بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون چيو آهي ته شادي ضرورت ڪنديس، پر في الحال شاديءَ لاءِ هي وقت ٺيڪ ناهي، ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون چيو ته رنوير سنگھه منهنجي زندگيءَ لاءِ موزون شخص آهي، ڇو ته مان تمام گھڻي جذباتي ڇوڪري آهيان ۽ هو ٿڌي دماغ سان سوچيندو آهي. هلندڙ سال فلمي لحاظ کان خوش قسمت ثابت ٿيڻ واري سوال جي جواب ۾ اداڪارا دپيڪا چيو ته اهو ڏکيو آهي، ته هو پنهنجي باقي ڪيريئر جي لحاظ سان ان ۾ ڪجھه فرق ڪري. فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ مان آزاد آهيان، ۽ اهو سڀ ڪجهه ان اعتماد جي ڪري آهي جيڪو مون کي فلمي دنيا ۾ رهي هن وقت تائين مليو آهي.
اداڪارا چيو ته مون کي فلمن جي ناڪامي يا ڪاميابيءَ جو ڪو به فڪر ناهي هوندو، ڪيريئر جو بنياد منهنجي مداحن جي پسند ۽ ناپسند تي آهي.
هدايتڪار ساجد فرهاد جي هن فلم ۾ اڪشي ڪمار اڳيان تمنا ڀاٽيا مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جڏهن ته مٿن چڪرورتي، پرڪاش راج، سونو سوڊ، جاني ليور، ڪرشنا اڀيشڪ ۽ هيتن تيجوان به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.