Home / ڪور افيئر / جمهوريت جي جان بخشي ۽ پارليامينٽ جو ڪردار
above article banner

جمهوريت جي جان بخشي ۽ پارليامينٽ جو ڪردار

Fayaz Naichاعتزاز احسن ۽ خورشيد شاهه بهرحال اهو ثابت ڪيو آهي ته سندن سياسي تجربو ۽ معاملا فهمي جو ڏانو ن ليگ جي قيادت کان گھڻو وڌيڪ آهي، جو هنن وزيراعظم کي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گھرائڻ جو مشورو ڏنو. ان اجلاس ڪيترن ئي سببن جي ڪري حڪومت جي پوزيشن کي مظبوط ڪيو آهي. مثال طور هونئن سڄو ڏينهن عمران خان ۽ قادري واري واري سان اچي خطاب ڪندا هئا جنهن جي ڪري ملڪ جي سموري ميڊيا توڙي عوام جو فوڪس انهن ٻنهي تي هيو، پر جيئن ئي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس شروع ٿيو ان ۾ اعتزاز احسن، محمود خان اچڪزئي، مولانا فضل الرحمان، خورشيد شاهه، مخدوم جاويد هاشمي، سينيٽر زاهد حسين ، رضارباني ۽ ٻين اڳواڻن جي ڊگھين ڊگھين تقريرن کي جڏهن ميڊيا لائيو ڏيکارڻ شروع ڪيو ته ان سان عمران ۽ قادري جو هڪ ته ٽائيم گھٽجي ويو ٻيو ته سندن تنقيد جو فوڪس به شريف ڀائرن کان هٽي خورشيد شاه، محمود خان, فضل الرحمان ۽ ٻي قيادت تي وڃي بيٺو. ان کان به وڏي ڳالهه ته پارليامينٽ اندر جڏهن ملڪ جي سموري سياسي قيادت گڏجي وزيراعظم کي استعيفا نه ڏيڻ ۽ سندس مڪمل پٺڀرائي جو يقين ڏياريو ۽ ڌرڻو ڏيندڙ ٻنهي گروهن جي قيادت کي تنقيد جو نشانو بنايو ته ان سان ڌرڻي جي قيادت جو اعتماد لڏي ويو ۽ کين ان ڳالهه جي ضرورت محسوس ٿي ته هو به پارليامينٽ ۾ اچي پنهنجي پوزيشن واضع ڪن.

August 31, 2014   17

پارليامينٽ اندر جيڪي تقريرون ٿيون اهي انتهائي اهم آهن ڇاڪاڻ ته ملڪ جي لڳ ڀگ سموري سياسي قيادت انهن ڌرڻن جي پٺيان عسڪري قيادت جي ملوث هجڻ جي ڳالهه ڪئي. اعتزاز احسن چيو ته قادري ۽ عمران “ييس ۽ نو جو انتظار ڪندا رهيا”، مولانا فضل الرحمان به ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس کانپوءِ آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان تي تنقيد ڪندي چيو ته “اسان تي (سياسي قيادت) تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته انهن لشڪرن جي خلاف طاقت جو استعمال نه ڪيو وڃي”، محمود خان اچڪزئي ته اڃا به واضح ڪندي چيو ته “انهن کي اسلام آباد مان ايئن ٻاهر ڪڍو جيئن انهن کي پي ٽي وي مان ٻاهر ڪڍيو هيئو”. پاريامينٽ ۾ اهو به چيو ويو ته رياست جي هڪ اداري يعني پوليس تي حملا ڪيا پيا وڃن ته رياست جي ٻي اداري يعني فوج جي حق ۾ نعرا هنيا پيا وڃن ان سان ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي؟ ڇا پوليس هندستان جي آهي ۽ فوج پاڪستان جي آهي؟ مخدوم جاويد هاشمي ته ڄڻ اکين ڏٺي شاهد وانگر شاهدي ڏيندي ڳالهه کي چٽو ڪري ڇڏيو ته فيصلا ڌرڻو هڻندڙ پارٽين جي قيادت ڪان پئي ڪري پر شيخ رشيد ذريعي ملندڙ پيغامن جي بنياد تي فيصلا ڪيا پيا وڃن. مطلب ته پارليامينٽ جي ان گڏيل اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي معاملن ۾ عسڪري قوتن جي غير آئيني ۽ غير قانوني مداخلت تي کليل تنقيد ڪئي وئي. حامد مير تي ٿيل حملي کانپوءِ سندس اداري پاران جيڪو “غير ذميدارانه ” ردعمل سامهون آيو هيو ان کان پوءِ ملڪي ميڊيا اندر فوج جي حمايت ۾ جيڪو ڪجهه لکيو ۽ ڳالهايو ويو ان جي ڪري ڪيترا ماڻهو جيڪي ان حوالي سان مختلف راءِ رکندا هئا سندن راءِ ڄڻ ته دٻجي وئي، ان راءِ کي ڪو ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو ڪو ميڊيا هائوس ان راءِ کي ڪو اسپيس ڏيڻ لاءِ تيار نه هو تنهنڪري هاڻ جڏهن پرليامينٽ جي فلور تي ملڪي سياسي قيادت عسڪري قوتن جي غير آئيني مداخلت کي تنقيد جو نشانو بنايو آهي ته ملڪ جي سڀ کان بنيادي مسئلي يعني “حق حڪمراني” وارو بحث نئين سر شروع ٿي ويو آهي. اها سٺي ڳالهه ٿي آهي ته ملڪ جي سياسي قيادت ميچوئرٽي جو مظاهرو ڪندي پنهنجن ننڍڙن اختلافن جي باوجود ان معاملي تي هڪ آواز تي بيٺا آهن. تنهنڪري عسڪري قيادت کي اهو پيغام انتهائي واضح نموني سان ملي ويو آهي ته معاملو هرو ڀرو ايترو سولو به ڪونهي. حالانڪه وزيراعظم آرمي چيف کي ٽياڪڙي لاءِ درخواست ڏيئي پنهنجي پوزيشن تي ڪمپرومائيز ڪيو، نه صرف اهو پر ان سان گڏوگڏ اهي خبرون به اچن پيون ته شهباز شريف ۽ چوڌري نثار آرمي چيف سان جيڪي ملاقاتون ڪيون آهن انهن ملاقاتن ۾ ن ليگ جي ٻنهي اڳواڻن کيس ان ڳالهه جي پڪ ڪرائي آهي ته مشرف جي معاملي توڙي ملڪ جي پرڏيهي معاملن بابت حڪومت آرمي جي هدايتن تي عمل ڪندي. پر تجزيه نگار ان خيال جا آهن ته ميان نوازشريف ان ڳالهه تي نه بيهندو خاص طرح هاڻ جڏهن کيس پارليامينٽ جي ايڏي مضبوط ۽ غير مشروط حمايت حاصل آهي ان کانپوءِ هو شايد شهباز شريف ۽ چوڌري نثار پاران آرمي چيف کي ڏنل پڪ تي عمل نه ڪري. شايد ان خطري کي محسوس ڪندي چوڌري نثار پارليامينٽ جي ان ٻڌي ۽ ايڪي کي ڇيهو رسائڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بيريسٽر اعتزاز احسن کي هرو ڀيرو تنقيد جو نشانو بنايو پر ميان نواز شريف پاڻ ذاتي طور تي اعتزاز احسن، خورشيد شاهه توڙي مولانا فضل الرحمان معرفت آصف زرداري سان رابطو ڪري معاملي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، وزير اعظم ته اڃا به هڪ قدم اڳتي ويندي پارليامينٽ جي فلور تي پڻ معافي گھري پر چوڌري نثار پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه آهي تنهنڪري ايندڙ ڏينهن ۾ وزير اعظم لاءِ سڀ کان وڏو چيلنج پنهنجن “ڇڙواڳ” وزيرن کي ڪنٽرول ڪرڻ هوندو.

هن معاملي جي حوالي سان جيڪي مختلف تجزيا ۽ تبصرا سامهون آيا آهن اهي ڪافي دلچسپ آهن. اسان جي هڪ سينئر صحافي انصار عباسي هڪ کل جهڙو مضمون لکيو آهي ته: پاڪستان جي فوج مڪمل طرح غير سياسي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪي مهم جو جنرل ڪي مهم جويون ڪندا آهن ان جو الزام پوري فوج تي نٿو لڳائي سگھجي. چيو اهو پيو وڃي ته پاڪستان جي فوج ۾ آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل جا عهدا انتهائي اهم آهن. قانوني طرح توڙي جو آءِ ايس آءِ جو سربراهه چيف جي ماتحت هوندو آهي پر اڪثر ان عهدي تي ويٺل آفيسر پنهنجي هلائيندا آهن. جنرل پرويز مشرف جڏهن چيف جسٽس افتخار چوڌري خلاف ريفرنس موڪليو هيو ته ان ۾ آءِ بي، ايم آءِ توڙي ملڪ جي ٻين ايجنسين ان ريفرنس جي حمايت ۾ قسم ناما جمع ڪرايا هئا پر ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل اشفاق پرويز ڪياني چيف جي خواهش جي باوجود پنهنجو قسم نامو جمع نه ڪرايو هيو. ايئن ئي گذريل دور ۾ جڏهن ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي جنرل پاشا ٽيون ڀيرو واڌ جو آسرو نه ملڻ تي ميمو جو مسئلو پيدا ڪري زرداري صاحب تي دٻاءُ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

هن وقت به نه صرف آءِ ايس آءِ جي سربراه جي عهدي تي ويٺل جنرل ظهيرالاسلام کي آڪٽوبر ۾ رٽائر ٿيئڻو آهي پر ان سان گڏوگڏ منگلا جو ڪور ڪمانڊر جنرل طارق خان، گجرانوالا جي ڪور ڪمانڊر جنرل سليم نواز، پشاور جي ڪور ڪمانڊر جنرل خالد رباني ۽ ڪراچي جي ڪور ڪمانڊر جنرل سجاد غني کي رٽائر ٿيڻو آهي.جيڪڏهن جنرل راحيل شريف کي آرمي چيف نه بنايو وڃي ها ته هو به هن سال پهرئين آڪٽوبر تي مٿين پنجن جنرلن سان گڏ رٽائر ٿي وڃي ها. ايئن ئي ايندڙ سال آڪٽوبر تائين 8 ٻين جنرلن کي رٽائر ٿيڻو آهي. فوج جي اندر هونئن ته مجموعي طرح تي رٽائرمينٽ ، پوسٽنگ توڙي ترقي جي حوالي سان هڪ سگھارو سسٽم موجود آهي پر ايوب، ضياءُالحق ۽ مشرف توڙي گذريل زرداري حڪومت دوران فوجين جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي ڪري ڪيترن ئي آفيسرن جي دل ۾ اها خواهش جنم ضرور وٺندي آهي ته کين به جيڪڏهن سال ٻه جي واڌ ملي وڃي، ان حوالي سان ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي تي ويٺل آفيسر ته ڪجهه “هٿ پير هڻڻ ” جي پوزيشن ۾ به هوندو آهي. تنهنڪري هن ڀيري اهو جيڪو ڌمچر متل آهي ڪافي تجزئي نگار ان کي ان پسمنظر ۾ به ڏسن پيا.

اڃا تجزئي نگارن جو هڪ حصو ان کي عالمي سياست جي دائري ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سندن موءَقف آهي ته چين شروع کان وٺي پاڪستان جو انتهائي ويجھو دوست ملڪ رهيو آهي، چين هر فورم تي پاڪستان جي سفارتي حمايت ڪندو رهيو آهي ان سان گڏوگڏ جي ايف ٿنڊر 17 ، ٽينڪس، آبدوزون توڙي ٻيا دفاعي سازوسامان به پاڪستان کي ڏيندو رهيو آهي. پر چين جو پاڪستان اندر سيڙپڪاري جي حوالي سان رڪارڊ سٺو ڪونهي.

هي پهريون ڀيرو آهي جو چين پاڪستان ۾ 34 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ تي راضي ٿيو آهي تنهنڪري اولهه جون قوتون جيڪي اڳي ئي چين جي گوادر ۾ موجودگي جي ڪري پريشان هيون اهي پاڪستان اندر چين جي ايڏي وڏي سيڙپڪاري جي ڪري وڌيڪ پريشان ٿيون آهن تنهنڪري انهن پاڪستان جي سياسي توڙي عسڪري حلقن اندر پنهنجن حمايتين کي سرگرم ڪيو آهي. ان ٿيوري جا حامي چون ٿا ته سازش جي منصوبه بندي “لنڊن پلان” دوران ڪئي وئي هئي جڏهن قادري ڪئناڊا کان لنڊن اچي چوڌري ڀائرن سان ملاقات ڪئي هئي ۽ ڪپتان خان به اتي پهتو هيو.

اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ان حوالي سان شايد وڌيڪ خبرون به منظرعام تي اچن. پاڻ هڪ ٻي پاسي کان ڳالهه جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. توڙي جو چيو اهو پيو وڃي ته ڌرڻن جي ڪري ملڪي معيشت کي 6 سو کان هزار ارب رپين جو نقصان پهتو آهي. ان سان گڏوگڏ مالديپ، سريلنڪا توڙي چين جي سربراهن جا دورا ملتوي ٿي ويا آهن ۽ پوري دنيا ۾ ملڪ جو اميج به خراب ٿيو آهي پر انهن ڌرڻن جا ڪافي فائدا پڻ ٿيا آهن. مثال طور ماڊل ٽائون واري واقعي جي ايف آءِ آر ملڪ جي وزيراعظم توڙي وزير اعلي خلاف ناليوار ڪٽي وئي آهي. اڳ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کانسواءِ شايد ڪنهن به سربراهه تي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو آهي. اها هڪ سٺي روايت آهي ته قانون جي نظر ۾ حاڪم ۽ عوام برابر هجن. ڌرڻن جو ٻيو وڏو فائدو اهو ٿيو آهي ته پي ٽي آءِ جي مطالبن جي فوڪس جي ڪري ملڪ جي چونڊ سرشتي ۾ بهتريون اچڻ جو امڪان پيدا ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن ايئن ٿي ويو ته ان سان جمهوريت کي ڪافي فائدو پهچندو. ٽيون وڏو فائدو ملڪ جي سياسي قيادت جو پنهنجو پاڻ ۾ ۽ ملڪ جي جمهوري نظام ۾ اعتماد آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ جهڙي نموني مختلف پارٽين جي اڳواڻن وزير اعظم ۽ جمهوري نظام جي غير مشروط حمايت ڪئي آهي اها ڪافي اتساهيندڙ آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي بهتر مستقبل جو ڏس ڏيندڙ علامت آهي. ان کان به سٺي ڳالهه اها ٿي آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مخدوم جاويد هاشمي، رضارباني، شاهه محمود قريشي، ۽ ٻين اڳوڻن پاڪستان “پوليٽيڪل ڪلاس” جي ناڪامي جو اعتراف ڪندي چيو ته بدقسمتي سان ملڪ جي پارليامينٽ ملڪ جي هاري، مزدور ۽ عام ماڻهو جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ هيل تائين ڪاميابي حاصل نه ڪري سگھي آهي. ان سان گڏوگڏ ننڍن صوبن جي محرومي جو آواز به پارليامينٽ جي فلور تي گونجندو رهيو. ملڪ جي سياسي قيادت ۾ ان ڳالهه جو احساس ۽ ان جو اظهار ۽ ڳالهه تي اتفاق هڪ سٺو سنوڻ آهي. تنهنڪري جيڪو چوندا آهن ته حرڪت ۾ برڪت آهي هن ڀيري پاڪستان جي سياسي منظر نامي تي پيدا ٿيل ان تحرڪ جي پٺيان جيڪي به قوتون هيون ۽ انهن جا جيڪي به مقصد هيا پر هن تحرڪ جا “سائيڊ افيڪٽس” ڪافي فائديمند آهن.

fayaznaich@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو