Home / اسپيشل افيئر / سنڌ جو امن امان چور ڇڏي هَڻُ ڪاٺ ۾ ڀاڳيا !
above article banner

سنڌ جو امن امان چور ڇڏي هَڻُ ڪاٺ ۾ ڀاڳيا !

Amir Bux Sharسونهاريءَ سنڌ جي جنهن سرسبز ۽ باغن واري شهر ۾ اسان رهندا آهيون اتي اسان واري هن يارجو به ديرو آهي، هو گهڻو سوچيندو ۽ گهڻو ڳالهائيندو به آهي، تنهنڪري سڀڪو هن کي مجذوب چوندو آهي ( هونئن توهان ڪپڙين لَٽين ڪڏهن ڪونه ليَکيندئو ته ڪو مجذوب هوندو) سو ڪڏهن ڪڏهن مون وٽ اچي ويهندو آهي ۽ پوءِ بقول ماڻهن جي ته وِڦلندو آهي . ڳالهائڻ ۾ پيو ته سڀ ليڪا لتاڙي ويندو آهي. هڪڙي ڀيري هن جي اها وِڦل رڪارڊ ڪري ڇڏي هيم. اڄ دل چيو هن جي آواز کي قلم تي اوتيان ۽ پڙهندڙن کي انهيءَ مجذوب جي زباني سمورو احوال ڏيان. سوهن جو قصو هن جي ئي زباني حاضر آ، اوهين رڳو هِڪ ڪَنا ٿي ويهي ٻڌو.

اسان جو هي شهر عام طور تي انبن ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي حوالي سان مشهوري رکڻ کان سواءِ امن ۾ به ڏيهان ڏيهه مشهور هيو، هتي جهيڙا جهٽا ته هونئن ئي گهٽ هيا پر چوري چڪاري به اُڙي ٿُڙي ڪا ٿيندي هئي، ماڻهو ڪمن ڪارين مان واندا ٿي وهنجي سهنجي راتين جو آڌيءَ تائين رستن تي پيا گهمندا هڪ ٻئي سان ڪچهريون ڪندا ۽ ٿڌڙيون هوائون کائيندا هيا. پوءِ پوئين حڪومتي دور ۾هڪڙو ڦيرو اهڙو آيو، جو وٺي ٿي ڦُرڦُران شروع ٿئي ته ابا نه عيسو سلامت رهيو نه موسو، تو ۽ مون، هِن هُن، علوءَ ولوءَ ڏندين آڱريون ڏئي هڪ ٻئي کي چيو“ابا هي ڪهڙو ويڌن آ ميان جو گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڌڙا ڌڙ ننڍڙي بندوقڙي ڇاتيءَ تي رکي مڙسن جا کيسا خالي پيا ڪجن. ٻيو ته ٺهيو پر ساڌ بڻيل چور هيڏي ساري شهر ۾ ڪاٺ جون وڏيون وڏيون چاڙهيون ڪلهن تي کڻيو دينا داستي اچن ۽ راڄن کي بندوقڙيءَ جي زور تي گهرن جي ڪوٺين ۾ واڙي گهر کي ٻهارو ڏَيو پيا وڃن”.

تڏهن هر ڪنهن وٽان ورندي اها ئي ملي هئي ته “ ڀائو اهي درياھ بادشاھ جي ساڄي ڪپ جا ٻوڙيل ڏنگا ماڻهو ڏُلي پنهنجي ڏيهه ۾ آيا آهن سي ٿا اهوسڀوڪجهه پيا ڪن ٻيو ڪير ڪونهي”.تن ڏينهن پوليس ڪمانين جي ڪمانيءَ سان ياري هجيم هڪڙي ڏينهن ٺوڪي ٿو کانئس اهو سوال پڇان ، همراھ وراڻيو“ ڀائو اڳي شهر جي آبادي گهٽ هئي ۽ ٻه ٿاڻا هيا هاڻي آبادي هيڪاندي وڌي وئي آهي ۽ پوليس جو سپاھ به گهٽ آهي، تنهنڪري امن قائم رکڻ لاءِ مون سرڪار کي صلاح ڏني آهي هن شهر ۾ ٽي ٻيا به ٿاڻا ٺاهڻ گهرجن”.

August 15, 2014   48

تنهن تي مسڪرائي چيو هيو مانس ته“ جيئندا قبلا پوءِ هو ڪچي پِنڊي کتري ۽ درس فقير جهڙا سادڙا ، ننڌڻڪا ۽ درويش پوليس آفيسر ڪيئن هن شهر جو امن قائم رکيو پئي آيا؟”. منهنجي انهيءَ يار وٽ انهيءَ سوال جو شايد ڪو جواب ڪونه هيو ۽ هن موضوع مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ته سندس چهري مان پيڙا جون ريکائون پڙهندي چيو هيو مانس

“ قبلا توهان جواب ڀلي نه ڏيو پر آئون توهان جي چهري تي لکيل جواب پڙهان پيو. منهنجو مطلب آ ته توهان بيوس آهيو ۽ سياسي حڪومتون جڏهن ملوڪيت تي لَهنديون آهن ته ڪامورا به ملوڪيت وارا هوندا آهن ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيندو آهي جيڪو هينئر ٿئي پيو.”

انهيءَ کان اڳتي نه هن ڳالهايو هيو ۽ نه منهنجي واتان ڪو اکر نڪتو هيو . ها پر ڊگها ۽ ٿڌا شوڪارا اسان ٻنهي ڀريا هيا. سُتت ئي پوءِ هن شهر ۾ ٽي ٻيا به ٿاڻا کليا ۽ هُن جي بدلي ٿي وئي ۽ هو هي شهر ڇڏي هليو ويو هيو.

وري وقت ڦريو هڪڙيءَ رات سنڌ جي انتهائي گهڻ پڙهئي، دانشور۽ لڪا ڀُڻن لوڪ ۾ واري زندگي گذاريندڙ استاد ( جيڪو خود کي ڄٽ چوندو آهي) جي گهر تي هلان ڪري ٻهارو ڏيڻ جي خبر آئي ته وٽس پرسي لاءِ ويس .همراھ معمول جيان مسڪرائي مليو، پُڇيومانس “ ڪير هيا”؟ وراڻيائين “سنڌي سٻاجهڙا”.چيو مانس “پوءِ سالن کان پنهنجن سينن ۾ جيڪا پنهنجي خوابن واري سنڌ سانڍيل آ، ان جو ڀلا ڇا ٿيندو“؟

ٺهه پهه وراڻيائين “ اهوئي جيڪو هينئر ٿئي پيو”.هو معمول جيان مسڪرائيندو رهيو ۽ آئون روئڻهارڪو ٻوٿ کڻي هن وٽان هليو ويو هيس. انهيءَ کان اڳين رات مون انگريز جاسوس ۽ ٽالپر اميرن جو علاج ڊاڪٽر جو ڪتاب “سنڌ جي درٻار” ٻيو ڀيرو پڙهيو هيو. منهنجي ذهن ۾ 1835 وارن سنڌين جون حالتون ڦريون پئي۽ آئون 2013 ۾ هيس. گهڻيئي دماغ کي جهٽڪا ڏنم پر 1835 ۽ 2013 جي فلمن جون ريلون مغز مان نه نڪتيون تان جو نشي جي گوريءَ ننڊ ڏياري ڇڏي.

هلون ٿا اڳتي انهيءَ وٺ وٺان جي ڏينهن ۾ اسان ٻه چار پوڙها رت جي مِٺاڻ جا مريض ( استاد بخاريءَ جي اکرن جا وَڌ ڍاوا) ٿي پيا سين سو ڊاڪٽرن جي صلاحن تي پنهنجو پاڻ کي ٿڪائڻ لاءِ صبح جو سوير اٿي پنڌ ڪندا هياسون، هڪڙي ڏينهن خبر پئي ته اسان چئن مان ٽي ٿي وياسين ۽ جهامن ڪونه آيو، ٻئي ڏينهن جيرام به گِدي ڪئي ۽ پنڌ تي ڪونه هيو. سوچيو سين چڪر ڪهڙو آ الائي سو شامڙيءَ جو جهامن ڏي لنگهي ويس ۽ چيومانس “ابا تون ٻن ڏينهن کان پنڌ تي ڪونه ٿو اچين؟”.

همراھ جو ٻوٿ هيڊو ٿي ويو ۽ واراڻيائين “ڀائو هاڻ ڀلي رت ۾ کنڊ وڌي وڃي ۽ چُڙي چُڙي مري وڃان پر پنڌ ڪونه ڪندس.” پڇيومانس “آخر توسان ويڌن ڪهڙي ٿي آ، جو پنهنجو پاڻ کي هٿ وٺي ٿو قبر ڏي ڌِڪين”؟ ته ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيائين ٽيون ڏينهن جڏهن پاڻ هڪٻئي کان موڪلايو هيو ۽ آئون پنهنجي گهر کان وڌ ۾ وڌ ٻه سئو کن فوٽ ۽ حد جي ٿاڻي کان صرف پنجاھ فوٽ پري هيس ته ڦٽڦٽِيءَ تي ٻه نوجوان اچي رسيا، هٿيار ڏيکاري چيائون جيڪي کيسي ۾ اٿئي سو ڪڍ. منهنجي کيسي ۾ اوڏيءَ مهل هيا ئي مورڳهين ٻه سئو روپيا. سي ڪڍي حاضر ڪيا مانِ، تنهن تان بگڙي مون کي لتن مُڪن ۽ هٿيار جي هٿئي سان مارڻ شروع ٿيا چئي ٿورا پئسا کيسي ۾ ڇو کنيا اٿئي. آئون مار کائيندو ۽ رڙيون ڪندو رهيس، پاسي مان گڏھ گاڏن وارا سبزي منڊيءَ ڏي مال کنيو ويا ۽ آيا پئي ته روڊ سان اُڙيون ٿُڙيون گاڏيون به گذريون پئي پر ڪنهن به ڪجهه ڪونه ڪيو . منهنجي حالت اها آهي جو ٽي ڏينهن ٽاڪوڙون ڪرايون اٿم تڏهن وڃي ڪجهه رِڙهڻ جهڙو ٿيو آهيان، ڌوڙ وڃي پائي اهو پنڌ جيڪو بيماري گهَٽائي، انهيءَ کان ته رلي اوڍي مران سو سُٺو آهي.

هُن جي جواب سان منهنجي دماغ ۾ گهوماٽيون اچڻ لڳيون، هيانءُ ڪچو ٿيڻ لڳو، اُٻڙاڪ آيا، هڪڙي الائي ٻه راتيون ننڊ جون ٻه ٻه گوريون کائڻيون به پيون. پوءِ بس سموري سنگت هڪڙو هڪڙو ٿي اچڻ بند ڪيو ۽ هاڻ آئون اڪيلو صبح ساڻ واڪڙ واڪڙ ڪندو آهيان، ڀانئيان ٿو ته منهنجا به ڏينهن ڀريا بيٺا آهن( مقام ڏي وڃڻ لاءِ نه پر ڪُٽڪو سهڻ لاءِ ڇو جو منهنجي کيسي ۾ ڪوڏي به ڪانهي هوندي)

قصو اڳتي هليو، شهر جي سڀني پاڙن “اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي” واري چواڻي تي عمل ڪندي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ پنهنجا چوڪيدار رکيا ۽ مطمئن ٿي ننڊون ڪرڻ لڳا. هڪڙيءَ رات اسان جي پاڙي جو چوڪيدار گهٽيءَ ۾ توتاليون وڄائيندو پئي هليو ته لوڊشيڊنگ جي ٽائيم تي گهٽي ۾ هڪڙو دُڦڪ ڏسڻ ۾ آيو، هڪل ڪيائينس ته ڪهڙو آهين؟ ڪوئي جواب ڪونه مليو. دُڦڪ ويجهو ٿيڻ لڳو ته هن ٻي هڪل ڪئي، تان جو دُڦڪ وارو همراھ ۽ چوڪيدار وڃي هڪٻئي کي نَرين پيا. چوڪيدار ٺڪاءُ ٿو ڏنڊو ڪرائيس ته اڳلي جو رت ڪُتا ئي نه چٽين، پر پوءِ به اهو همراھ رت ڳاڙيندو اوندھ ۾ ٿاڦوڙا کائيندو، چوڪيدار کان ڀڄي ويو.

اڃا گهڙي ئي نه گذري جو پوليس جي موبائل توتاڙا وڄائيندي اچي پُڳي، ٻوساٽي کڻي چوڪيدار کي موبائل ۾ اڇلايائون، پاڙي وارن رارا ڪئي “ صاحبو هيءُ هن پاڙي جو چوڪيدار آهي ۽ قصو به اجهو هيئن آهي” پر ڪاري ٽوپيءَ ڪنهن جي ڪونه ٻُڌي، پاڙي وارا گڏجي سڄي رات ٿاڻا ڳوليندا رهيا ۽ چوڪيدار “ڌوٻي گهاٽ” تي ڌوپندو رهيو. نيٺ سج به اڀريو، چوڪيدار کي ڀلي چوڪيداريءَ جو انعام اهو مليو جو همراھ کي لاڪ اپ ۾ آندائون ته کنڀڙاٽين مان جهليو پئي آيس ، مڙس جا پير زمين تي ڪونه ٿي کُتا. ( اهو همراھ چريو هيو ،الائي موالي هيو ،الائي پوليس جو گماشتو هيو جنهن کي چوڪيدار ڏنڊو هنيو هيو)

مون ٺوڪي کڻي پوليس جي ڪمانيءَ کي فون ڪيو، فون کڻڻ واري همراھ سان دعا سلام ٿي پنهنجو تعارف ڪرائيندي ڪمانيءَ سان ڳالهرائڻ جو عرض ڪيو مانس.هڪدم وراڻيائين ڪماني صاحب روزو رکي سُتو آهي هاڻي ٻارهين ڌاري جاڳندو، توهان ڪم ٻڌايو آئون لکي رکان ٿو، جيئن ئي صاحب آيو ته کيس اها لکت به ڏيندس ۽ توهان سان ڳالهرائيندس به. آئون جڏهن ماجرا ٻڌائڻ لڳس ته انهيءَ صوبيدار ۽ جمعدار جا نالا ٻڌندي ئي همراھ وراڻيو“ سائين اهو جمعدار انهيءَ حد جي صوبيدار جو فرنٽ مين آهي، ۽ هن شهر جي کوڙ سارن ڏوهن جي پويان انهيءَ جو هٿ آهي، چوڪيدار کي ٻَڌڻ ۽ تشدد ڪرڻ جو سبب اهوئي هوندو ته اهو چوڪيدار پنهنجي گهٽيءَ ۾ هوشياريءَ سان چوڪي ڏيندو هوندو. رات جي وڳڙي ۾ ڪنهن للو پنجوءَ کي گهٽي مان مَٽڻ ئي ڪونه ڏيندو هوندو”.

ڪمانيءَ جي فون کڻڻ واري همراھ جو جواب ٻڌي منهنجا ٺَپ ئي ٺَري ويا پر اڃا به جيڪر اڳتي چئون ته بجاءِ وات ۾ آڱر وجهڻ جي منهنجي مٿئين دانشور دوست جيان آئون “ٺونٺ به دندان” ٿي ويس . سوچيم هيڏي وڏي ڪاموري کي به هيٺين جي ڪرتوتن جي خبر آهي پوءِ به هو لَئيءَ مان لٺ ڪونه ٿو ڀڃي، اتي مونکي قاسم اوٺي جو گهڻو اڳ ڳايل ڪلام ياد آيو هيو “ ته نئون صوبيدار آيو آ، فرياديءَ جي پاڙ پٽيندو چورن جو ته سَوايو آ”. سوچيان ٿو قاسم اوٺي جڏهن اهو ڪلام ڳايو هيو تڏهن برابر صوبيدارن لاءِ ماڻهو ايئن چوندا هوندا. پر هاڻ دنيا جي ترقي ڪرڻ سان اسان به ترقي ڪئي هوندي ۽ اهو ڪلام نئين صوبيدار بجاءِ نئين ڪمانيءَ تي ٺهڪي ٿو اچي.

۽ هاڻ وري اسان جي شهر ترقي ڪئي آهي ۽ هاڻي ٿيو هيئن آهي جو اسان واري شهر جي هر هڪ گهٽيءَ ۾ ۾ رات جي بدران ڌئنوري جهڙي ڏينهن جو ڦورو اچن ٿا، دروازو کڙڪائين ٿا، اندران پڇجي ٿو ” ڪير؟ جواب اچي ٿو پاڙي وارا آهيون نياز ڪيو اٿئون ، توهان کي ڀت ڏيڻ آيا آهيون ۽ در کلڻ بعد گهر ڌڻي هٿيارن جي زور تي ڪمرن ۾ واڙجي ٿا وڃن ۽ گهر کي ڏينهن ڏٺي جو ٻهارو اچي ٿو وڃي. اڳي منهنجو يار جيڪو اڳي ٿورڙن ڪمانين جو ڪماني هيو سو هاڻ سموري سنڌ جو ڪماني آهي ، متان انهيءَ کان ڪجهه ڪري ڀانئين ڇو جو هو ويچارو درويش صفت ته اڳيئي هيو، پر هاڻي بيوسيءَ ۾ هٿ مهٽي ٿڌا شوڪارا پڪ سان ڀريندو هوندو. مجذوب ايترو چئي اٿي کڙو ٿيو ۽ بنان موڪلائڻ جي هليو ويو.

ڀانيان ٿو ته مونکي به ٿورو گهڻو مجذوب ڪري ويو آ، ڇو جو وڦل جي عادت مون ۾ به پوندي پئي وڃي. ڏسان ته هن قصي ٻڌڻ کان پوءِ اوهان جا ڪهڙا حال ٿا ٿين. ۽ اوهان ڇا ٿا ڪريو؟ آئون ته ڀانيان ٿو ته هاڻي سموري سنڌ جا ماڻهو اهڙيون مجذوبيت واريون خبرون ڪندا هوندا. ڇو جو سموري سنڌ ۾ ڪمانين جي ڪرسين تي“ ملوڪيت ” ويٺل آهي ۽ اها ملوڪيت نه ٿي پاڻ ئي پنهنجي موت مري ۽ نه ئي ٿي وري منجو ڇڏي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو