Home / ڪور افيئر / خطرو ٽري ويو يا جمهوريت مٿان تلوار لٽڪيل رهندي؟
above article banner

خطرو ٽري ويو يا جمهوريت مٿان تلوار لٽڪيل رهندي؟

Razak Khatiپاڪستان جي تاريخ ذلتن ۽ خوارين سان ڀريل آهي، ان ڪري ماضي ۾ اهڙا ڪي واقعا يا قصا موجود ئي ناهن جن کي ياد ڪري ماڻهو جو ڪنڌ فخر سان اوچو ٿي وڃي، اسلام آباد کان پنڊي ۽ پنڊي کان اسلام آباد اقتدار منتقل ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ۽ نه ان ۾ ڪو تعجب به آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ رياستي طاقت جو مرڪز سدائين پنڊي ئي رهيو آهي، ان سموري عرصي ۾ ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو سڌي طرح ۽ باقي عرصو اڻ سڌي طرح پنڊي وارا ئي اقتدار جا صاحب رهيا آهن.

70ع واري ڏهاڪي ۾ قائد اعظم وارو پاڪستان ٽٽي ويو هو، ان بعد جيڪو پاڪستان بچيو اهو ڀٽو جو پاڪستان هو، پاڪستان ۾ باقائده عوامي سياست جو دور به اهو ئي ڳڻيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڀٽو پاڻ به سياسي ڌرين لاءِ آمر ثابت ٿيو، جڏهن جنرل ضيا ڀٽو جي اقتدار تي قبضو ڪيو ته سياسي ڌريون ٻرن ۾ لڪي ويون، ڀٽو کي پنڊي وارن ڦاهي ڏئي لاش لاڙڪاڻي موڪلي ڏنو، ملڪ هڪ خوف جي ور چڙهيل هو، هر طرف “ پاڪستان ڪا مطلب ڪيا، ڦاسي ڪوڙي مارشل لاءَ جا نعرا هئا، ان بعد جڏهن ضياءَ جو سي ون ٿرٽي ڦاٽو ته پاڪستان ۾ ووٽ جي پرچي جو وارو آيو، پر ان ۾ به بي ايماني ڪئي وئي جيڪا اڃا تائين جاري آهي، محترمه بينظير ۽ ميان نواز شريف کي ٻه ٻه ڀيرا حڪومتون ڏنيون ويون، ۽ بعد ۾ مشرف اچي ويهي رهيو، ميان نواز شريف جلاوطن ٿيو ۽ محترمه کي پنڊي ۾ شهيد ڪري لاش وري لاڙڪاڻي موڪليوويو، ڳڙهي خدا بخش ۾ جڏهن محترمه کي دفن ڪيو پئي ويو ته ان وقت شاھنواز ڀٽو ۽ مرتضيٰ ڀٽو جون قبرون اڳ ۾ ئي اتي موجود هيون. اهي سڀ اهي شهيد هئا جن کي آمريتن جمهوري جدوجهد جي سزا ڏني هئي. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ نيون سياسي پارٽيون ٺاهي هن ملڪ اندر پنهنجا تڪ ٺاهيا، ۽ انهن سياسي ڌرين هر دفعي انهن لاءِ مهري جو ڪم ڏنو.

August 31, 2014   24

پر پوءِ به هن دفعي الائي ڇو ڪجهه ڪجهه تبديل نظر آيو آهي، رڳو پاڻ ئي نه پر گهڻن ان کي محسوس ڪيو آهي . انهن احساسن جي ڄمار ڪيتري آهي، ان بابت ف الحال ڪجهه به ٻڌائي نٿوسگهجي، پر اهو ضرور آهي ته ان قسم جا احساس پاڪستان ۾ رهندڙ انهن ماڻهن، پنهنجي زندگي ۾ پهريون ڀيرو محسوس ڪيا آهن، جن هن ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ پنهنجي وس آهر ڪوششون ڪيون آهن ۽ هنن جو عوامي قوتن ۾ ويساھ به وڌيو آهي.

پاڪستان جي موجوده حڪومت ۽ ان سان گڏ، جڏي جمهوريت کي ويڙهڻ جي آخري مرحلي ۾ جيڪڏهن مخدوم جاويد هاشمي سونامي جي ورچڙهيل تحريڪ انصاف جي چيئرمين سان اصولي بغاوت ڪري ان ٻيڙي مان نه لهي ها ته نه رڳو پاڻ ٻڏي ها پر اهو سڄو نظام به ٻڏي وڃي ها، هو پاڪستان جي سياسي منظر نامي تي اهڙو طاقتور ۽ قد آور اڳواڻ طور سامهون آيو آهي، جنهن محفل جي رازن کي فاش ڪرڻ جو “ڏوھ” ڪري هن سموري سياسي سيٽ اپ کي بچائي ورتو آهي، هو هڪ دفعو وري پاڪستان ۾ هڪ اهڙي قابل احترام سياسي شخص طور اڀري آيو آهي، جيڪو پنهنجي پارٽي کانسواءِ هر هنڌ عزتون ماڻي رهيو آهي، مخدوم جاويد هاشمي جيڪڏهن بيجن وارن جي ڳالهه نه ڪري ها ته آءِ ايس پي آر ان ڳالهه جي ترديد ڪرڻ جي زحمت به نه ڪري ها، جنهن جو مطالبو قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاھ چوڌري نثار جي ان تقرير جي رد عمل ۾ ڪيو هو ، جنهن ۾ نثار جو چوڻ هو ته وزيراعظم پاڪستان جي موجوده سياسي بحران ۾ آرمي چيف کي ٽياڪڙ يا سهولت ڪار ٿيڻ جي آڇ نه ڪئي آهي، جنهن ڏينهن خورشيد شاھ قومي اسيمبلي ۾ اها ڳالهه ڪئي ، ان ڏينهن ان ڳالهه جي اميد ڪئي پئي وئي ته آءِ ايس پي آر قومي اسيمبلي ۾ اٿيل ان سوال تي پنهنجو ردعمل ضرور ظاهر ڪندي، پر اها توقع پوري نه ٿي، پر ٻئي ڏينهن جڏهن مخدوم جاويد هاشمي عمران خان ۽ قادري جي سازش جا راز فاش ڪيا ته صورتحال مڪمل طور تبديل ٿي وئي، ان ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس به شروع ٿي چڪو هو، جنهن ڪري گڏيل ايوان ۾ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جا چاڳلا اتحادي به ان خلاف ڳالھائي رهيا هئا، مولانا فضل الرحمان جي تقرير ڪيترن ماڻهن لاءِ حيران ڪندڙ هئي، ۽ اهو به واضح محسوس ٿي رهيو هو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجا اتحادي تبديل ڪري ڇڏيا آهن، مولانا جي مخالفت ان ڪري به جائز هئي ته ماضي ۾ هو جن جي ونگار وهندو رهيو انهن پاڻ ان جي سامهون هڪ اهڙي طاقت تيار ڪري کڙي ڪري ڇڏي ،جيڪا مولانا جي ڪنڌ ۾ پئجي وئي آهي.

جيڪڏهن غور سان ڏسجي ته پاڪستان جي موجوده حڪومت پنهنجي سياسي ساک ۽ رٽ مڪمل طور تي وڃائي چڪي هئي، پر مخدوم جاويد هاشمي ۽ ان ئي ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس بعد صورتحال مڪمل طور تبديل ٿي وئي آهي، سياسي پارلياماني ڌريون مڪمل طاقت سان هن حڪومت کي بچائڻ لاءِ پهرين صف ۾ بيٺل آهن، انهن واضح چيو آهي ته وزيراعظم ڪنهن به صورت ۾ استيعفا نٿو ڏئي سگهي، جڏهن ته راز فاش ٿيڻ بعد جيڪي ڌريون پردي جي پويان هيون اهي به هاڻِي پوئتي ٿيڻ تي مجبور ٿي ويون آهن، مولاناقادري ۽ عمران خان کي اهڙُو رستو گهرجي جنهن سان هو پنهنجي باقي ٿوري گهڻي رهيل عزت بچائي سگهن، جڏهن ته حڪومت جي اها ڪوشش آهي ته ڪنهن به صورت ۾ اهڙو رستو انهن ٻنهي کي فراهم نه ڪيو وڃي، پر مخالف ڌر جي پارٽين جي اڪثريت جي اها ڪوشش آهي ته ڪنهن به صورت ۾ اهو مسئلو عزت ڀرئي طريقي سان حل ڪرائي ان سياسي بحران کي ٽاريو وڃي. پيپلزپارٽي سميت مخالف ڌرين جي اها ڪوشش آهي ته اهو مسئلو حل ڪرائي تحريڪ انصاف کان استيعفائون واپس وٺرائي کيس اسيمبلي ۾ آندو وڃي، جيئن هو هڪ دفعو وري نه رڳو ان سسٽم جو حصو ٿين پر کين سياسي طور ٻه طرفو نقصان ڏئي پي ٽي آءِ جي قيادت کي ان ڳالهه جو به احساس ڏياريو وڃي ته هو پنڊي بدران هاڻي عوام جي طاقت تي وڌيڪ ڌيان ڏئي، مخالف ڌر جي خواهش تحت جيڪڏهن ڳالھيون ڪامياب ٿيون ۽ تحريڪ انصاف اهو ڌرڻو ختم ڪري واپس اسيمبلين تان استيعفائون واپس وٺي قومي اسيمبلي ۾ اچي ٿي ته ان جو کيس اهو فائدو ٿيندو ته هو چونڊ سڌارن واري ڪميٽي ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري سگهندي، پر کيس گهڻو وقت عوام جي ان سوال جو به جواب ڏيڻو پوندو ته جنهن اسيمبلي کي هنن جعلي قرار ڏنو ٿي اهي واپس ان ۾ ڇو ويٺا آهن. جڏهن ته ٻئي طرف جن پي ٽي آءِ کي اهو سمورو سسٽم ويڙهڻ لاءِ موڪليو هو ، انهن کي به خبر پئجي ويندي ته آئنده هو جنهن کي به موڪلين ته ان ڳالهه جو ضرور خيال رکن ته انهن جي صفن ۾ ڪو جاويد هاشمي موجود نه هجي.

هن وقت جيڪو سياسي بحران آهي، ان جي ٽري وڃڻ جا گهڻا امڪان پيدا ٿي ويا آهن، ڪجھ وقت ۾ صورتحال بهتر ٿي ويندي، پر سوال هي آهي ته جن انهي سڄي پلان کي جوڙيو هو ڇا اهي پنهنجي شڪست قبول ڪري وٺندا يا ٻيهر هڪ وڏي طاقت ۽ رٿابندي سان هن سسٽم مٿان حملو ڪندا؟

مختلف ذريعن سان ٿيل ڪچهرين ۽ زميني حالتن جو جائزو وٺڻ بعد ان ڳالهه جا امڪان بهرحال ضرور موجود آهن ته پردي پويان موجود قوتون ،جن اهو سڄو اسڪرپٽ لکيو هو ، اهي خاموش نه ويهنديون، ڇاڪاڻ ته هن بحران مان نڪرڻ بعد موجوده حڪومت هڪ دفعو وري نئين طاقت سان سامهون ايندي، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت جي اها خواهش هوندي ته هو پرڏيهي پاليسي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ۽ مشرف واري معاملي کي به ائين ئي رکي جيئن خاص عدالت کي اختيار ڏنو ويو آهي. اهڙي ريت پاڪ افغان معاملا ، هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ رابطن جو فيصلو ۽ ان ۾ اڳڀرائي وارن معاملن ۾ به پيش رفت ٿيندي، جنهن ڪري اها ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هوندي، جڏهن ته ان ڳالهه جا به چٽا امڪان آهن ته موجوده حڪومت جا وزير جن جي روين ۾ فرعونيت وڌيڪ آهي، اهي هن بحران مان نڪرڻ کانپوءِ چريء وانگر ويران وير وڌ هوندا، جنهن جي نتيجي ۾ سياسي ڌريون هنن جون وڌيڪ مخالف ٿي وينديون، ۽ پوءِ هڪ دفعو وري پس پرده قوتون ان ڳالهه جو فائدو وٺي هڪ دفعو وري پنهنجي نئين اسڪرپٽ سان سامهون اينديون، ۽ شايد ان ڌڪ مان حڪومت پاڻ کي نه بچائي سگهي، ان ڪري هاڻي حڪومت وٽ بهترين آپشن موجود آهن، جنهن جو استعمال ڪري هو نه رڳو پاڻ کي پر هن نظام کي به مضبوط ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن حڪومت صبر ۽ عقل کان ڪم ورتو ته ان جي پهرين ترجيح اها هجڻ گهرجي ته هو ان بحران مان نڪرڻ شرط فوري طور تي پنهنجي روين جو جائزو وٺي ۽ ايمانداري سان سچاين جو تعين ڪري ته هن کان ڪٿي ۽ ڪهڙيون غلطيون ٿيون آهن، انهن غلطين جو ازالو ڪرڻ لاءِ پاليسي ترتيب ڏئي ۽ ان سان گڏوگڏ سمورين سياسي ڌرين کي گڏ کڻي هلي، وزيرن جي ڪنڌ ۾ جيڪو سريو پيل آهي اهو ڪڍي انهن کي نرم گفتار جو مالڪ بڻايو وڃي، ۽ هن نظام کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ فوري طور تي چونڊ سڌاران واري ڪميٽي کان ڪم وٺي ان جي سفارشن تي ايمانداري سان عمل ڪيو وڃي، ۽ خاندان بدران ڪجهه پارٽي جي ٻين ماڻهن کي به موقعو ڏنو وڃي ته جيئن اهي به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.

موجوده سياسي بحران پاڪستان جي سياسي ڌرين ۽ سول سوسائٽي کي وڏو سبق ڏنو آهي، جنهن تي سوچڻ ۽ غور ڪرڻ جي ضرور ت آهي، ان جي مثبت پاسن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سياست کي بدنام ڪرڻ بدران بدڪردار سياستدانن کي وائکو ڪرڻ جي ضرورت آهي، ۽ اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن آهي جڏهن سياسي ريفائنري هلندي رهي ۽ ان مان سياستدان پاڻ کي ڪاميابي سان گذاري پار پون. ان ڪري جيڪو ڪجهه به آهي، اهو هي آهي ته جهڙي تهڙي ئي سهي پر اها جمهوريت هلندي رهي، جيڪڏهن اها هلندي رهي ته زرداري ۽ نواز خاندان جي به تڏا ويڙھ ٿي ويندي،ڇاڪاڻ ته انهن خاندانن جيڪڏهن پنهنجو رويو ۽ پاليسيون تبديل نه ڪيون ته انهن جو حشر به گانڌي خاندان جهڙو ٿيندو، ان ڪري جمهوريت تڏهن مضبوط ٿي سگهي ٿي جڏهن اها مستقل هلي، جمهوريت جي رستي تي اسپيڊ بريڪر جو تصور نه هوندو آهي.

هن دفعي مخالف ڌر جي سمورين سياسي پارٽين پنهنجو ڪردار واضح ۽ چٽي نموني ادا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڌٻڻ ۾ ميان نواز شريف ۽ ان جي حڪومت ڦاٿل هئي ، ان کي مخدوم جاويد هاشمي ۽ مخالف ڌر جي جماعتن مڙسي ڪري نه رڳو بچائي وڌو آهي، پر انهن کي به پڌرو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي ان نظام جي تباهي جا آرڪيٽيڪٽ هئا، هاڻي ذميواري حڪومت مٿان اچي بيهي ٿي، هن وٽ هاڻي ساڍا 3 سال باقي آهن، جنهن ۾ نه رڳو کيس ڪم ڪرڻو آهي، پر سياسي طور تي به اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا جيڪي جمهوري نظام کي طاقت ڏين، جيڪڏهن هن دفعي هي حڪومت جمهوري ادارن کي طاقت ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي ته پوءِ ان جي ذميوار به اها ئي هوندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو