Home / اسپيشل افيئر / شهري سنڌ جو ڪيس!
above article banner

شهري سنڌ جو ڪيس!

Irshad Memonيادگيري دوکو نه ڏئي ته دستاويز ذهن تي تري اچي- سنڌ جي تعليمي تاريخ. ويچار اهو ته ڪتاب يا ان جو حوالو اسڪول واري زماني ۾ سامهون آيو. هجي سگهي ٿو ته اهڙي عنوان سان ڪوئي مضمون يا درسي سبق پڙهيو، هئم، ايترو سو دماغ منجهه ته هن پرڳڻي جو پهريون انگريزي اسڪول 1850ع جي ڏهاڪي هلندي ڪراچيءَ، ترت پوءِ شڪار پور ۽ ستت اسان جي ڳوٺ ڀريا ۾ قائم ٿيو يا ٿيا. ٽئي ادارا برٽش سرڪار جي پير ڄمائڻ جي ويهارو سالن اندر علم پکيڙڻ شروع ٿي چڪا. علي ڳڙهه بعد جي ڪهاڻي آهي. مسلم مائينڊ سيٽ، سنڌ ۾ شدت سان عمل هيٺ هو. باقي انڊيا جي نسبت هڪڙو فرق ضرور هو. هندو ۽ مسلمان برادري وٽ مادري ٻولي، سنڌي جو قدر برابر برابر چئجي. ان وقت تائين تيرهن صديون گذري چڪيون جو اٽڪل سمورو عرصو عربي ۽ فارسي جو راڄ رهيو. انهن زبانن کي مذهبي تقدس ۽ پاڪائي جو ٽيڪو پڻ هئو. گهڻو تڻو زراعت سان واڳيل ۽ ٻهراڙين ۾ وسندڙ سنڌ جي مسلمانن تنهن هوندي به ماءُ جي لولي، سنڌي جو پلئه ڪين ڇڏيو. اتر هندستان جي مسلم آبادي جي ابتڙ، جن سنسڪرت يا هندي جي مقابلي ۾ ڪاهي آيل لشڪرن جي ٻولين فارسي، عربي کي پنهنجو ڪندي، مقامي لفظ منجهن سلهاڙيا، نئون ڳار تيار ٿيو، جنهن کي اردو ڪوٺيائون.

ڪيميادان واقف آهن ته محلول، مڪسچر ۾ جذب ڪرڻ جي الاهي طاقت هجي ٿي. اردو ۾ آسپاس جي محاورن کي هضم ڪرڻ جي سگهه تڏهن چئجي. سنڌ ۾ ٻاهرايان ڪٽڪ ڌو ڪيندا پهتا. مذهب جي تبديلي جو واقعو پيش آيو. حڪمرانن جي گهرج آهر عربي ۽ فارسي ۾ ڪم پيو. دهلي ۽ ڀرپاسي جي علائقن منجهه جيئن مسلمانن هندي جو پاسو ڇڏيو، هتان جي مسلم گهڻائي سنڌي مان هٿ نه ڪڍيا. ٻولي، هزار ورهين کان سرس ڏکيو سمئه گذاري بچي وئي. تان ۽ جو انگريزن جو جرمن ٿرمپ اچي باقائدي لپيون مهيا ڪيس. نوٽ ڪرڻ جوڳي ڳالهه ته شاعري ڪنهن به خطي جي ادب جي پراچين شڪل آهي. اتر هندستان ۾ ڄاڻايل عرصي دوران، ڪلاسيڪي نظم اتان جي اصلوڪي زبان بدران فارسي ۽ اردو ۾ ملي ٿو. سنڌ ۾ سا صورتحال نه رهي. هتي سرجندڙ شاعري جو رجحان سنڌي ۾ ئي رهيو. شاهه لطيف ۽ ٻين جو ڪلام مثال طور ڳڻائي سگهجي ٿو. ٻئي طرف مير ۽ غالب جا نالا آهن.

August 15, 2014   42

مٿين پٽاڙ جي ضرورت ڇو پئي؟- هاڻوڪن ڏينهن ۾ لاڳيتو سنگتي ڊاڪٽر سلمان شيخ جا مختصر پر جامع ويچار مطالعي ۾ اٿم. سنڌ ۾ اڄڪلهه مڊل ڪلاس جو محاورو جام ٿو سڻجي، آءُ مارڪسي فڪر جي سمجهه ڪتب آڻيندي ڄاڻڻ ٿو چاهيان ته اسان جي معاشري ۾ وچولي طبقي ڇاڪاڻ دير سان ۽ سو به فطري نموني نه، جنم ورتو. پڌرو ٿو چئجي، باوجود ڪجهه ماٺاين جي هتي مذهبي تضاد تکائي گاڏڙ ڏيک ڏيندو رهيو آهي. هينئر پاڻ جنهن مڊل ڪلاس جو نانءُ کڻي رهيا آهيون تنهن مان مراد مسلم، مسلمان مڊل ڪلاس وٺبي. ننڍي کنڊ ۾ انهي طبقي جو وجود انگريزي زبان سکڻ ۽ ان ٻولي ۾ پرايل باقي تعليم سان مشروط چئجي. جديد ڪلاس اسٽرڪچر پوئين ٻن صدين جو فصل آهي، جن اندر دنيا صنعتي، انڊسٽريل ٿيڻ ۾ عروج ماڻيو. دلچسپ معاملو ڪوٺجيس. اڍائي سئو سال اڳ برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني جڏهن هندستاني شهر ڪلڪتي ۾ قدم رکيو، تڏهن اهو ڌرتي جي گولي تي وڏي ۾ وڏو صنعتي مرڪز هئو. ٻاڦ تي چرندڙ مشين ايجاد ٿي چڪي. انڊسٽريل دور جو ابتدائي ڀاڱو لکجيس. يورپ اونداهي زماني کي ڪڏهوڪو پوئتي ڇڏي اڳتي وڌي آيو.

اتر انڊيا ڏانهن جنهن تازي هوا جو رخ چئجي، سنڌ تنهن کان وانجهيل گهٽ ۽ ٻوساٽ جو شڪار هئي. ايندڙ پنج ڏهاڪن پڄاڻان نائو مل جي غداري (يا محب وطني!؟) ڪارڻي انگريز ڪولاچي ڪناري لنگر انداز ٿيو. اصولي طور هندستان جي هماليه جي ڀڪ وارن علائقن نسبت هن پرڳڻي ۾ هندو ۽ مسلم، ٻنهي آبادين ۾ مڊل ڪلاس جي اڀار ۾ اڌ صدي يا اڃا گهٽ ورهين جو تفاوت هجي. پر ايئن ڪو نه ٿيو. عربي، فارسي سان مذهبي بنيادن تي ويجهڙائپ هوندي پڻ سنڌي مسلمانن وٽ انگريزي لاءِ ايڏا بغض سندا جذبا ڪين هئا جيئن باقي انڊيا ۾ نظر آيو. ٻئي طرف برٽش گورنمينٽ انگلش سان ٻٽ سنڌي کي به دفتري زبان جو درجو ڏئي ساڳين اسڪولن ۾ ٻنهي ٻولين منجهه تعليم جو رواج وڌو. هندو واپاري، سيٺ اهڙين درسگاهن ڏانهن پنهنجا ٻار موڪلڻ وقت اڳرو ثابت ٿيو. نوڪريون وٺي برطانوي سرشتي جي سيوا مست ٿي ڪرڻ لڳو. مسلمانن جي علم حاصل ڪري، چاڙهو پائڻ جي هرو ڀرو مخالفت ڪين ڪيائين. البت سندس ترقي ڪاڻ پڻ لڳ ڀڳ ساڳي فڪر مندي هئس جيتري پنهنجي اوڙي پاڙي، ڪميونٽي لاءِ ٿي رکيائين. ديوان ڪوڙي مل پارا تعليمي ماهر سنڌ جي هر ڳوٺ، واهڻ ۾ اسڪول کوليندا ۽ منجهن ٻارن، خاص طور نياڻين کي داخل ڪرڻ جي تلقين ڪندا رهيا. هن جهڙن انسانن ڪري ئي هتي ايجوڪيشن جو گهڻو سڌريل ڍانچو ملي ٿو. جتي بنا مت ڀيد جي علم جي لاٽ عام ڪرڻ جا شاندار مثال قائم ٿيا. ورهاڱي بعد تنهن نظام کي اسان خود، مسلم گهڻائي مليا ميٽ ڪرڻ ۾ ڪسر ڪا نه ڇڏي.

هندو- مسلمان ٽڪراءُ جي موجودگي کي ڇا اڪيلو عنصر سڏجي جنهن ڪارڻ سنڌ ۾ مڊل ڪلاس يعني مسلم مڊل ڪلاس جي پيدائش دير سان، گهڻو پوءِ ورهاڱي پڄاڻان، ذوالفقار علي ڀٽي جي کنيل قدمن سبب ۽ سا به تڪڙي ۽ کوڙ حد تائين غير فطري نموني ٿي؟- سوال آهي جيڪو راوي ۽ ڊاڪٽر سلمان وچ ۾ هفتن کان بحث هيٺ رهندو اچي. سنڌي مسلمانن جي پراڻي، مدي خارج زرعي سرشتي ۽ لاڳاپيل فيوڊل ٽڪساٽ جي گپ ۾ ڦاٿل هئڻ کي پڻ ڳڻائجي؟ ڪجهه به هجي. اتر هندستان جي ڀيٽ ۾ هتي ان طبقي جي اوسر ۽ ڪلاس اسٽرڪچر جي تصوير چٽي ٿيڻ سندي مرحلي کي پنج ڇهه ڏهاڪا پوئتي ڄاڻجي. سنڌ ۾ وري هندو ڪميونٽي منجهه وچولي ڪلاس جي هوند مسلمانن جي مقابلي ۾ هڪ صدي اڳ کان ملندي. سماجي سطح تي، گڏيل انداز ۾ ڳالهائيندي، ڇڙو ڇڙ ۽ اڪيلن ماڻهن جي ڪيس کي نه ڳڻبو. چند آدمي سن اڻويهه سئو کان پهريائين ۽ ترت پوءِ مسلم آبادي ۾ به پڙهي لکي پيا. سرڪاري خدمتون سر انجام ڏنائون. انگريزن کان لقب، سندون ورتائون. اهي پر، هڪ پوري،مڪمل مڊل ڪلاس جا سر پئنچ ڪين هئا. معاشرتي، سياسي منظر نامي تي ان طبقي ۽ مسلمانن منجهان تنهن ڪلاس پنهنجي وزن، موجودگي جو ڀرپور نموني جيڪڏهن تجل ڏيکاريو سو هاڻ بلڪل، ٽيهه چاليهه ورهيه گذريا هوندا، 1975ع کان بعد.

ذوالفقار علي ڀٽي حڪومت پاران آندل سڌارا. تعليم مفت ۽ عام. مٿي پڙهڻ جا انيڪ موقعا، ڪوٽا سسٽم. اڻکٽ آساميون. انڊسٽري. بزنس. روڊ رستا، بجلي ۽ ٻيو انفرا اسٽرڪچر. جهنگ جا رهائشي سنڌي مسلمان لکين جي انگ ۾ ، نهايت تيزي سان نيم شهري ۽ پوءِ اربن زندگي جا مزا ماڻڻ لڳا. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جو رخ ڪيائون. مستقل آباد ٿيڻ ڪاڻ. سوشيالوجي جي ماپن تحت اها ترقي فطري نه چئجي. جنهن حال ۾ پاڻ رهندا آيا آهيون ۽ اڃا رهون پيا، تنهن طرح جي اونداهه مان ڪنڌ مٿي کڻي سورج جي منهن سامهون ٿيڻ خاطر فردن ۽ معاشرن کي بي انتها ڏورڻا ڏيڻا پوندا آهن. جڳ ۾ ڪيئي مثال موجود آهن. پوءِ وڃي جٽادار ۽ ڦلائتي اوچائي نصيب ٿيندي آهي. نئين زماني ۾ پر، سنڌي ماڻهن کي جدت کان ڏور ۽ ايترو وقت، گهٽ ۾ گهٽ هڪ صدي، پوئتي ڇڏي ڏيڻ، رکڻ يا سندن رهجي وڃڻ پڻ ساڳيو ئي غير انساني، غير فطري ۽ سماجي متن موجب نه، لقاءُ سڏجي. سچ ان کي به قبولڻ کپي ته ڪوٽا سسٽم ڏيڍ سئو سالن کان برٽش سرڪار جي رائج ڪيل معيار، ميرٽ واري ڍانچي جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا. مٿان وري ناجائز سياسي اثر رسوخ ، ٺيڪيداري، ڪرپشن ۽ ڦر مار سندي جهان نه فقط تعليم حاصل ڪرڻ کي غير لاڀائتو فعل بڻائي ڇڏيو آهي. گڏوگڏ، ڪنهن به ريت جنم ورتل مڊل ڪلاس کي سندس معاشرتي ڪردار ادا ڪرڻ کان جڏو ڪري ڇڏيو آهي. سوسائٽي ۾ هينئر ٻئي قسم جي ڊوڙ آهي. اڻ صحتمند، هر قيمت تي ڏوڪڙ ميڙڻ واري. جٽ ۽ گهٽ پڙهيل منش وڌيڪ سکيا ستابا آهن. لائق آدمي ٺوڪرن ۾. ايندڙ پود آڏو علم پرائڻ اجايو خفو ٿيندو وڃي.

موضوع ڏنهن ورندي، اوهان کي ياد ٿو ڏيارجي. 47ع ۽ پهريائين. اتر انڊيا ۽ اهي علائقا جتي مسلمان ٿورائي ۾ هئا تن وٽ نئين امڪاني رياست پاڪستان طرف جهڪاءُ ۽ نتيجي ۾ لڏ پلاڻ، هجرت نظرياتي، مذهبي جوش، جنون وارا پهلو رکندڙ هئا. مسلم اڪثريت سانڍيندڙ صوبن، جيئن سنڌ، ۾ وسندڙ هندن، سک اقليتن سان تهڙي نوع جي ڪيفيت لاڳو نه هئي. ڀارت جي سڃاڻپ ڌرمي ٿنڀن تي نه پر سيڪيولر روپ ۾ قائم ٿيڻي هئي. بعد ۾ جن علائقن تي پاڪستان مشتمل ٿيڻو هئو، انهن مان غير مسلمان آبادي جي ٽپڙ کڻڻ جا مکيه ڪارڻ مسلم گهڻائي جو ساڻن عناد سندو رويو، هٿ کس، بلادڪاري ۽ قتلام جا واقعا پيش اچڻ هئا. سنڌ ۾ هندو جي روانگي کي ان پسمنظر ۾ نهارڻ جي گهرج آهي. هو هاڻوڪي انڊيا کي هندو اسٽيٽ سمجهي اوڏانهن ويا يا وڃن پيا، رڳو ايئن ناهي. مسلمان سنڌين جي ساڻن ڪٺورتا سڀ کان اول سبب آهي. منزل گاهه مسجد کان وٺي حديد ۽ ڪشمور ۾ واقع ٿيندڙ ڪيئي جٺيون، بشن گيريون آهن جي اسين هنن سان ڪندا رهياسين ۽ اڃا به ڪري رهيا آهيون.

1941ع جي آدمشماري مطابق ڪراچي جي ساڍا چار لک آبادي ۾ 61 سيڪڙوسنڌي ڳالهائيندڙ هئا. ڪجهه ورهين (1947-51ع) پڄاڻ ساڳيو انگ 8.5 سيڪڙو وڃي بچيو. حيدرآباد جي ڊيٽا مختلف ناهي. مادري ٻولي سنڌي ڄاڻايل سا خلق هندن جي هئي. جا سرحد پار اسهي وئي. خوشي سان بلڪل به نه. زور زبردستي ڪارڻ. ان مسلم اڪثريت هٿان جن وٽ اها غير مذهب ئي سهي. سندس شهري حصو، مڊل ڪلاس هئي. نئين ملڪ ٺهڻ شرط سنڌ جا شهر سنڌين کان خالي ٿي ويا. مقامي مسلمان آبادي منجهه وچولو طبقو اڌ صدي پوءِ اسرڻو هئو. اتر انڊيا کان هجرت ڪري آيل سمورا ماڻهو پڙهيل لکيل، مڊل ڪلاس سان واسطو رکندڙ هئا. اسلام جا پوئلڳ. ڌار زبان ڳالهائيندڙ ۽ اوپرو ڪلچر سانڍيندڙ. ڪراچي ۽ ٻيا شهر وانجها ملين. هو اتي رهي پيا ۽ اتي اڄ ڏينهن تائين وسن ٿا.

مٿيون تفصيل سنڌ جي ڏاهپ روبرو رکڻ ۾ مقصد آهي. وري وري ٻڌائي اسان جي دماغ ۾ اها ڳالهه ويهاري وئي آهي ته سنڌين کان سندن شهر کسيا ويا آهن. ڊاڪٽر سلمان شيخ جي لکيل سٽن جي سير ۽ ساڻس ٿيل ڊگهي مباحثي بعد راوي سمجهي ٿو ته ڄاڻايل جملو ڪلي طور سچائي تي ٻڌل نه آهي. پاڻ کان پنهنجا اربن علائقا ڪنهن ڪو نه ڇنيا آهن. اسان خود خالي ڪرايا يا ڪيا آهن. منجهن سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي جو جيڪو خلا پيدا ٿيو ان کي جڏهن ڀرڻ جوڳا ٿيا آهيون تڏهن اتي والار ٿي چڪي ۽ پنهنجي لاءِ جاءِ جي تنگي پيا ڏسئون. اُگرو، نه وڻندڙ ۽ ڪڙو سچ آهي. ڪراچي هجي يا حيدرآباد، وچ شهري پاڪيٽس، پاڙن بجاءِ ڪنڊپاسي ۾ ننڍيون ننڍيون ڪالونيون ۽ ڳوٺ ٻڏي رهائش اختيار ڪئي. وسنديون جن کي اربن ٿيڻ ڪاڻ اڃا ٻيا پنجاهه سال کپن. دنيا تيستائين ڪيترو اڳتي نڪري ويندي، اندازو لڳائڻ سولو نه چئجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو