Home / اسپيشل افيئر / دهلي اِن ڪراچي!
above article banner

دهلي اِن ڪراچي!

Akhtar Balochڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي، برطانوي راڄ دوران هڪ ڊگهي عرصي تائين سنڌ بمبئي جو حصو رهي. ان حوالي سان ڪراچي ۾ اهڙيون لاتعداد جايون ۽ بازارون آهن جيڪي بمبئي جي نالي سان منسوب آهن. ليڪن هوريان هوريان اهي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي رهيون آهن. جڏهن ته بمبئي جي نالي سان منسوب حيدرآباد، جي مشهور ” بمبئي بيڪري” اڃا تائين سڄي دنيا ۾ سڃاتي وڃي ٿي. جڏهن ڪراچي کان حيدرآباد وڃڻ ٿيو ته توهان بمبئي بيڪري بابت ضرور ٻڌائبو.

بمبئي جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي ليڪن دهلي جي ڇا ڳالهه ڪجي، ورهاڱي کانپوءِ ان سان منسوب دڪان، بازارون، رهائشي ڪالونيون، وڌنديون پيون وڃن. جيڪڏهن توهان جوهر موڙ لنگهي مشهور “پرفيوم چوڪ” …(هي چوڪ به پنهنجي الڳ ڪٿا رکي ٿو، پڪ سان توهان ان بابت به ڄاڻڻ چاهيندا.. توهان جي اها خواهش ضرور پوري ٿيندي ليڪن هاڻي نه ڪنهن ٻئي ڀيري)… طرف هلو ته چوڪ کان اڳ توهان کي مامون دهلي ڪباب واري جو دڪان نظر ايندو. ليڪن اهو دڪان برانچ آهي، اصل وڏو دڪان واٽر پمپ ويجهو آهي.

شاهراهه فيصل تي ڪڏهن ايئرپورٽ کان ايندي نرسري جي اسٽاپ تي کاٻي پاسي ڏسندا ته دهلي سوئيٽس ۽ بيڪرز نظر ايندو. برنس روڊ جي ته ڳالهه ئي الڳ آهي. دهلي نهاري، دهي ڀلي، دهلي سوئيٽ ۽ ٻيو گهڻوڪجهه، جن کاڌ خوراڪ وارن دڪانن تي نالي واري تختي ناهي لڳل انهن جي به دعويٰ آهي ته اهي دهلي وارا آهن.

دهلي جي نهاري ته ڪراچي جي لڳ ڀڳ سمورن علائقن ۾ ملندي آهي. ليڪن سول اسپتال ۽ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي جي قائم ڪيل SIUT جي پٺيان ادريس نهاري جي ڇا ڳالهه آهي. ان جي خوبي اها آهي ته اهي ڊاڪٽر جيڪي سڻڀا کاڌا کائڻ کان منع ڪندا آهن. اهي پاڻ هتي گروپ جي شڪل ۾ ايندا آهن ۽ دهلي جي چٽکي دار کاڌن سان يڪجهتي جوا ظهار ڪندا آهن. برنس روڊ تي اڇي ۽ سائي مسجد کان اڳ هڪ خيراتي اسپتال به آهي. اها اسپتال “جميعت پنجابي سوداگران دهلي” جي نگراني ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هن جماعت جي نگراني ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اسپتالون، خيراتي ادارا، تعليمي ادار به خدمتون نڀائي رهيا آهن.

August 15, 2014   45

“جميعت پنجابي سوداگران” بابت تفصيل سان ذڪر اڳتي هلي ڪبو، سوال اهو آهي ته دهلي ۾ آخر ڪهڙي ڪشش آهي جو ورهاڱي جي 65 ورهين کانپوءِ به پاڪستان ۾ آباد دهلي جي اڳوڻن رهواسين جي هتي دل نٿي لڳي.

مير تقي جيڪو اردو ٻولي جي وڏن شاعرن مان هڪ هو، جڏهن دهلي کان لکنئو متنقل ٿيو ته سندس شڪل شبيهه ڏسي لکنو جي رهواسين مٿس چٿرون ڪيون. جنهن تي ڏکارو ٿي هن شعر لکيو:

ڪيا بودو بارش پوڇو هو پورب ڪي ساڪنون

هم ڪو غريب جان ڪي هنس هنس پڪا رڪي

دلي جو اڪ شهر ٿا عالم مين انتخاب

رهتي ٿي منتخب هي جهان روزگار ڪي

اس ڪو فلڪ ني لوٽ ڪي ويران ڪر ديا

شا حاتم جو شعر آهي :

پگڙي اپني يهان سنڀال چلو

اور بستي نهين يه دلي هي

دهلي سوين ورهين تائين ننڍي کنڊ جي راڄڌاني رهي. “جمعيت پنجابي سوداگران دهلي” جي هڪ اهم اڳواڻ انور ٽنيٽ واري، دهلي سان نسبت جو ڪارڻ اهو بيان ڪيو ته گهڻي عرصي تائين راڄڌاني رهڻ سبب اتي پئدا ٿيندڙ هر شخص جينيئس هوندو آهي. پنهنجي جماعت بابت هن جو چوڻ هو ته: “روايتن موجب قديم پنجاب مان ڪجهه خاندان جيڪي مذهبي لحاظ کان هندو ۽ نسلي طرح کتري هئا، ليک جي ڏڻ جي موقعي تي گنگا اشنان ڪرڻ لاءِ نڪتا. رستي ۾ سندن ملاقات هڪ پهتل برزگ سان ٿي ۽ ان جي دعوت تي انهن اسلام قبول ڪيو. انهن ڪٽنبن جو انگ 40 جي لڳ ڀڳ هو. ڪجهه واپس پنجاب موٽي ويا، ڪجهه دهلي ۽ ڪجهه اتر پرديش جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ رهي پيا ۽ محلن ۾ اجتماعي طور رهڻ لڳا. اهي ئي ڪٽنب مسلم پنجابي چوائڻ لڳا.

پنجابي سوداگران برادري جو مرڪز گهڻو تڻو دهلي ڪلڪتو رهيو. 1947ع ۾ ورهاڱي کانسوءِ برادري جو وڏو انگ ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيو. 9 نومبر 1949ع تي جميعت پنجابي سوداگران دهلي ڪراچي جو بنياد وڌو ويو. هن برادري جا ماڻهو بهادر آباد ويجهو دهلي مرڪنٽائل سوسائٽي، پنجاب چورنگي ويجهو دهلي ڪالوني ۽ ڪورنگي ريلوي ڪراسنگ سان لاڳاپيل الله والا ڪالوني ۾ آباد آهن. جيئن انور ٽينٽ واري مون کي ٻڌايو هو ته : “ دهلي جو هر ماڻهو جينيئس هوندو آهي”

شايد ان ئي ڊپ مان محمد تغلق هندستان جي راڄڌاني تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مشهور هندستاني اديب نور الحسن هاشمي پنهنجي ڪتاب ”دهلي” ڇپائيندڙ ساهتيه اڪيڊمي ۾ لکي ٿو ته: 1326ع ۾ صورتحال تيزي سان بدلجڻ شروع ٿي، سلطان محمد تغلق طئي ڪيو ته راڄڌاني دهلي بدران ديوگري منتقل ڪئي وڃي، ڇو ته اهو شهر هندستان جي وچ ۾ هو. ان ڪري اتان سڄي ملڪ جو انتظام بهتر طور تي سنڀالجي پيو سگهي. هن ديونگري جو نالو مٽائي دولت آباد رکي ڇڏيو (يعني علائقن جا نالا تبديل ڪرڻ جي شروعات هتان ٿي هوندي) ۽ دهلي جي سموري آبادي کي حڪم ڏنو ته اهي هتان کان گهڻو پري دولت آباد منتقل ٿي وڃن.

لڳ ڀڳ 12 ورهيه پوءِ سلطان کي احساس ٿيو ته قديم دور کان جيترا به حملي آور هندستان ۾ داخل ٿيا اهي ملڪ جي اترئين اولهائين سرحدن کان آيا ۽ اها وڏي غلطي ٿي ته دهلي کي بادشاهه جي موجودگي ۽ حفاظت کان محروم ڪيو ويو. هاڻي ته ڪو به حملو ڪندڙ افغانستان جي رستي هندستان ۾ داخل ٿي دهلي تي بنا ڪنهن سخت مزاحمت جي قابض ٿي پئي سگهيو. تنهن ڪري 1341-42ع ۾ سلطان دولت آباد کي ڇڏي خير سان پراڻي راڄڌاني دهلي موٽي آيو.

اوهان ڏٺي دهلي جي ڪشش ۽ اهميت! منهنجو استاد حسين نقي چوي ٿوته شهنشاهه همايون جڏهن هندستان بدري کانپوءِ ٻيهر موٽيو ته ساڻس رند بلوچن جو هڪ فوجي جٿو به گڏ هو ليڪن جڏهن اورنگزيب اقتدار سنڀاليو ته سڀ کان اڳ انهن رند بلوچن کي هندستاني پنجاب جي علائقي هريانه ۾ جاگيرون ڏئي دهلي بدر ڪيو. هن ايئن ڇو ڪيو؟ چيو اهو ٿو وڃي ته امڪان اهي هئا ته دهلي ۾ رند بلوچن جي موجودگي مغل اقتدار لاءِ خطرو بڻجي پئي سگهي.

ورهاڱي کانپوءِ انهن بلوچن جو هڪ وڏو انگ پاڪستان لڏ پلاڻ ڪري ويو. اهي هينئر به لاهور، ملتان، ڪراچي ۽ ميرپور خاص جي مختلف علائقن ۾ آباد آهن، پر هاڻي اهي بلوچي بدران اردو ڳالهائن ٿا. ليڪن ذات جي خاني ۾ بلوچ ئي لکن ٿا.

سنڌ بمبئي کان ته آزادي حاصل ڪري ورتي ليڪن دهلي، دهلي آهي، ان کان پاند ڇڏائڻ نامڪن آهي. ڳالهه رڳو کاڌ خوراڪ جي شين جي دهلي سان نسبت جي نه آهي. پاڪستان ۾ پهرين اردو اخبار به دهلي مان آئي هئي جيڪا مير خليل الرحمان آندي هئي. هاڻي اهو جنگ گروپ جي نالي سان تمام وڏو ادارو آهي. (ليڪن عتاب هيٺ آهي) حڪمت به دهلي مان آئي، جيڪو حڪيم سعيد پاڻ سان گڏ کڻي آيو ۽ همدرد يونيورسٽي جهڙو شاندار ادارو قائم ڪري ويو. هو پوءِ سنڌ جو گورنر به بڻيو ۽ پوءِ ان ئي ڏوهه ۾ ماريو ويو.

ضيا ءُ الحق کانپوءِ پاڪستان تي هڪ ڊگهي آمريت ذريعي حڪومت ڪرڻ به ڪراچي جي هڪ دهلوي پرويز مشرف جي حصي ۾ آئي. هاڻوڪي ملڪي صدر ۽ فوج جي سپريم ڪمانڊر ممنون حسين جو تعلق به جمعيت پنجابي سوداگران دهلي سان آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو