Home / اسپيشل افيئر / سنڌين ۾ ڏڦيڙ وجهندڙ ڪوئن جي ڪهاڻي جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو، ھرڪو پنھنجي اگھه اگھاڻو!
above article banner

سنڌين ۾ ڏڦيڙ وجهندڙ ڪوئن جي ڪهاڻي جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو، ھرڪو پنھنجي اگھه اگھاڻو!

Naseer Ejaz“جيڪڏھن توھان سمجھڻ گھرو ٿا ته اسان جي سماج جو ٻيڙو ڪيئن ٻُڏو آھي، علم ادب، فن، صحافت، سياست، واپار، مزدور تنظيمن۽ دانشورن سميت زندگيءَ جي ھر شعبي ۽ ويندي گھراڻن ۽ ذاتي لڳ لاڳاپن ۾ ڏڦيڙ ڪيئن پيو آھي، ته پوءِ ڪُئن جو اڀياس ڪريو ۽ انھن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو،” ھي لفظ مون نه پر ھڪ آمريڪي ليکڪ اينڊريو اسٽرجيو يورپ ۽ آمريڪي معاشري لاءِ چيا آھن. ھو چوي ٿو: “ڪُئو توھان کي ننڍڙو جيتامڙو لڳي ٿو جيڪو بظاھر ڪنھن کي ھاڃو رسائڻ جي سگھه نٿو رکي، پر اصل ۾ ڏاڍو خطرناڪ جانور آھي ۽ انھيءَ ڪري ئي انھن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي آھي. اھو توھان جي بيڊرومن ۾، آفيسن ۾، ڪاروباري ھنڌن تي، سماجي ڪلبن ۾، ڪارخانن ۾، اسڪولن ڪاليجن ۾، ڪلاس رومن ۾ ۽ ايتريقدر جو توھان جي ذھنن ۾ به موجود ھوندو آھي. اھي ڪُئا ساڄي ڌُر، کاٻي ڌُر توڙي اعتدال پسندن ۾ به ھوندا آھن.”

اھي ڳالھيون اسان جي پنھنجي سماج سان به ڪيترو نه ٺھڪي اچن ٿيون. ڄڻ ته سنڌ جي سماج جي ڳالھه ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ اسان ڪنھن ڳالھه تي ھڪ ٿيون ئي نٿا ۽ ڦوٽ جو شڪار آھيون. اھي ٻه چار اکر پڙھي توھان سچ پچ وارن الله جي خلقيل ڪُئن تي اڀياس شروع نه ڪجو ڇو ته اينڊريو اسٽرجيو انھن ڪُئن جي نه پر جاسوس ادارن جي خلقيل انساني ڪُئن جي ڳالھه ڪري ٿو جن کي سماج ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جو ڪُڌو ڪم سونپيو ويندو آھي. اھي اسان توھان جھڙا ھوندا آھن ۽ اسان جي وچ ۾ ئي اُٿندا ويھندا آھن. اسان جو مٿن ذرو به شڪ ڪونه ٿيندو آھي ته ھُو ڪو اسان جون ڪمزوريون، اسان جون اُوڻايون، اسان جا راز اسانجي دشمنن تائين پھچائيندا ھوندا ۽ دشمنن جي منصوبن تحت اسان جي ذھنن تي اثرانداز ٿي اسان منجھه ڦوٽ وجھي اسان کي وڌيڪ ڪمزور ڪندا ھوندا. اسان جي دشمنن لاءِ اھي سموريون خدمتون مالي فائدن، پنھنجي ڪُڌن ڪرتوتن کي لڪائڻ، نظرياتي اختلافن تحت ۽ دشمنيون پاڙڻ توڙي ٻيا فائدا وٺڻ لاءِ سر انجام ڏيندا آھن.

August 15, 2014   38

ته انگريزيءَ ۾ ڪُوئي کي چئبو ئي آھي پر اصل ۾ دنيا جي جاسوس ادارن ۽ خاص طور آمريڪي جاسوس اداري سي آءِ اي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنھنجي مفادن خاطر جيڪي مقامي ايجنٽ ڀرتي ڪرڻ لاءِ طور طريقا ٺاھيا، انھن طريقن لاءِ استعمال ٿيندڙ ھر لفظ جي پھرين حرف کي مِلاين ته به اھو اکر ٺھي پيو. مثال طور:

M for Money

I for Ideology

C for Coercion or Compromise (Blackmail)

E for Ego or Excitement

MICE

چون ٿا ته مقامي ايجنٽ تيار ڪرڻ لاءِ اھي اصول آمريڪا ۽ اڳوڻي سوويت يونين وچ ۾ ھلندڙ سرد جنگ دوران آمريڪي جاسوس اداري سي آءِ اي ۽ سوويت جاسوس اداري ڪي جي بي پاران جوڙيا ويا. ان اصول جو پھريون لفظ آھي پئسو جيڪو ھر ڪنھن جي ڪمزوري آھي. ڪنھن به ماڻھوءَ کي پئسو آڇيو ته ھو ايمان وڪڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. ٻيو اصول آھي ماڻھوءَ جو نظريو ۽ عقيدو. جيڪڏھن پئسي تي ڪير نه وڪامجي ته ان جي نظرين ۽ عقيدن کي استعمال ڪري مخالفن لاءِ اُڀاريو معنى ته فرقيواريت جو ٻج پوکيو. اھڙي ماڻھوءَ کي پوءِ پئسو به ملي وڃي ته باقي ڇا گھرجي. ٽيون اصول اُن مھل استعمال ٿيندو آھي جڏھن پھريان ٻه اصول ڪم نه ڪن. ٽئين اصول تحت ماڻھن جون ڪمزوريون پڪڙي (ڪُڌا ڪرتوت آڏو آڻي) کين بليڪ ميل ڪري ايجنٽ طور ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو آھي. چوٿين اصول تحت اھڙا ماڻھو ڳوليا ويندا آھن جيڪي ايجنٽ بڻجي ڪم ڪرڻ ۾فخر محسوس ڪن ۽ پاڻ کي با اثر سمجھي پنھنجي انا کي تسڪين ڏين. ايجنٽ کي مال ھر حال ۾ ملندو آھي.

جاسوس ايجنسين جا عملدار ڪنھن مقامي ماڻھوءَ کي ايجنٽ طور ڪم ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ خاطر پھرين ته سلام دُعا ڪندا، سُوکڙيون پاکڙيون ڏئي عام قسم جي ڪچھري ڪري خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ۽ پوءِ اصل مقصد ڏانھن ايندا آھن. سندن تيار ڪيل ڪُئا پوءِ اسان جي سماج ۾ عام انسانن وانگي ھلندي ڦرندي “اصل ڪم” ڏيکاريندا آھن.

سي آءِ اي جي کوڙ اڳوڻن عملدارن ۽ جاسوسن رٽائر ٿيڻ تي ڪتاب لکيا آھن، جن ۾ ڪُوئي واري اصول جو ذڪر ٿيل آھي. سي آءِ اي ڪُئن واري اصول تي ئي ماٺ ڪري ڪانه ويٺي آھي. ان لاءِ باقاعده تحقيق ڪيترن ئي ڏھاڪن کان جاري رھي آھي. اھو ڪم سي آءِ اي جي ڪندي آھي جيڪا 1942 ۾ قائم ٿي ھئي. ان ڏس ۾ انٽيليجنس اسٽڊيز جي عنوان سان رينڊي برڪيٽ جي ھڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته ھاڻي “ڪُوئي” واري اصول جي جاءِ “لُچي” (راسڪل) واري اصول والاري آھي. راسڪل اکر به ساڳي طرح ٺاھيل آھي:

R for Reciprocation

A for Authority

S for Scarcity

C for Commitment (and consistency)

L for Liking

S for Social Proof

RASCLS

ھتي فقط انگريزي حرف اَي کُٽل آھي جنھن سان اصل لفظ راسڪل ٺھي ٿو جنھن جي معنى آھي لُچو يا شرير پر اسپيلنگ کي نه ڏسجي ته آواز ۽ ادائگيءَ سان اھو ئي لفظ ٺھي ٿو پوي. مزي جي ڳالهه ته لُچن واري ان نئين اصول تحت ڪم به اھو ئي ڪُئن وارو ورتو وڃي ٿو. ھن نئين طريقي ۾ پئسن جو لفظ استعمال ٿيل ڪونھي. “ايجنٽ خريد ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو. ان ماڻھوءَ جي نفسيات کي پرکيو، سُوکڙين جي بارش ڪريو، ان کي محسوس ڪرايو ته توھان وڏي طاقت ۽ اختيار رکو ٿا، اھڙا موقعا گھٽ ملندا آھن تنھنڪري مستقل مزاجيءَ سان ڪم ڪرڻو آھي ۽ نتيجي ۾ سندس سماجي مرتبو وڌندو،” راسڪل جي فارمولا ۾ ٻڌايو وڃي ٿو. ڪُئن توڙي لُچن جو ڪم بھرحال ساڳيو آھي: معلومات پھچائڻ ۽ پنھنجي ئي قوم کي ڏڦيڙ ۾ وجھي ڪمزور ڪرڻ.

اسان ٿورو پنھنجي اوسي پاسي جو جائزو وٺون ته اسان جي سماج ۾ به اھڙا ڪيترائي ڪُئا ۽ لُچا سرگرم نظر ايندا. ظاھر ۾ اھي اسان جا پنھنجا آھن، قوم جا ھڏ ڏوکي محسوس ٿيندا آھن، ھر فورم تي سرگرم نظر ايندا، ھرمذھبي ۽ سياسي پارٽيءَ ۾ اھم عھدا سندن حوالي ھوندا، اين جي اوز ۾ “عوامي ڀلائي” جو ڪم ڪندي ڏسبا، اھي ئي ماڻھو علم ۽ ادب جي محاذن تي به ڇانيل ھوندا، پر ھر وقت ۽ ھر ھنڌ سندن بنيادي ڪم قوم کي انتشار جو شڪار ڪرڻ ھوندو. اھي ڪُئا ۽ لُچا رُڳو سي آءِ اي جا تيار ڪيل ڪونه ھوندا آھن بلڪ پنھنجي ئي ملڪ جي سگهارن ادارن جا به ھوندا آھن جيڪي سنڌين ۾ ڦوٽ وجھي سنڌ تي پرماري قوتن جي پڪڙ کي ھٿي ڏيندا آھن. پاڪستان جي 67 سالن جي تاريخ اھڙن مثالن سان ڀري پئي آھي.

ڪي نوجوان مونکي فون ڪري يا ايس ايم ايس ذريعي ۽ ڪڏھن ڪڏھن رُوبرو ملڻ تي پڇندا آھن ته سنڌي قوم متحد ڇو نٿي ٿئي؟ سنڌين ۾ ڦوٽ ڇو آھي؟ جڏھن به سنڌين متحد ٿيڻ جي ڪوشش ڪوئي آھي ته منجھن ڪي نه ڪي اختلاف اُڀري ايندا آھن يا وري جڏھن به سنڌ جي قومي مسئلن تي ڪا ھلچل شروع ٿي آھي ته ڪنھن به نتيجي تي پھچڻ کان اڳ ئي ڇوٿڌي ٿي ويندي آھي؟ اھڙي قسم جا سوال ھر انھيءَ سنڌيءَ جي ذھن ۾ مانڌاڻ مچائن ٿا، جيڪي سنڌ لاءِ سوچين ٿا ۽ جڏھن تاريخ کي پڙھندي ان کي اڄ جي حالتن سان ڀيٽين ٿا ته کين ڪابه تبديلي محسوس نٿي ٿئي. سنڌي قوم جون اھڙيون حالتون سندن اندر ۾ ولوڙ وجھي بيچين ڪنديون ٿيون رھن. جيڪڏھن آمريڪي جاسوس اداري جي رٽائرڊ عملدارن جي ٻڌايل انھن اصولن جي روشنيءَ ۾ جائزو وٺجي ته اسان کي سمورا جواب ملي ويندا. ھڪ عام تاثر اسان وٽ اھو به رھيو آھي ته سنڌي قوم تاريخي طور ڪڏھن به متحد نه رھي آھي ۽ ايڪتا نه ھجڻ ڪري سدائين شڪستون کاڌيون آھن. جيڪڏھن سنڌ جي تاريخ جو جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته “ڪُئن” ۽ “لُچن” وارا فارمولا ھتي قديم زماني کان لاڳو ٿيندا رھيا آھن. ھي ٻئي لفظ جديد زماني جي پيداوار چئي سگھجن ٿا پر اھي فارمولا عملي طور ھر دور ۾ استعمال ڪيا ويا آھن. مثال طور جڏھن سڪندر مقدونيءَ سنڌ تي حملو ڪيو ته مقامي سردار ۽ مختلف پرڳڻن جا حڪمران قوم سان غداري ڪري پنھنجي جان بچائڻ لاءِ ساڻس ملي ويا ھئا. ڪيترن ئي سردارن کي ھن لالچون ڏئي خريد ڪري پاڻ سان ملائي ڇڏيو ھو. جڏھن ڪجھه ھزارن تي مشتمل جارح عرب فوج سنڌ تي ڪاھه ڪئي ته به ان وقت جي اندروني ويڙھه، سازشن، مقامي سردارن ۽ پرڳڻن جي گورنرن جي غداريءَ قوم کي شڪست جي ذلتن ڏانھن ڌڪي ڇڏيو. راجا ڏاھر ته نظرياتي ۽ مذھبي ڦوٽ جو به شڪار ٿيو جو برھمڻن جي غلبي سبب ٻُڌ مت جا ماڻھو بيزار ھئا. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي زماني ۾ به ساڳيا ئي ڪارڻ ھئا جن جي ڪري سنڌي قوم ۾ ڦوٽ رھي ۽ اھي سندن ڏن ڀرُو ٿي جيئندا رھيا.

ٽالپر حڪمران سنڌ تي جاگيردارن ۽ قبائلي سردارن جي ذريعي راڄ ڪندا ھئا. انھن ئي جاگيردارن ۽ قبائلي سردارن ساڻن دغا ڪئي ۽ پنھنجون جاگيرون بچائڻ ۽ انعام ۾ وڌيڪ فائدا وٺڻ لاءِ انگريزن جو ساٿ ڏنو ۽ نتيجي ۾ 2800 فوجين تي مشتمل انگريزن جو لشڪر ٽالپرن جي ڏھه ھزار رضاڪار فوج کي شڪست ڏئي سنڌ تي قابض ٿي ويو. ان غداريءَ ۾ ٽالپرن جا گھر جا ماڻھو به شامل ھئا. خيرپور جو حڪمران مير علي مراد ٽالپر ۽ حيدرآباد واري چوياريءَ جو مير صوبدار ٻه وڏا مثال آھن. انگريز آفيسر ايڇ ٽي سورلي 1968 ۾ ڇپيل اولھه پاڪستان گزيٽيئر ۾ لکي ٿو ته مياڻي ۽ دُٻي واري جنگ ۾ شڪست جي نتيجي ۾ ٽالپرن جي حڪومت ختم ٿيڻ تي ٻه ھزار کن جاگيردارن انگريزن سان وفاداريءَ جو اعلان ڪيو ھو جنھن کانپوءِ انگريز حڪمرانن کين جاگيرون رکڻ جو حق ڏنو. انھن جاگيردارن ، وڏيرن ۽ قبائلي سردارن انگريزن کي سنڌ تي ھڪ سئو چار سال راڄ ڪرڻ ۾ مدد ڏني ۽ جنھن به ماڻھوءَ ڌارين حڪمرانن خلاف آواز اُٿارڻ جي ڪوشش ڪئي، تنھن کي چٿڻ ۾ مدد ڪئي. اڄ به سنڌ تي انھن ئي جاگيردارن جي نسل ذريعي حڪمراني ڪئي پئي وڃي. سياسي پارٽين جي قيادت کان ويندي صوبائي اسيمبلي ھجي يا قومي اسيمبلي، سينيٽ ھجي يا وزارتون، ٻه ھزار جاگيردارن جو نسل اسان تي مڙھيل آھي، جيڪو سنڌي قوم کي سندن قومي حقن ۽ خودمختياريءَ جي جدوجھد ۾ سدائين دوکا ڏيندو ناڪام ڪندو رھيو آھي.

سنڌ جي انھن جاگيردارن، وڏيرن ۽ ٻين شاھوڪارن (سيٺين) ڪيئن سنڌ جي قومي تحريڪن جي ڪُک ۾ ڇُرو ھنيو، تنھن جو مثال انگريز بيٺڪي راڄ دوران ھتي ملٽري انٽيليجنس جي سربراھه طور مقرر ڪرنل فلپ جي خط مان ملي ٿو جيڪو ھن سنڌ مان وڃڻ کانپوءِ ھڪ سنڌي دوست کي لکيو ھو. ڪرنل فلپ لکي ٿو: سنڌي وڏيرن ۽ سيٺين سان منھنجي چڱي ڏيٺ ويٺ ٿي وئي ھئي جو خاص انھن لاءِ لاھور ۽ ملتان کان ڪڃريون گھرايون وينديون ھيون. ڊرگ روڊ ڇانوڻيءَ جي اولھه ۾ خاص جشن ڪيا ويندا ھئا ۽ سنڌ جو ذات وڏيرو ۽ سيٺيون اُتي سلامي ھوندا ھئا. اسان راز ھٿ ڪرڻ لاءِ ھن ريت پلان ٺاھيو _ 1 . سنڌي وڏيرن ۽ سيٺين کان نفسياتي طور راز ڪڍيا وڃن. 2 . سندن ظلمن ۽ ٻين ڪُڌن ڪرتوتن جا چِٺا سندن آڏو آڻي (بليڪ ميل ڪري) معلومات وٺجي. 3 . ڪنھن حُر کي پڪڙي اذيت وسيلي راز ھٿ ڪجن.

ھو لکي ٿو ته ٻيو نمبر طريقو معنى ته بليڪ ميلنگ وارو طريقو گھڻو ڪامياب ٿيو. ھڪ وڏيري شھيد پير پاڳاري جا سمورا ڳجھا پلان انگريز سرڪار کي ڏئي ڇڏيا ۽ موٽ ۾ کيس خانبھادر جو لقب ڏنو ويو. “ھڪ ٻئي خابروءَ (ايجنٽ) ته شھيد پير پاڳاري کي گرفتار ڪرائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي ۽ اسان موٽ ۾ کيس ٻاھرين ملڪن ۾ ملڪيتون ۽ گھر وٺي ڏنا ته جيئن راز کلي ته ھو ٻاھر سُکيو ستابو رھي سگھي. ھُوايترو ته سياڻو ھو جو سرڪار کان ڪوبه لقب وٺڻ کان انڪار ڪيائين ته جيئن مٿس ڪو شڪ ئي نه ڪري سگھي.”

ڪرنل فلپ وڌيڪ لکي ٿو ته “حُر تحريڪ ۾ وڏيرن ۽ سيٺين جو چڱو تعاون رھيو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ به ڪا چُون چُرا ڪانه ٿي ۽ اھي حُرن جي چُر پُر کان واقف ڪندا رھيا. وڏيرن پنھنجو فائدو نظر ۾ رکيو ۽ ڪن اٻوجھن کي به حُر ڄاڻائي کانئن ذاتي پلاند ورتا.” سندس چوڻ موجب سڄي سنڌ ۾ انگريز سرڪار جا خابرو (ڪُئا) ھئا. ڪرنل فلپ چوي ٿو: “مان نوابشاھه ويس جتي سمورا خابرو گھرايم. سانگھڙ جو دورو ڪيم جتي پڻ خابرو گھرايم.”

ڪرنل فلپ جي ان خط مان بلڪل واضح آھي ته سي آءِ اي ۽ ڪي جي بي وارا “ڪُئن” ۽ “لُچن” وارا فارمولا انگريزن به استعمال ڪيا. اُن ئي زماني ۾ جڏھن ڪانگريس سِول نافرمانيءَ جي ھلچل ھلائي ته سنڌ جا پير ۽ گادي نشين توڙي مُلا اُن ھلچل خلاف سرگرم ٿي ويا ھئا ۽ ھالا ۾ سندن ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ ذات ميرن، پيرن ۽ گادي نشينن گڏ ٿي ھلچل خلاف ٺھراءُ پاس ڪيو ھو. ھنن ان وقت انگريزن جي حمايت ۾ اھو قدم کڻي ھلچل کي سبوتاز ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ “ڪُوئن” وارو ڪردار ادا ڪيو. ڪرنل فلپ ئي لکي ٿو ته مسلم ليگ بنگال ۽ سنڌ ۾ گھڻو زور ورتو جنھنڪري ھندو مسلم اتحاد ٽُٽڻ شروع ٿيو ۽ آزاد سنڌ ۽ بنگال جي تحريڪن کي سبوتاز ڪرڻ ۾ مدد ملي. “ڪوبه سنڌي سياستدان حُر تحريڪ جي حمايت نه ڪري سگھيو ۽ اسان حُرن کي ڌاڙيل مشھور ڪري ڇڏيو ۽ سادي طبيعت وارن سنڌين جون دليون پاڻ ڏانھن مائل ڪري ڇڏيون.” ان ڳالھه مان آل انڊيا مسلم ليگ جي ڪردار جي به خبر پوي ٿي جنھن لاءِ تاريخ ٻڌائي ٿي ته اھا پارٽي ٺھرائڻ پٺيان اصل محرڪ ته انگريز ئي ھو. ساڳي طرح ڪانگريس جو وجود پيو ھو. ڪرنل فلپ لکي ٿو: “مسلم ليگ ۽ ڪانگريس حُر تحريڪ کي ڌاڙيل چئي ڌُتاري ڇڏيو ھو.”

اينڊريو اسٽرجيو لکي ٿو ته “ڪُئن” وارو فارمولا سول سوسائٽيءَ لاءِ تمام گھڻو ھاڃيڪار آھي. سرد جنگ دوران اھو وڏو خطرناڪ ھٿيار ثابت ٿيو.” ان ھٿيار جي اثرن کي ھو ھنن لفظن ۾بيان ڪري ٿو:

As the principles of M.I.C.E. effect and affect every aspect of peoples lives, for better or worse, in sickness and in health, for richer and for poorer, until death do you part.

M.I.C.E. was the most powerful weapon in the arsenal of the Cold War, which has compromised many politicians, mislead many into wrong thinking, speaking, decisions, that corrupted many merely for money, and brainwashed all of them.

اڄ ھن ملڪ جا سگهارا ادارا انھيءَ فارمولا تي عمل ڪري رھيا آھن. پئسو، اختيار، عياشيون، بليڪ ميلنگ چڱن ڀلن ماڻھن کي پنھنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڪوڙڪيءَ جو ڪم ڏين ٿا. نتيجي ۾ سمورو معاشرو انتشار ۽ بدعنوانيءَ جي اونھي کڏ ۾ ڪري چڪو آھي. ستھٺ سالن ۾ سنڌي قوم حقن جي جاکوڙ ۾ جيڪو به نقصان کاڌو آھي، اھوانھن ڪُئن ۽ لُچن جي ذمي آھي جن جي اسان وٽ کوٽ ڪانھي. اسان کي پنھنجي صفن ۾ انھن ڪُئن ۽ لُچن تي نظر رکڻي پوندي. ڪُئن ۽ لُچن جو ڪردار ادا ڪندڙ اھڙن ماڻھن لاءِ مان ھتي ابراھيم منشيءَ جو ھيءُ شعر ئي چئي سگھان ٿو:

ڪنھن جي ٿي ھت ذات وڪامي، ڪنھن جي ٿي ھت ڏات وڪامي جھڙو ماڻھو، تھڙو ناڻو، ھرڪو پنھنجي اگھه وڪاڻو

(خاص افيئر ميگزين لاءِ لکيل)

nasiraijazpk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو