Home / سنڌ افيئر / تڪراري ڀنڀور ڊويزن جو خاتمو-عوام جي سوڀ!
above article banner

تڪراري ڀنڀور ڊويزن جو خاتمو-عوام جي سوڀ!

Allah Bachayoانتهائي تڪراري ڀنڀور ڊويزن جيڪا بنا ڪنهن سوچ سمجهه جي ڪن ذاتي مفادن ۽ عالمي قوتن جي اشاري تي عوام جي مرضي خلاف اوچتو مڙهي ويئي هئي. جنهن نئين ڊويزن ۾ لاڙ جي تاريخي ضلعي بدين کي پڻ زبردستي شامل ڪرڻ خلاف بدين جا ماڻهو سراپا احتجاج بڻجي ويا. بدين جي ماڻهن طرفان ڀنڀور ڊويزن خلاف هلايل تاريخي جهدوجهد جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت ان تڪراري نئين ڊويزن جي قيام تي عمل ڪرائي نه سگهي ۽ چئن مهينن بعد 25 آگسٽ 2014 تي پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بلاول هائوس ڪراچي ۾ ڀنڀور ڊويزن ۾ شامل ٽنهي ضلعن بدين، ٺٽو ۽ سجاول مان چونڊيل پ پ جي عوامي نمائندن ۽ پارٽي جي عهديدارن جي هڪ گڏيل اجلاس جي صدارت ڪئي. جنهن اجلاس ۾ آصف علي زرداري ڀنڀور ڊويزن ۽ امڪاني ماتلي ضلعي جي قيام وارن فيصلن تي عمل رد ڪرائي ڇڏيو. رپورٽن موجب ان اجلاس ۾ آصف علي زرداري اهو پڻ چيو ته آءُ پاڻ بدين ۽ ٺٽي ۾ وڃي جلسا ڪندس ۽ ماڻهن سان ملندس عوامي ريفرنڊم ۾ جيڪو به فيصلو آيو ان تي عمل ڪيو ويندو. هن اجلاس ۾ ڀنڀور ڊويزن جي مک محرڪ اويس مظفر، صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو، ايم پي اي محمد نواز چانڊيو، محمد علي ملڪاڻي، ريحانه لغاري، رخسانه شاهه، بدين مان چونڊيل ايم اين اي ڊاڪٽر فهميده مرزا کانسواءِ فريال ٽالپر پڻ خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. آصف علي زرداري جڏهن ڀنڀور ڊويزن تي پ پ بدين جي ڪجهه عهديدارن ۽ ڪارڪنن پاران اعتراض وارڻ ۽ ماتلي کي ضلعي جو درجو ڏيڻ جي صورت ۾ ڀنڀور ڊويزن کي قبول ڪرڻ وارن مطالبن تي ڳالهائيندي چونڊيل نمائندن کان راءِ ورتي، تڏهن بدين مان چونڊيل عوامي نمائندن چيو ته اسانکي ڀنڀور ڊويزن تي ڪو به اعتراض نه آهي ان سان عوام کي فائدو ٿيو آهي. بدين جي عوامي نمائندن آصف علي زرداري کي اهو پڻ چيو ته مسلم ليگ ن وارا ۽ قومپرست اجايو اعتراض ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب اجلاس ۾ بدين جي ڪن ايم پي ايز بدين بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر اسماعيل راهو، ڊاڪٽر دودو مهيري ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن جا نالا کڻي چيو ته اهي اجايو واويلا پيا ڪن، توهان ا نهن کي ايتري اهميت نه ڏيو. جنهن تي آصف علي زرداري چيو ته اسماعيل راهو ۽ قومپرستن کانسواءِ بدين جا عام ماڻهو پڻ اعتراض پيا ڪن، مون ٽي وي تي بدين جي ماڻهن جا اهي احتجاج ڏٺا آهن. انڪري في الحال ڀنڀور ڊويزن جي فيصلي تي عمل روڪيون ٿا. فيصلو عوام جي مرضي موجب ڪيو ويندو، تڪراري فيصلا ڪرڻا نٿا چاهيون. ان سان پ پ کي نقصان ٿيندو. رپورٽ موجب اجلاس ۾ آصف علي زرداري انتهائي غير معمولي ڳالهه پڻ ڪئي ته هڪ ماڻهو آيو ۽ ان اچڻ سان ڀنڀور ڊويزن جو اعلان ڪيو ۽ هليو ويو. اتي ڀنڀور ڊويزن خلاف مظاهرا پيا ٿين ۽ ماڻهو سخت ناراض آهن. اهو اشارو ٺٽي جي سامونڊي پٽي واري تڪ ميرپور ساڪرو مان چونڊيل ايم پي اي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير اويس مظفر طرف هو، جيڪو صاحب بظاهر تڪراري ڀنڀور ڊويزن جو خالق هو. جنهن اوچتو 24 اپريل تي بدين مان چونڊيل ايم پي اي ۽ صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌري ۽ ٻين سان گڏجي ڪراچي ۾ ڀنڀور ڊويزن جو اعلان ڪيو. 24 اپريل تي اويس مظفر پريس ڪانفرنس ذريعي ڀنڀور ڊويزن جو اوچتو حيران ڪندڙ اعلان ڪرڻ بعد ٻئي ڏينهن حيرتناڪ طور تي ٽٺي پهچي ٿو جتي هو ڀنڀور کان مڪلي تائين تڪراري نئين ڊويزن جي حمايت ۾ ريلي جي اڳواڻي ڪري ٿو. ٺٽي سجاول ۽ بدين جا پ پ سان تعلق رکندڙ سمورا ايم اين اي ۽ ايم پي اي غير مشروط طور تي نئين ڊويزن جي حمايت ڪن ٿا. جيڪا ڳالهه ڌيان طلب آهي ڇاڪاڻ ته ٺٽي ضلعن جا چونڊيل پ پ جا نمائندا اڪيلي اويس مظفر جي چوڻ تي اهڙي غلط ۽ ذاتي مفادن واري فيصلي جي حمايت ڪيئن ٿا ڪري سگهن. جڏهن ته کين اها پڻ خبر هئي ته اهو فيصلو عوام جي مرضي جي خلاف آهي.

August 31, 2014   21

اها ڳالهه پڻ نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ان جي گهر واري ڊاڪٽر فهميده مرزا هڪدم اويس مظفر جي ڪيل فيصلي کي ڪيئن قبول ڪيو؟ ڇاڪاڻ ته اها سڀني کي خبر آهي ته اويس مظفر ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جا 2011 کان ڪن اندروني معاملن تي پاڻ ۾ سخت اختلاف پيدا ٿي ويا هئا. ميڊيا جي ان وقت جي رپورٽن موجب ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ آصف علي زرداري جي وچ ۾ پيدا ٿيل سخت اختلافن جو هڪ مک ڪارڻ اويس مظفر هو. جنهنجي نتيجي ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي ويجهي دوست آصف علي زرداري کان سخت ناراض ٿي، گهرو کاتي جي وزارت ايم پي اي جي سيٽ ۽ پيپلز پارٽي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيئي ميدان تي لٿو هو ۽ بعد ۾ هڪ ڳجهي ٺاهه کانپوءِ هن ڊگهي خاموشي اختيار ڪئي هئي. مرزا خاندان ۽ ٽنهي ضلعن جي چونڊيل عوامي نمائندن طرفان ڀنڀور ڊويزن جي مبينا طور حمايت ڪرڻ وارو عمل پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت يعني آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم کانسواءِ ممڪن ئي نظر نٿو اچي. پر 25 آگسٽ واري بلاول هائوس جي اجلاس ۾ آصف علي زرداري جو اويس مظفر جي حوالي سان نئون موقف اهو ٿو واضح ڪري ته آصف علي زرداري ٽنهي ضلعن خاص طور تي بدين جي عوام کي شايد اهو ٻڌائڻ چاهيو هجي ته هاڃيڪار تڪراري ڀنڀور ڊويزن جي قيام جو فيصلو سندس مرضي ۽ حڪم تي نه ٿيو آهي. اهو فيصلو اڪيلي هڪ ماڻهو اويس مظفر جو ذاتي فيصلو هو، جنهن تي بدين جا ماڻهو ناراض ٿي سخت احتجاج ڪري رهيا آهن. ٻي طرف اهو اڪيلي اويس مظفر جو فيصلو هجي ها ته سيد قائم علي شاهه جي وڏ وزارت ۾ آصف علي زرداري جي اجازت کانسواءِ 23 مئي تي نئين ڀنڀور ڊويزن جو نوٽيفيڪيشن هرگز جاري نه ڪري ها. ڄاڻايل بلاول هائوس واري اجلاس ۾ ڊاڪٽر فهميده مرزا جو اهو چوڻ ته ڀنڀور ڊويزن جو هيڊڪوارٽر جيڪڏهن بدين ۾ قائم ڪيو وڃي ته انکي ڀنڀور تي ڪو به اعتراض نه هوندو. جيڪا ڳالهه پڻ نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته 24 اپريل تي ڀنڀور ڊويزن جي ڪيل اعلان جي سڀ کا اڳ واري خبر پڻ ڊاڪٽر فهميده مرزا جي هئي جيڪا ميڊيا ۾ رپورٽ ٿي. هاڻ ڊاڪٽر فهميده مرزا چوي ٿي ته ڀنڀور ڊويزن جو هيڊ ڪوارٽر بدين ۾ مقرر ڪيو وڃي ته هوءَ نئين ڊويزن جي مخالفت نه ڪندي جنهن مان ظاهر آهي ته بدين جي عوام طرفان ڪيل سخت احتجاج کانپوءِ ڊاڪٽر فهميده مرزا جي موقف ۾ تبديلي آئي آهي. ڄاڻايل اجلاس ۾ يا ان کان ٻاهر شايد ڊاڪٽر فهميده مرزا آصف زرداري اڳيان مڪلي هيڊ ڪوارٽر تي اعتراض واريا هجن.

هن ڏس ۾ اها ڳالهه پڻ نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته ڄاڻايل ان اجلاس ۾ اويس مظفر جي موجودگي ۾ آصف علي زرداري نئين تڪراري ڊويزن جي قيام جو سڄو الزام اويس مظفر تي لڳائڻ ۽ ان جو اجلاس ۾ خاموشي اختيار ڪرڻ ۽ نئين ڊويزن تي ڪيل فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ به معنيٰ خيز آهي. ان مان ان ڳالهه جو پڻ امڪان آهي ته آصف علي زرداري جا ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان ٿيل اختلاف ختم يا تمام گهٽجي ويا آهن. ڄاڻو ذريعن موجب آصف علي زرداري ۽ مرزا خاندان جي وچ ۾ پيدا ٿيل سمورا مسئلا ۽ معاملا حل ٿي ويا آهن. جنهن ڪري اويس مظفر واري پيپلز پارٽي جي ڌڙي جي ڪيل ڪن غلط ۽ مرزا خاندان مخالف فيصلن تي آصف علي زرداري نظرثاني ڪري رهيو آهي. ڀنڀور ڊويزن جو فيصلو واپس وٺڻ تي اويس مظفر جو ڌڙو سخت ناراض ۽ مرزا خاندان اندروني طور تي خوش آهي. انهن ذريعن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ مرزا خاندان ۾ ٺاهه ٿيڻ بعد جلدي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي اهم عهدو ۽سندس پٽ حسنين مرزا کي سنڌ جي اهم وزارت ملڻ واري آهي، جنهنجو فيصلو ٿي ويو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر ڊوالفقار مرزا پنهنجي ڊگهي خاموشي کي ٽوڙي سنڌ جي سياست ۾ اهم ڪردار ڪرڻ وارو آهي. جيڪا ڳالهه سندس حريف ڌر خاص طور تي اويس مظفر، ڪمال چانگ ۽ ڊاڪٽرعزيز ميمڻ جهڙن پيپلز پارٽي جي عهديدارن کي يقيني طور پريشان ڪندي.

تڪراري ڀنڀور ڊويزن تي سڄي سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن کي سخت خدشا هئا. سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي ڌرين اهي خدشا ظاهر ڪيا هئا ته اها پراسرار ڊويزن اوچتو خاص ذاتي مفادن لاءِ ٺاهي ويئي هئي. جنهن جو مقصد تڪراري ذوالفقار آباد منصوبي کي جيئارڻ هو. جنهن رٿا خلاف سنڌي عوام ڀرپور تحريڪ هلائي ان کي ناڪام ڪري ڇڏيو هو. ذوالفقار آباد جو سنڌ دشمن منصوبو پڻ ڀنڀور ڊويزن ۾ شامل ٽن ضلعن ٺٽو، بدين ۽ سجاول تي مشتمل آهن. جن ٽنهي ضلعن جي سامونڊي پٽي ۾ تيل، گئس، سون، لوهه، ٽامي، جست ۽ ڪوئلي وغيره جا سڄي دنيا کان وڌيڪ معدني وسيلا آهن. جن قدرتي وسيلن تي قبضو ڪري ڌارين ماڻهن جا ڪٽڪ آڻي اتي آباد ڪري انهن وسيلي سنڌ جي ان دولت کي لٽڻ ڦرڻ لاءِ ڀنڀور ڊويزن جهڙا سنڌ ۽ عوام دشمن منصوبا جوڙيا پيا وڃن. سخت عوامي رد عمل ۽ احتجاجي تحريڪن کان پوءِ حڪومت پنهنجا اهڙا غلط فيصلا واپس وٺڻ تي مجبور ٿئي ٿي. اصل ۾حڪومت کي ڪن ماڻهن گروهن سرمائيدار ۽ بلڊر مافيا جي ذاتي مفادن جي بجاءِ عوام جي ڀلائي ۽ انهن جي سک ۽ سهولت لاءِ انهن جي مرضي ۽ مشاورت سان انتظامي فيصلا ۽ منصوبا جوڙڻ گهرجن.

ڀنڀور ڊويزن جو جيتوڻيڪ ختمو پڙهجي ويو آهي ۽ اها قبر ۾ دفن ٿي ويئي آهي. پر ميڊيا جا ڪجهه حلقا ۽ ضلعي ٺٽي جي شهر بٺوري ۽ سجاول وغيره جا ڪي دوست بي خبري يا بي علمي سبب ڀنڀور ڊويزن جي قبر کوٽڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهن کي صلاح آهي ته اهي جيري ڪارڻ ٻڪري ڪهڻ جي هرگز ڪوشش نه ڪن. ننڍڙن پتڪڙن فائدن جي بجاءِ سڄي سنڌ ۽ لاڙ جي مسڪين ۽ ڏتڙيل عوام جي اجتماعي فائدن ۽ نقصانن کي ڌيان ۾ رکي پنهنجا قلم هلائين. اسان سڀني کي خبر آهي ته ٺٽي ۽ سجاول جا لکين ماڻهو هاڃيڪار ڀنڀور ڊويزن جي معمولي فائدن ۽ دائمي نقصانن کان بي خبر ۽ اڻ ڄاڻ آهن. اهي ڪهڙي طرح سان تڪراري ڀنڀور ڊويزن جي حمايت ڪري سگهن ٿا؟ تاريخي ضلعي ٺٽي ۽ سجاول جا سڀئي ساڃاهه وند سڄاڻ ماڻهو ڀنڀور ڊويزن کي ذوالفقار آباد جو ٻيو نالو سمجهي ان کي رد ڪري چڪا آهن. جڏهن ته بدين جي عوام ان خلاف تاريخساز تحريڪ هلائي ان آفت کي مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏيو آهي. باقي رهيو ماتلي ضلعي جو شوشو جيڪو پڻ دفن ٿي ويو آهي. ماتلي ضلعي جو مبينا اعلان پڻ ذوالفقار آباد ۽ ڀنڀور ڊويزن جي ڪڙي آهي. جيڪو بدين ضلعي جي مفاد ۾ نه آهي. ڇاڪاڻ ته بدين اڳ ۾ پڻ هڪ ننڍو ضلعو آهي. ان کي ٽوڙي ٻه اڌ ڪرڻ سان بدين جي تاريخي ضلعي جي تهذيبي ثقافتي ۽ علمي ادبي سڃاڻپ ختم ٿي ويندي. ٽنڊو باگو تعلقو ٺٽي ويندو تلهار تعلقي جو عوام سخت متاثر ٿيندو. ماتلي ضلعو پڻ ٺهڻ سان بدين، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار ۽ خود حيدرآباد سميت چار ضلعا سخت متاثر ٿيندا. جن جي حد بندين ۽ تڪ بندين ۾ ڦير ڦار ڪرڻي پوندي. جنهن سان عوام چئن ئي ضلعن ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، مٽياري ۽ سجاول وغيره جي حالت زار اسانجي اکين اڳيان آهي، جن مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. عوامي طاقت سان لڙهي ويل ڀنڀور ڊويزن بدين جي عوام جي سوڀ آهي. بدين جي عوام ان شامت خلاف بدين بچايو تحريڪ جي مورچي تان جيڪا شاندار تحريڪ جي نتيجي ۾ بدين ۽ سنڌ واسين کي ان آفت ۽ شامت کان ڇوٽڪارو مليو آهي. اها تحريڪ شهيد عوام فاضل راهو جي جنم ڀومي واري تاريخي ڳوٺ راهوڪي مان شروع ٿي. جنهن مان ايم آر ڊي تحريڪ سميت بي شمار عوامي تحريڪن سوڀ ماڻي. هن تحريڪ ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي ڇڏي ڪري سنڌ جي اٽڪل سڀني قومپرست تنظيمن سياسي سماجي مذهبي ۽ واپاري پارٽين ۽ تنظيمن ان جهدوجهد ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. جنهن تحريڪ جي اڳواڻي شهيد عوام فاضل راهو جي پٽ اسماعيل راهو ڪئي. جنهن کي سڀني پارٽين جي اڳواڻن تحريڪ جو ڪنوينر مقرر ڪيو. بدين بچايو تحريڪ جي سنڌ تي اهم شهرن کانسواءِ ننڍن شهرن ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا ۽ بدين ضلعي ۾ مڪمل طور تي شٽر ڊائون ۽ ڦيٿا روڪ جام تاريخساز هڙتال ڪئي. ٻئي طرف “افيئر” سان ڳالهائيندي ڪنوينر اسماعيل راهو چيو آهي ته تحريڪ جو هڪ مرحلو مڪمل ٿيو آهي. بدين بچايو تحريڪ سڀني پارٽين جي ساٿ سان جاري رهندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو