Home / ڪور افيئر / رنگين ڊرامي جو فلاپ ڊراپ سين!
above article banner

رنگين ڊرامي جو فلاپ ڊراپ سين!

aijzهي سٽون ڇپجڻ تائين ممڪن آهي ته اسلام آباد ۾ آزادي ۽ انقلا ب جو طويل ڊرامو پڄاڻيءَ تائين پهچي چُڪو هُجي. پر پاڪستان ۾ هڪ ڀيري وري اسٽيبلشمينٽ ۽ سياستدانن جي ويڙهه هڪ اهڙو رخ اختيار ڪري چُڪو آهي جو ان جا اهڙا مظهر اڳتي هلي ڏسڻ ۾ ايندا جهڙا اسلام آباد ۾ هاڻي ڏٺا ويا. سينيٽر رضا رباني درست چيو ته “جيڪڏهن سرڪار بچي وئي آهي ته ان کي عارضي فتح سمجهڻ گهرجي، ان کان اڳتي به سرڪار ۽ جمهوريت کي وڏا لوڏا اچڻا آهن. نئين صورتحال ۾ طاهرالقادري ۽ عمران خان کي شڪست ٿي چڪي آهي. ان شڪست سبب عمران خان ۽ طاهرالقادري کي اسٽيبلسمينٽ کان شڪايت آهي ته پنڊي وارا عمران ۽ طاهرالقادري جي بيوقوفين سبب کانئن ناراض آهن. ڇو ته انهن لکيل اسڪرپٽ مطابق “ڊرامو” تيار نه ڪيو. يا پنڊي وارن ٻنهي کي کارائي نپائي وڏو ته ڪيو پر سندن عوامي سگهه بابت غلط اندازو لڳايو ويو. ڌرڻو هڻندڙ ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ويجهڙائپ رکندڙ هاڻي ذاتي ڪچهرين ۾ “ناڪامي” جو اعتراف ڪن ٿا. ڇو ته انهن کي يقين ڏياريو ويو هئو ته آگسٽ جو آخري هفتو سرڪار جي خاتمي جو هوندو. آگسٽ گذري ويو. سيپٽمبر هلي پيو. اسڪرپٽ لکندڙ اِها ڳالهه وساري ويٺا هئا ته ملڪ ۾ پارليامينٽ به آهي هُو شايد اها ڳالهه به وساري ويٺا هُئا ته اڄڪلهه 1990ع جو زمانو به ڪونهي جو ڪنهن مهراڻ بئنڪ ذريعي آءِ جي آءِ ٺهرائي وڃي. کانئن اها ڳالهه به رهجي وئي ته ملڪ جي آئين ۾ “58 ٽو بي” به موجود ناهي جو ڪو فاروق لغاري اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ موجود هجي.

آخر پلان ڇا هو؟ لنڊن پلان بابت “افيئر” جي جون جي شماري ۾ ڇپيل مضمون ۾ ڏنل حقيقتون اڄ سميت دُرست آهن. ڪم سڄو انهي اسڪرپٽ مطابق ئي شروع ٿيو پر بدلجندڙ حالتن اسڪرپٽ ۽ اسڪرپٽ لکندڙن کي “فلاپ” بڻايو. لکيل اسڪرپٽ مطابق عمران خان ۽ طاهر القادريءَ کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هڪ لک ماڻهو اسلام آباد تائين پهچائڻا هئا. پر هي همراهه ڏهه ڏهه هزار ماڻهو مشڪل سان پهچائي سگهيا. اسڪرپٽ مطابق ٻنهي کي گڏ لانگ مارچ شروع ڪرڻو هئو پر ٻنهي کي هڪ ٻئي تي يقين ڪو نه هئو. ٻنهي اها دعويٰ ڪئي ته وٽس ماڻهو وڌيڪ آهن. اسڪرپٽ مطابق پيپلز پارٽي ۽ آصف علي زرداريءَ لاءِ جيڪو اسڪرپٽ لکيو ويو هئو آصف علي زرداريءَ ان ڪردار کي مڃڻ کان ئي انڪارڪري ڇڏيو هئو. ماڻهن کي اها ڳالهه اڃا دير سان سمجهه ۾ ايندي ته آصف زرداري سڄو عرصو دبئي ۾ ڇو ويٺو هئو ۽ چين ڇو ويو؟ اصل ۾ زرداري انڌي منڊي ڪمزور جمهوريت کي ڪيرائڻ کان انڪار ڪيو. سمجهو ته زرداري به اسٽيبلشمينٽ کان بغاوت ڪئي، جڏهن ته کيس ٻڌايو ويو ته هو نواز شريف کان اليڪشن وارو حساب ڪتاب برابر ڪرڻ لاءِ پلاند وٺي. پيپلز پارٽي پنجاب ۾ نواز شريف خلاف شديد نفرت موجود آهي. پر زرداري پنهنجو ڪردار تبديل ڪري نواز شريف جي سرڪار بچائڻ جو ڪردار ادا ڪيو. نه رڳو ايترو پر زرداري ايم ڪيو ايم کي به وچ ۾ پوڻ کان جهليو. اسڪرپٽ مطابق ايم ڪيو ايم کي ڪراچي ۾ ڌرڻو هڻڻو هئو. لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ ڌرڻا هڻي هاءِ ويز کي بلاڪ ڪرڻو هئو پر ايم ڪيو ايم پٺتي هٽي وئي. اسڪرپٽ مطابق قومي اسيمبلي مان استعيفائن جو مرحلو سڀ کان آخري مرحلو هئو ان مرحلي کان اڳ علامه قادري کي پارليامينٽ هائوس، سپريم ڪورٽ، پي ٽي وي اسٽيشن تي قبضا ڪرڻا هئا. کيس يقين ڏياريو ويو هئو ته اوهان جي ڪارڪنن کي پوليس ڪجهه نه چوندي، ۽ پي ٽي وي ۾ ڏنڊا بردار لشڪر جي گهڙي وڃڻ ۽ اتي موجود وردي وارن جو خاموش رهڻ ان ڳالهه کي ڪنهن حد تائين ثابت به ڪري ڇڏيو پر جيئن ته قادري وٽ ماڻهو گهٽ هئا ۽ پارليامينٽ تي حملي وقت مٿن پوليس رٻڙ جون گوليون به هلايون، شيلنگ به ٿي، جنهن سبب سندس ماڻهو ڀڄي ويا ۽ اسيمبليءَ جي عمارت تي قبضو نه ڪري سگهيا. اسڪرپٽ لکندڙن کي اندازو نه هئو ته ان دوران سياستدان اسيمبلي جو اجلاس به گهرائيندا. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس به گهرائيندا. سينٽ ۽ قومي اسيمبلي جو گڏيل اجلاس ۾ سڀني تي ملامت به ٿيندي. اهڙي ريت عمران ۽ قادريءَ کي لکي ڏنل سڀ منصوبا ناڪام ويا. وچ ۾ مخدوم جاويد هاشميءَ جي بغاوت به اچي وئي، جنهن اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کي وائکو ڪري فوج کي اهڙي بند گهٽي ۾ بيهاريو جو کيس في الحال هٿ ڪڍڻ ۽ پٺتي هٽڻ تي مجبور ڪيو.

August 31, 2014   23

پارليامينٽ ۾ سڀني ڌرين جو هڪ ٿيڻ، مخدوم جاويد هاشمي جا انڪشاف، عالمي سطح تي فوج جي مخالفت سبب عمران ۽ قادري کي چيو ويو ته ڳالهيون ڪري پنهنجي جان ڇڏائين. اهو ئي ڪارڻ آهي جو بار بار ڳالهيون ختم ڪندڙ عمران خان ۽ قادري باربار سرڪار سان ڳالهيون به ڪندا رهيا. عوام جي اکين ۾ ڀلي ڌوڙ وڌي وڃي پر ڳالهين ۾ ڪڏهن به وزيراعظم جي استعيفيٰ جو نقطو ئي شامل ڪو نه هئو. عمران ۽ قادري هڪ اهڙي دٻڻ ۾ ڦاٿا جو ان مان نڪرڻ لاءِ کين تشدد جو رستو آسان لڳو پئي پر حڪومت تشدد جو رستو اختيار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اسڪرپٽ مطابق ملڪ ۾ هڪ قومي حڪومت ٺهڻ جو مطالبو ڪرڻو هئو. ان ۾ پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم به شامل هئي اوهان کي ياد هوندو ته ايم ڪيو ايم جو سربراهه باربار قومي حڪومت جو مطالبو به ڪندو رهيو، اها قومي حڪومت گهٽ ۾ گهٽ سال ڏيڍ لاءِ هجي ها. 2015ع جي آخر ڌاري ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائڻيون هيون. ان کان اڳ قادري ۽ عمران جي تجويزن مطابق آئين ۽ قانون ۾ ڪجهه تبديليون ڪرڻيون هيون. قومي حڪومت جي مطالبي کي زور وٺرائي ايم ڪيو ايم کي به اسيمبلين تان استيعيفائون ڏيڻون هيون. ايم ڪيو ايم پنهنجي حساب سان قومي حڪومت جو مطالبو به ڪندي رهي ۽ استعيفائن جي ڌمڪي ڏيندي رهي. پر ايم ڪيو ايم جون سڀ ڳالهيون بي اثر ثابت ٿيون ڇو ته اسڪرپٽ لکندڙ خود هٿ ڪڍي ويا هئا.

پنڊيءَ وارا هاڻي اسڪرپٽ ۾ تبديلي ڪندا. ترميمن مطابق هاڻي ملڪ ۾ هڪ نئين مسلم ليگ (ق) ٺاهڻ جي تياري ٿي رهي آهي. عمران خان ۽ طاهر القادري ان لاءِ ڪردار ادا ڪندا، ممڪن آهي ته ڪجهه ٻيون ڌريون به اڳيان اچن. ايندڙ وقت ۾ پيپلز پارٽيءَ جو ڪردار اهم هوندو. نواز شريف سرڪار ڊاهڻ لاءِ ڇهن مهينن کانپوءِ وري هڪ حملو ٿيندو. ان جو طريقو ڪهڙو هوندو ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي پر سرڪار جي ڪا ننڍڙي غلطي به سندس لاءِ طوفان کڻي ايندي. مُلڪ ۾ هڪ وڏي ميڊيا گروپ جي هڪ سگهاري اداري سان پڻ جنگ جاري آهي. ان جنگ ۾ سرڪار ڄاڻايل ميڊيا گروپ سان گڏ بيٺل آهي. اها جنگ پڻ وڌندي نظر پئي اچي. ٻيا ميڊيا گروپ سگهاري ڌر سان گڏ بيٺل آهن. تبديليءَ ۽ انقلاب جي عنوان سان لکيل اسڪرپٽ مطابق ان سڄي ڊرامي تي اربين روپيا خرچ ٿي چُڪا آهن. ڌرڻن ۾ شريڪ هزارين ماڻهن کي باقاعده اُجرت ملي ٿي. هُو ڏهاڙي تي ڪم ڪري رهيا آهن. اسڪرپٽ لکندڙ عمران خان ۽ طاهرالقادريءَ تي شديد چڙيل آهن، جنهن سبب کين ڪجهه نين قوتن جي پڻ تلاش هوندي. پيپلز پارٽيءَ جو خيال آهي ته مُلڪ ۾ صرف عام چونڊن ذريعي تبديلي آندي ويندي ۽ پيپلز پارٽي هن وقت چونڊن لاءِ تيار ناهي. حڪومت جا پنج سال ته پورا ٿين يا نه پر پيپلز پارٽي پنج سال پورا ڪرڻ جي ڳالهه ڪندي. هن وقت سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي وٽ اڪثريت آهي. سنڌ صوبي ۾ سندس حڪومت آهي. وفاق ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ سندس آهي. گهڻو امڪان آهي ته اڳتي هلي موجوده اقتدار ۾ سندس “پاور شيئرنگ” ۾ واڌارو اچي. نواز شريف هن بحران کان نڪرڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي وفاقي سرڪار ۾ شامل ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو