2011ع ۾ ”ليڊيز ورسز رڪي بهل“ سان بالي ووڊ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ اداڪارا پرينيتي چوپڙا جو چوڻ آهي ته مون کي سنهيون ۽ سُٺي جسم واريون اداڪارائون وڻنديون آهن. پرينيتي چيو ته مان پنهنجو هر سين فلمبند ڪرائڻ کان پوءِ ان کي پاڻ ڏسندي آهيان ۽ پنهنجي ڀاڳ بابت فڪرمند رهندي آهيان. هن وڌيڪ چيو ته فلمن ۾ ڪاميابيءَ لاءِ رڳو يا سمارٽ هجڻ ڪافي ناهي پر ان لاءِ اداڪاريءَ جون صلاحيتون هجڻ به اهم هونديون آهن، ڇو ته انهن کان سواءِ ڪا به اداڪارا انڊسٽريءَ ۾ گھڻو وقت جيئري نه ٿي رهي سگھي.
Tagged with: August-15-2014