ گهرجي.

عباسي چوي ٿو ته جيڪڏهن ڪوئلو استعمال ڪرڻو آهي ته پلانٽس کي لازمي طور اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت آهي. اعليٰ اثر پذيري جو مطلب هڪ يونٽ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوئلي جو گهٽ کان گهٽ استعمال، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي نيڪال ۾ گهٽتائي، مرڪري جو گهٽ خارج ٿيڻ وغيره ۽ اهڙي ريت ڪسٽمرز کي به گهٽ لاڳت ادا ڪرڻي پوندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو