Home / ڪرنٽ افيئر / برساتي ٻوڏون: ماضيءَ مان ڪجهه نه پرايوسين!
above article banner

برساتي ٻوڏون: ماضيءَ مان ڪجهه نه پرايوسين!

Zofeenهڪ ڀيرو ٻيهر برساتن پاڪستان جي آفتن سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت جو پول کولي ڇڏيو آهي. سانوڻيءَجي هاڻوڪين برساتن پنجاب جي وڏن شهرن ۾ جيڪا تباهي مچائي، ان مان اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته هاڻي شهر به گهڻين برساتن جي امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ جي قابل نه رهيا آهن.

ٽي وي تي ٻوڏ جي پاڻي جي گهرن ۾ داخل ٿيڻ، ماڻهن جي چار فٽ گهري پاڻي ۾ هلڻ ڦرڻ، گهرن جي ڇتن تان ماڻهن کي هيليڪاپٽرن وسيلي ڪڍڻ ۽ لاهور جي ٻڏل روڊن ۽ انڊر پاسز جا منظر بار بار ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. سويلين انتظاميا پنهنجي اهلڪارن ۽ موٽر پمپن وسيلي هن قدرتي آفت سان منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن پاڻي کي وقت سر ڪڍي سگهجي پر اها ان ۾ ناڪام رهي.

ڏورانهن ڳوٺن ۾ ٿيندڙ تباهي، پُلين جو ٽٽڻ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪهاڻي ته الڳ آهي. ليڪن پاڪستان جي موسميات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽرجنرل غلام رسول موجب موسم جو اهو حال ايندڙ سالن ۾ معمول بڻجي ويندو ۽ جيڪڏهن پلاننگ ۽ گورننس جي خامين کي دور نه ڪيو ويو ته اها موسمياتي تبديلي انتهائي خطرناڪ ٿي سگهي ٿي.

6 سيپٽمبر تائين پنجاب ۽ پاڪستاني ڪشمير ۾ ماڻهن جي مرڻ جو انگ 100 کان وڌي چڪو هو. وزير اعليٰ پنجاب شهباز شريف فوري طور مري ويندڙ ماڻهن لاءِ پنج لک روپيا ۽ حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن لاءِ هڪ هڪ لک روپين جي امداد جو به اعلان ڪري ڇڏيو. “دي ٿرڊ پول ڊاٽ نيٽ” سان ڳالهائيندي غلام رسول چيو ته هن تيز برسات جو سبب موسمي تبديلي آهي. هن ٻڌايو ته هن سال برساتون پنهنجي معمول کان وڌيڪ عرصي تائين هلنديون.

هن ٻڌايو ته نارمل ۽ معمول اهو هجي ها ته بنگال کان ايندڙ مون سون سسٽم انڊيا کي ڪراس ڪري سنڌ ۾ داخل ٿئي ها ۽ پوءِ اتر ڏانهن رخ ڪري ها ۽ ان دوران هماليه جي ترائي تائين پهچڻ کان اڳ پنجاب ۾ برسات وسائيندو وڃي ها. غلام رسول اهو پڻ ٻڌايو ته هن ڀيري مون سون جو سسٽم پنجاب جي ميداني علائقن مٿان گهڻي دير تائين قائم رهيو، جتي ٿڌيون هوائون مٿاڇري سطح جي تيز گرمي پد سان ملي تيز برساتن جو سبب بڻيون.

15   SEP 2014    21

هن چواڻي مستقبل ۾ زوردار برساتن جي ڪري شهري علائقن ۾ ٻوڏ اچڻ معمول بڻجي سگهي ٿو. ٻئي پاسي SPO جي سربراهه نصير ميمڻ موجب موسمياتي تبديلين کي اهڙن واقعن جو سبب قرار ڏيڻ ڏکيو آهي. هن جي خيال ۾ اهڙيون زوردار برساتون شهري انتظاميا جي برساتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت چيڪ ڪرڻ لاءِ هڪ قدرتي ذريعو آهي. دي ٿرڊ پول ڊاٽ نيٽ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن جو چوڻ هو ته زمين جو غير مناسب استعال، ڪمزور شهري انفرااسٽرڪچر جي ترتيب ۽ بنا پلاننگ جي قائم رهائشي علائقا برساتن ۾ آفتن ۾ تبديل ٿيڻ جو سبب آهن.

چناب ڪناري موجود شهرن ۽ اسلام آباد جي ڀيٽ ۾ هن جو چوڻ هو ته وفاقي راڄڌاني ۾ به ايتريون ئي برساتون پيون ليڪن ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع نه مليو. جڏهن ته شديد متاثر ٿيندڙ شهرن ۾ لاهور، گجرانوالا ۽ سيالڪوٽ شامل آهن جيڪي اسلام آباد کان ترتيبوار 268، 202 ۽ 192 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهن.

نصير ميمڻ جيڪو “Malevolent Floods of Pakistan” نالي ڪتاب جو ليکڪ پڻ آهي، چوي ٿو ته ان جو بنيادي ڪارڻ انفرااسٽرڪچر ۾ فرق ۽ ريگيوليشنز جي پابندي آهي. هن موجب ٻوڏ جي وڪڙ ۾ آيل ميداني علائقن ۾ موجود گنجان آبادين ماڻهن جي ڏکيائين ۾ واڌ آندي آهي.

نصير ميمڻ جي موقف جي حمايت ڪندي غلام رسول جو چوڻ هو ته هر هنڌ نيون آباديون قائم ٿي رهيون آهن، ليڪن ڪجهه ريگيوليٽيڊ نه آهن. جڏهن ته ڊيولپرز لاءِ تعميراتي ڪم ڪرائڻ وقت قانون جي پابندي ڪرڻ به ضروري نه آهي نين هائوسنگ اسڪيمن ۾ اڪثر يا ته ڊرينيج سسٽم هوندوئي ناهي يا ان ۾ ايترا ننڍا پائپ استعمال ڪيا وڃن ٿا جيڪي طوفاني برساتن جو پاڻي سنڀالي ئي نٿا سگهن. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ڪلائيميٽ پاليسي نهايت حڪمت سان ٺاهي وئي آهي. ليڪن اها فقط ڪاغذن تائين محدود آهي. هن مطابق پاڪستان سڀ کان بهترين پاليسي ساز آهي، ليڪن پاليسين جي لاڳو ٿيڻ جي صورتحال به انتهائي خراب آهي.

شهري منصوبابندي جو ماهر فرحان انور جيڪو، Urban Resilience and climate change نالي ڪتاب جو ليکڪ پڻ آهي، ان جو چوڻ آهي ته هاڻوڪي تباهي جو سبب تحقيق کانسواءِ کنيل قدم آهن.هن وڌيڪ چيو ته خطري هيٺ علائقن جو اهڙو ڪو به پروفائل موجود نه آهي، جنهن ۾ ٻوڏ جي گهيري ۾ موجود ماڻهن ۽ اثاثن جو پتو لڳائي سگهجي ته جيئن انهن کي درپيش خطرا گهٽائي سگهجن.

هن جو جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان کانسواءِ ڪو به مالياتي انشورنس سسٽم موجود نه آهي. گهڻو ڪري اهڙيون آفتون نه رڳو سندن گهر گهاٽ تباهه ڪري ڇڏينديون آهن بلڪه سندن ڪمائي جي ذريعن يعني فصل ۽ چوپائي مال کي به نقصان پهچائينديون آهن، جن جي ڪري سندن ڏکيائيون ٻيڻيون ٿي وينديون آهن. هن حڪومت تي زور ڏنو ته اها ٻوڏ جي امڪانن جو اندازو هڻي هڪ فلڊ انشورنس اسڪيم شروع ڪري. جيتوڻيڪ شارٽ ٽرم ايمرجنسي ريسپانس ۽ متاثرن کي شيلٽر مهيا ڪيو ويندوآهي ليڪن ان باوجود ادارن ۽ قانوني فريم ورڪ ۾ متاثر علائقن مان ماڻهن کي ڪڍڻ جي رٿابندي ۽ رسڪ مئنيجمينٽ پلان جي گهٽتائي آهي.

فرحان انور ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مستقبل ۾ اهڙين ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ انهن جي شدت جو اندازو لڳايو وڃي. هن جو چوڻ هو ته آبادين کي انهن کي درپيش ٻوڏ جي خطري جي حساب سان ترتيب ڏنو وڃي.

ان کانسواءِ هن جو اهو پڻ چوڻ هو ته ڊرينج سسٽم جي تفصيلي جاچ پڙتال جي ضرورت آهي ته جيئن ان کي ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪالي جي قابل بڻايو وڃي. جڏهن ته عوام کي شروعاتي طبي امداد، ريسڪيو ۽ لڏپلاڻ وغيره جي طريقن بابت ڄاڻ ڏيڻ پڻ ضروري آهي. شهرن جي مخصوص علائقن ۾ کليل ۽ سرسبز هنڌن ۾ واڌ به ٻوڏن کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو