Home / اسپيشل افيئر / سنڌ جو مستقبل سنڌ جي ڳوٺن جو منظر نامو
above article banner

سنڌ جو مستقبل سنڌ جي ڳوٺن جو منظر نامو

Amir Bux Sharهن ڀيري جڏهن اونهاري جون موڪلون ٿيون ته ننڍن ٻارن گهر ۾ اچي ٻَڙڌَڪ وڌو ته هلو ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن گهمڻ ۽ موڪلون ملهائڻ هلون. روئڻهارڪو ٻوٿ ڪندي ويجهڙ ۾ ئي ٻارن جي ماءُ جو عمري تي مديني ۾ کوڙ سارا پئسا ڳاري اچڻ جو بهانو بنائي ڳالھه کي ٽاريندي ڏٽو ڏِنُو مانِ ته ڇو نه هن ڀيري موڪلن ۾ ڳوٺ هلجي، جتي جا وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، ماڻهو مال توڙي ٻنيون ٻارا الائي ڇو مونکي به ڏاڍو ٿا ياد اچن. ۽ اوهان ٻارن جا به ٻاروتڻ جا اهي يار جن سان اٽي ڏڪر، بلور ۽ لڪ لڪوٽي رانديون کيڏندا هيئو سي به اوهان کي ياد ڪندا هوندا. الائي ڪيئن پاڻ وارو اهو ڌُڪو ٻارن کي به دل سان لڳو ۽ چوڻ لڳا “واھ واھ پوءِ ته اسان هڪ جيڏن سان ڪرڪيٽ کيڏي ڇڪا چئونڪا به هڻنداسين”.

ڪرڪيٽ ۽ ڇڪن چئونڪن واري اکر تي ٿورو وائڙو ٿيس،۽ سوچڻ لڳس ته هاڻي اسان جي ٽهيءَ جون رانديون ، اٽي ڏڪر، گابڙي، منڊڪ، ونجھه وٽي، تِري ٻيلهاڙو، ٻيلهاڙو، ملھه ڪوڏي ڪوڏي، لاٽونئڙو، بلور ڪيڏانهن ويون جو انهن مڙني جي جاءِ اچي ڪرڪيٽ والاري آهي. پوءِ جلدي مٿي کي جهٽڪو ڏئي انهيءَ سوچ مان نڪرندي ٻارن کي چيم پوءِ جڏهن دل چئيوَ تڏهن هلون۽ نيٺ سمورن گهر ڀاتين جي هنگامي اجلاس ۾ طئي ٿيو ته رمضان شريف جا آخري پندرهن ڏينهن ڳوٺ گذاربا. گهر ڀاتين جي اجلاس ۾اهڙو فيصلو ٿيندي ئي دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو هيس، ڇو جو مون پنهنجي حياتيءَ جي پوري اڌ صدي انهيءَ ڳوٺ ۾ گذاري هئي، جتي جي ماڻهن ته ٺهيو پر وڻن ٽِڻن ۾، ڪکن ڪانن ۾۽ گهٽين گهيڙن ۾ به جهڙوڪر منهنجو جو ساھ هيو.

۽ جڏهن رمضان جي مهيني جا آخري پندرهن ڏينهن ڳوٺ گذارڻ لاءِ اسان جي لڏي جي مَڏي ڏاڏاڻي ڏيھه ڏي هلي هئي ته سوچيندو پئي ويس ته کوڙ سارن ورهين پڄاڻان اباڻي ڳوٺ ۾ وڃي راتيون رهڻ جي ڪري جهونن يارن سان وڏا ڪچهرا مچندا،ٻاروتڻ واري سنگت جون ٻاروتڻ واريءَ وهيءَ جون تاڙيون ۽ ٽهڪ گونجندا. اوطاقن جي ٿَلهن تي ڇٽڪارون ٿينديون، رات جوڏکڻ جي ٿڌڙين هيرن ۾ هڪٻئي کي ڳجهارتون ڏبيون ۽ ڀڃبيون، ڏور ۽ هنر جا بيت ڏبا ۽ وٺبا، هڪجيڏن سان پڪا چرچا ڪري کِلي کلي پاسي ڀَرِ ڪِري پئبو.

پر جڏهن ڳوٺ جي ويجهو پهتا هياسين ته پري کان ئي ڳوٺ جي دنيا بدليل نظر آئي هئي، سرينهن، نمن، گدامڙيءَ ، ٻٻرن، ٻيرين ۽ انبن جي باغن جا وڻ جيڪي اڳي سموري ڳوٺ جي ڇانو، ڍَڪُ ۽ جهڙوڪر لوڙهو بڻيل هيا جنهن ۾ سمورو ڳوٺ لِڪل هيو، سي سڀ وڍجي چُڪا هيا، ( سوچيم شايد ڳوٺاڻن بُک ڀَڄائڻ لاءِ اهي وڻ وڍي اٽو ٻاٽ ورتو هجي ،پر پوءِ خبر پئي ته دادلن پُٽن جا موبائل ٻڪريون ٺِڪريون ۽ ٻيو مال متاع کائي ويا هيا) ۽ پري کان سمورو ڳوٺ اگهاڙو اگهاڙو پئي نظر آيو، اهڙو اگهاڙو جنهن جي لکڻ لاءِ لفظ نه هجن ۽ جڏهن ڳوٺ ۾ داخل ٿيا سين ته گهرن جي گهٽين ۽ اروُڙِين تان وٿاڻ جي ڀاڻن جا وڏا وڏا ڍِڳ جيڪي اڳي گهرن جي پردي لاءِ ڏيڍين جو ڪم ڏيندا هيا ،سي گم ڏسي هيانءُ ۾ وڍ پوڻ لڳا هيم. سوچيو هيم ٿي سگهي ٿو ته ڳوٺ جي ماڻهن ڀاڻ وِڪيو هجي، ٻنين ۾ وِڌو هجي يا مورڳهين غربت ۽ بُک جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ مينهون، ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون کڻي وِڪيون هونديون.

August 31, 2014   20

۽ پوءِ هڪڙي ڳالھه ته مورڳهين حيران ڪري وڌو جو هونئن ته ڳوٺ ۾ جيڪر ڪوئي مهمان يا ڳوٺ مان شهر لڏي وِيل ماڻهو موٽندو هيو ته سموري ڳوٺ ۾لڪڙ تار هلي ويندي هئي، هرڪو ڪم ڪار اڌ ۾ ڇڏي ڊوڙندو ايندو هيو ۽ اڳلي کي ايڏيءَ ته اُڪير مان ملندو هيو جو ڀانءِ جيڪر اڃا ٻه ڏينهن نه ڏِسيس ها ته هينئون ڦاٽي پويس ها، پر هن ڀيري قصو ابتڙ هيو، هرڪو پنهنجيءَ ڪرت سان هلندو ٿي ويو، رڳو جنهن جي ساڻن اک ٿي مِلي سو لڙي ٿي آيو ۽ سو به سکڻو هٿ ڏئي اهو چوندو هليو ٿي ويو ته ٿورڙو ڪم لاهي پوءِ اچان ٿو.

ٻار ته ٻار هيا سي ته هڪجيڏن جي ڳولا ۾ ڳوٺ ۾ ڪاهي پيا هيا، باقي اسان ٻنهي پنهنجي پراڻي گهر جي ڇنڊ ڦوڪ ڪئي، کٽون ڪڍيونسين، ڪنڀارڪو دِلو ڳولي نلڪي تان ڌوئي ڌامولي پاڻي ڀري اباڻي اوطن جي مٽيءَ جو پاڻي پي خوش ٿي کٽن تي بالم بڻجي ويٺاسين. پر هجئون ٻه ئي ٻه ۽ رڳو ويٺاسين ڪونه سوچي سمجهي هڪ ٻئي کي چيوسين به ته ڪلاڪ ڏيڍ جي انهيءَ عمل ۾ ساڳئي گهر جي ٻئي حصي ۾ رهندڙن کي ٽي ويءَ تان هلندڙ فلم مان واندڪائي ئي ڪونه ٿي مِلي جو خالي کيڪار ئي ڪن. ( ۽ جڏهن فلم ختم ٿي ته سکڻو هٿ ملائي هرڪو هليو ويو)

ڏينهن لڙئي جو ٽنگون ساهڻ ۽ پراڻي سنگت سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪتس، ۽ سمورن ڳوٺاڻن جي ٿَڪ ڀـڃڻ ۽ واندڪائيءَ ۾ ڏک سور اورڻ توڙي مرڻي پرڻي ۾ اجهي جو ڪم ڏيندڙ اوطاق جي پڌر تي مٽيءَ جا مڻ هيا، ايئن لڳو ته الائي ڪيترن ڏينهن کان هن اوطاق ٻهاريءَ ۽ ڇڻڪار جهڙي ڪا شيءِ ڪانهي ڏٺي، ورانڊي ۾ ڀتين تي ڄارا ڄميل هيا( جيڪي عام طور تي پاڻ وٽ نڀاڳ جي نشاني سمجهيا وڃن ٿا) ورانڊي جي پڌر تي پان ۽ گٽڪن جون ايتريون ته پچڪاريون لڳل هيون جو ڀانءِ راڳو ڪيل هجيس، باٿ روم جي بدبوءِ پري کان ئي نڪ ۾ پئي ڀونڀاٽ ڪيا. ٻه ڇنل کٽون اڳتي پوئتي ٿيل هيون. بدبوءِ جي ڪري اتي ويهڻ مناسب به ڪونه هيو سو ماٺڙي ڪري هڪڙيءَکٽ کي پُٺا ڏنم ۽ سامهون بيٺل سُک چين جي وڻ هيٺان رکي واڏڻ ڇڪي ويهي جهونن يارن جي ڳولا شروع ڪيم. ( پوءِ خبر پئي ته ڳوٺ جي چئني پاڙن جي اوطاقن جو به اهڙو ئي حال هيو)

ڳوٺ جا مٿي اگهاڙا جوانڙا ڪنن ۾ موبائل فون جون تارون وجهي هيڏانهن هوڏانهن پئي هليا. هڪڙي کي ٻن کي سڏيم ، پر مُڙس موبائلي ڪچهريءَ جي هڻ وٺ ۾ سُرت ۾ ئي ڪونه هيا. نيٺ هڪڙو ڪو لڙي آيو، ته وات سان ايئن ڳالهائي پيو جيئن لالو کيتي ماڻهو وات ۾ پان وجهي پوءِ ڳالهائين. کيس ڳوٺ جي سمورن جهونڙن کي سڏڻ لاءِ چيم ۽ ڪلاڪ اڌ ۾ ٽي همراھ سهڪندا اچي پهتا، باقي ڪل پيران دا خير هو. انهن ٽن ۾ هڪڙو ڪامورو جيرام هيو جيڪو مون جيان رٽائر ٿيڻ وارو هيو، هڪڙو رٽائر ڪمدار باگهو هيو ۽ هڪڙو رٽائر هاري کنگهار. معنيٰ ته اسان چئن ڪم ڪار کان ويهي ويل يارن جي ڪچهري شروع ٿي. ۽ ڪچهري ڇا هئي بس، ٿڌا شوڪارا هيا ۽ شوڪارا ڀريندي “هل اهي ڀي ڏينهن هوندا هيا ”جون يادون هيون يا ورد هيو.

شام ٿيندي ئي وڌيڪ جونڙا ظاهر ٿيڻ لڳا، پر اسان سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ بجاءِ ٽولين ٽولين ۾ ڳوٺ جي پڪي رستي تي ويهندا پئي ويا. دنيا جهان کان بي نياز، سنڌ جي سورن کان بي نياز، مِٽن مائٽن جي سورن کان بي نياز، هٿ ۾ يا ڪن تي موبائل فون، ميسيجن ۽ پيڪيجن جا قصا، عشقن جا قصا پر مڙس پنهنجيءَ ڌُن ۾ مگن هجن.. تنهن تي جيرام کان پڇيم “ادا هي ڇا آهي”؟. هو ٿورڙو مسڪرايو ۽ چوڻ لڳو “ادا اهي ٺري جون محفلون اٿئي، هاڻ پري کان ويٺو ڏِس هرڪنهن جوانڙي جي سُٿڻ جي ور مان ڪيئن ٿي ٺري جي ٿيلهي نڪري”. چيم “ڀلا اهو ٺرو ڪٿان ٿو اچي”؟ چوڻ لڳو “اهو نه پُڇ ته ڪٿان ٿو اچي ۽ ڪير ٿو ٺاهي پر اهو پڇ ته ڪهڙو ڪونه ٿو ٺاهي. ادا هتي ته هاڻي ڳوٺ ڳوٺ ۾ گهر گهر ۾ مَٽ ته ٺهيو پر ٺري جون ناديون ٿيون ٺهن”. چيم “پوءِ هي سرڪار جو نشي روڪ کاتو۽ ڪاري ٽوپي ڪهڙي مرض جي دوا آهن”. تنهن تي ڪمدار باگهي وراڻيو “ انهن کي پنهنجي پَتي ملي پئي پوءِ ڇو ڪنهن جي کنئوس ڪندا”.آئون پنهنجي ڳوٺ جي جوانڙن جي جواني لُٽجندي ڏسي ۽ ٻُڌي خلائن ۾ گهورڻ لڳس ته “ کنگهار وڏو کنگهڪارو ڪندي چيو تون سوچيندو هوندين ته پوءِ اسان اڇين ڏاڙهين وارا ڪهڙي مرض جي دوا آهيون جو ڇورن کي تڙ ڀِيڙ ڪونه ٿا ڪريون”. چيم“ کنگهار تنهنجو اندازو صحيح آهي مون اهو ئي پئي سوچيو”. کنگهار کلي وراڻيو “ هاڻ ته ڇورن ۾ نه وڏ ننڍائي رهي آ ۽ نه وري اڇن وارن جو ادب، ٿورو گهڻو چئه ته مورڳهين اُلڙيءَ ڪهاڙيءَ جيان ٿا اچن. وڙهندي به دير ڪونه ٿا ڪن، تنهنڪري اسان ٽنهي مَڙهن او هُن هرجيءَ جي چڪيءَ آڏو بيٺل هيڪلي نم هيٺان پنهنجو تڏو وڇايو آهي ، اتي ويٺا ڪچهري ڪندا ۽ رڳو ننڍي پود جي اُٿ ويھه، وات سان چاٻا ڏئي ڳالهائڻ( 2100 جي ڪري) ۽ ٺري جي نشي ۾ حرڪتون ڏسي ٿڌا شوڪارا ڀريندا آهيون ٻيو ڪجھه به نه”.

ٻئي ڏينهن صبح جو به اسان چئني گڏجي ڊگهو پنڌ ڪيو هيو، اهي هاڻي پرايون ٿي وِيل ٻنيون گهميون جتي اسان توڙي اسان جي ابن ڏاڏن ڌرتتيءَ جو پورهيا ڪيا هيا ۽ پنهنجو رت ولوڙيو هيو. سج جڏهن ڪانو کن چڙهيو هيو ته ڳوٺ جي اسڪولن جي چڪر تي وياسين. اسان حيران هياسين ته پرائمريءَ کان وٺي هاءِ اسڪولن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ٻار هيا ۽ ماسترن سميت ٻيو عملو ڪَن ڪڍيو ويٺو هيو. ٻارن جي پڇا ڪرڻ تي جيڪا ورندي ملي تنهن منهنجا ته ڪپاٽ وڄائي ڇڏيا. ڳوٺ جا جملي مسلمان ٻارڙا اسڪول ڇڏي پاڙي ۾ هڪڙي نئين کليل مدرسي ۾ پڙهڻ ويا هيا ، جتي کين ٻن ويلن جي ماني به مدرسي طرفان مفت ملندي آهي، ۽ مائٽن جي مٿي تان به بار لٿو پيو آهي. ڳوٺ جي هندو ٻارن جي اڪثريت وري پاسي ۾ هڪڙي اين جي او جي کوليل اسڪول ۾ وڃي ٿي جتي کين ڪپڙا ۽ ڪجھه رقم به مفت ملي ٿي. اهو به ٻڌائيندو هلان ته انهيءَ مدرسي جو مهتمم ( پگهار کڻندڙ)چڱو مڙس منهنجي ذات جو ۽ ساڳئي ڳوٺ جو ملان آهي ۽ اين جي او جو مالڪ ساڳئي ڳوٺ جو هڪڙو ميگهواڙ ڇوڪرو آهي.

مون واري سنگت ته اڳي ئي اهو لقاءُ ڏِسيو ويٺي هئي پر منهنجا ته ٺَپَ ئي ٺَري ويا هيا. ڏک ، افسوس ۽ ڪاوڙ ۾ هٿ مهٽيا هيم، ڪنڌ کي ڌوڻا ڏنا هيم . پر قصو هضم ئي ڪونه پئي ٿيو، ٿئي به ڪيئن جنهن ڳوٺ جي پنجن کان ڏهن سالن واري سموري ٽهي مدرسن ۽ نقلي اسڪولن ۾ هجي ۽ يارهن کان ويهن سالن واري ٽهي وري موبائل، ٺرو، ڊش، ايڪويھه سئو، گٽڪو ۽ ٻين الائي ڪهڙن خفن ۾ هجي انهيءَ ڳوٺ جي ڪنهن سوچيندڙ ماڻهوءَ لاءِ اهي وڏيون آفتون نه هونديون ته ٻيو ڇا هوندو. انهيءَ جي ڪري هيءُ هڪڙي ڳوٺ جو منظر چٽيو اٿم، جيڪو منهنجو اباڻو ڳوٺ آهي، جنهن جي جوانن کي تباھ ٿيندو ڏسي اندر ۾ وڍ پوندي لکيو اٿم. ۽ الائي ڇو اهو به يقين اٿم ته سموريءَ سنڌ جي ڳوٺن جي نوجوانن جي حالت هن ڳوٺ سان مشابهت رکندي هوندي، ٺرو، 2100 گٽڪو ۽ ٻيا الائي ڪيترا نشا جوانن کي ڳڙڪائيندا هوندا. مهمان نوازي، رواداري، نياڻيءَ سياڻيءَ جو ادب ۽ وڏ ننڍائي ته الائي ڪيڏانهن ويون هونديون، هاڻ ڊش ۽ موبائل ڪلچر جي دور ۾ چورين ۽ ارھ زوراين جا قصا عروج تي هوندا.

اسڪولن ۾پڙهايون هونئن ئي پوريون آهن مٿان وري ٺيڪ ساڳئي ٽائيم تي غربت وڌڻ ۽ اوڙي پاڙي ۾ ڌڙا ڌڙ مدرسا کلڻ سبب ماڻهو ٻن ويلن جي لالانگهي تي ٻارن کي اسڪولن مان ڪڍي مدرسن ۾ موڪليندا رهندا ته مستقبل جي روادار سنڌ جو منظر نامو ڪهڙو بيهندو. انهيءَ تي ڏاڍو سوچيو اٿم پر ڳالهه ڊول ۾ ويهي ئي ڪونه ٿي. مون وارن جهونن سنگتين کي به لوٽي کان اُٻنگ ڳرو ٿو لڳي ( هونئن به هو ٽئي هندو هئڻ جي ٺپي هيٺ ڳالهائڻ کان چپ سِبيل رکڻ چاهين ٿا). منهنجي دل چوي ٿي ته افيئر جي پڙهندڙن ۽ سُڄاڻ سنڌين جي آڏو هيءَ سوال اٿارجي يا ڪو بحث ڇيڙجي ته مستقبل جي اسان واري سونهاري سنڌ ،ايڪويهين صديءَ ۾ دنيا جي ٻين ملڪن آڏو ڪٿي ٿي بيهي ۽ جي ڪنهن اَڻائيءَ جاءِ تي ٿي بيهي ته اسان هيٺئين، وچئين ۽ امير طبقي جي پڙهيل ماڻهن کي سنڌ کي اَڻائيءَ جاءِ مان سَڻائيءَ جاءِ تي آڻڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ۽ ڪهڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو