Home / سنڌ افيئر / سنڌجون وساريل ٻهراڙيون!
above article banner

سنڌجون وساريل ٻهراڙيون!

Nasir Panhwarان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته شهر معاشي ترقي جي انجڻ آهن. پر شهرن جي ترقي اسان جي ذهنن تي ايتري ته سوار ٿي وئي آهي جو ٻهراڙين کي اسان مڪمل طور وساري ڇڏيو آهي ۽ ٻهراڙين جي صورتحال بابت ڪير به نه ٿو ڳالهائي.

جيتوڻيڪ پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سبز انقلاب جي شروعات ٿي ته ان وقت ڳوٺاڻي ترقي سياستدانن توڙي ڪامورن جو پسنديده موضوع هئو. هڪ زرعي سماج جي ترقيءَ لاءِ ڳوٺاڻي ترقي کي سرڪاري ايجنڊا ۾ ڀرپور جاءِ ملي. اسي جي ڏهاڪي جي آخر تائين پاليسي جوڙيندڙ ادارا ڳوٺن جي ترقي لاءِ سنجيده ڏسڻ ۾ آيا، جنهن جو هڪ مثال 1979ع وارو لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس پڻ آهي جنهن تحت ڳوٺاڻي ترقي لاءِ ٻن سطحن تي يونين ڪائونسل ۽ ضلعي ڪائونسل جو نظام رائج ڪيو ويو. انهن ٻنهي ادارن نه رڳو مقامي سطح تي ڳوٺاڻي ترقي جو نظام ڏنو پر ضلعي سطح تي وڏيون ترقياتي ضرورتون پڻ پوريون ڪيون ويون.

بهرحال اڳتي هلي اسي ۽ نوي جي ڏهاڪي ۾ شهرن ڏانهن آبادي جي يلغار سبب سرڪار توڙي ترقيءَ جي ايجنڊا ۾ شهرن جي ترقيءَ مرڪزي حيثيت حاصل ڪري ورتي.

شهرن ۾ سياسي پارٽين جو قيام ۽ انهن جو محور به شهر هجڻ سبب ٻهراڙين تي شهر عملي طور حاوي ٿي ويا آهن. ان کان سواءِ معاشي ترقي ۽ صنعتي ترقيءَ به شهرن کي فائدو ڏنو ۽ ٻهراڙيون وڌيڪ نظرانداز ٿيون. پوري ملڪ ۾ وڏن ۽ وچولن شهرن جي وجود ۾ اچڻ ڪري شهرن جي آبادي ۾ واڌ آئي.

2001 وارو لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس به ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيو جنهن ۾ شهرن ۽ ڳوٺن جي وچ ۾ فرق ختم ڪيو ويو. هن آرڊيننس ڳوٺن کان انهن جي شناخت ڦري ورتي ۽ انهن کي شهرن ۾ شامل ڪندي ٽي ايم ايز جي نظام هيٺ ڏنو ويو.

August 31, 2014   11

جيتوڻيڪ ان جو مقصد ته شهرن ۽ ٻهراڙين جي وچ ۾ فرق کي ختم ڪرڻ هئو. پر حقيقت ۾ ان سان اهڙي صورتحال پيدا ٿي جنهن سان ڳوٺن جي ترقيءَ جي حوالي سان خاص ضرورتن کي پورو ڪرڻ بجاءِ نظرانداز ڪيو ويو جنهن سان ڳوٺن جي تنزلي ۽ وڌيڪ پوئتي ٿيڻ جي عمل ۾ تيزي آئي، جڏهن ته صوبن ۾ ڳوٺاڻي ترقيءَ جو اصطلاح ئي ختم ڪيو ويو. برطانوي راڄ دوران گذريل صديءَ جي شروع ۾ صحيح رٿابنديءَ سان ڳوٺن کي آباد ڪرڻ جو سلسلو هڪ مخصوص طريقه ڪار ٺاهيو ويو جنهن تحت رهائش، گهٽين سان گڏوگڏ ماڻهن جي گڏيل سهولتن جهڙوڪ پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاٰءِ به زمين مخصوص ڪئي ويندي هئي پر اڄ اسان جا ڳوٺ رٿابنديءَ جي ڪنهن به اصول کان مڪمل طور وانجهيل آهن. گڏيل سهولتن لاءِ مخصوص زمين سميت گهٽين تي مڪمل قبضا آهن. جڏهن ته گندي پاڻي جي نيڪال ۽ صاف پاڻيءَ جو به ڪو نظام ڪونهي. مجموعي طور تي ڳوٺ جو موجوده زوال ڳوٺن جي ترقي کي گذريل ڪيترن سالن کان نظرانداز ڪرڻ سبب ٿيو آهي جيڪو سلسلو اڄ به جاري آهي. ڳوٺن کي پهتل نقصان رڳو ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي تائين محدود ناهي. زراعت جيڪا ٻهراڙي جي معيشت لاءِ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي خود ڪيترين غلط پاليسين سبب بحران جي ور چڙهيل آهي. زمين جي استعمال بابت ڪنهن به طريقه ڪار نه هجڻ سبب بلڊر مافيا شهرن سان لڳو لڳ زرعي زمين تي رهائشي اسڪيمون ٺاهي رهي آهي.

اهي زرعي زمينون روايتي طور ڀاڄين ۽ ٻين فصلن جي پوکڻ لاءِ استعمال ٿينديون هيون. اهڙي طريقي سان زراعت بابت ٻين ڪيترين غير مناسب پاليسين سبب زراعت تباهه ٿي رهي آهي.

اڄڪلهه سواءِ چند غير سرڪاري تنظيمن جي ايڪڙ ٻيڪڙ منصوبن کانسواٰءِ ڳوٺن جي ترقي ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ ڪا به سنجيده ڪوشش نظر نه ٿي اچي.

سرڪار به ڳوٺن کي پنهنجي قسمت تي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ڳوٺ شهرن جي ڪچي آباديءَ جو ڏيک ڏئي رهياآهن. شهرن ڏانهن وڌيڪ آبادي لڏڻ تي مجبور آهي. خود شهر به وڌيڪ آباديءَ جو بار برداشت ڪرڻ جي قابل نه رهيا آهن.

سنڌ جي شهرن خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٻين صوبن ۽ پرڏيهه مان ايندڙ غير قا قوني آباديءَ جو الڳ دٻاءُ آهي. نتيجي ۾ شهرن جو بنيادي ڍانچو روڊ رستا، ڊرينج، پاڻي وغيره جو نظام به تباهه ٿي چڪو آهي. اسيمبلين ۾ پهتل سياستدان به پنهنجن تڪن، جيڪي ٻهراڙين تي ٻڌل آهن کي نظرانداز ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. هاڻي اهي صرف ووٽ وٺڻ وقت ٻهراڙين ۾ گاڏيون ڊوڙائيندي نظر اچن ٿا. ساڳي حالت ڪامورن جي آهي چيف سيڪرييٽري کان وٺي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر تائين ٻهراڙين ڏانهن رخ ڪرڻ بجاءِ شهرن ۾ قائم آفيسن تائين محدود آهن. اڳ ۾ ڳوٺن مان شهرن ڏانهن منتقل ٿيل ماڻهو عيد براد تي ڳوٺ ويندا هئا پر هاڻي اهو سلسلو به ختم ٿي رهيو آهي. تازو هڪ دوست ٻڌايو ته ڪراچي ۾ رهندڙ جوهيءَ جو هڪ خاندان عيد ڪرڻ جوهي پهتو پر اتي پهچڻ کانپوءِ سخت گرمي، لوڊشيڊنگ، پاڻي ۽ ڊرينيج جي مسئلن سبب وري ٻيهر جوهي ۾ عيد تي اچڻ کان توبهه ڪئي ۽ هڪ ئي رات رهڻ کانپوءِ ڪراچيءَ ڏانهن رخ ڪيو.

جي اسان ڳوٺن جي مالڪي نه ڪئي ۽ ڳوٺن ڏانهن اها روش رهي ته پوءِ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان جا ڳوٺ مڪمل طور تي ميسارجي ويندا ۽ استاد بخاريءَ جو اهو خواب به شايد اڌورو رهجي ويندو ته جيئري ماڻجن جنتون اي سنڌ تنهنجا ڳوٺ جي سڌري پون!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو